× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Sindhi SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 مثل پيدائشخروجاوي سرشتوڳاڻاٽوشريعت جو دوريشوعقاضينروٿ1 سموئيل2 سموئيل1 بادشاهہ2 بادشاهہ1 تواريخ2 تواريخعزرانحمياہآسترايوبزبورمثلواعظراڳيسعياہيرمياہزاريونحزقي ايلداني ايلهوسيعيوايلعاموسعبدياہيوناہميڪاہناحومحبقوقصفنياہحجيءَذڪرياہملاڪيءَ--- --- ---متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١٧ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨٢٩٣٠٣١1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨1 1 1 Sindhi 1954 مثل ١٧ Save Notes ١ [1]سڪل گرهہ صلح سان گڏ بهتر آهي، انهيءَ گهر کان جو عمدن طعامن سان ڀريل آهي، مگر جهيڙو اُن سان شامل آهي.٢ [2]جيڪو نوڪر ڏاهپ سان ڪم ڪار ڪري ٿو سو انهيءَ پٽ تي حڪم هلائيندو جو خواري پيدا ٿو ڪري، ۽ انهيءَ کي ڀائرن سان گڏ ورثي جو حصو ملندو.٣ [3]صاف ڪرڻ جو بوتو چانديءَ لاءِ آهي ۽ کورو سون جي لاءِ آهي: پر خداوند دلين جو پرکڻ وارو آهي.٤ [4]بدڪار ماڻهو خراب ڳالهين تي ڌيان ڏئي ٿو، ۽ ڪوڙو ماڻهو شرارتي زبان ڏانهن ڪن ڏئي ٿو.٥ [5]جيڪو غريبن تي ٺٺوليون ٿو ڪري سو خالق جي حقارت ٿو ڪري: ۽ جيڪو آفت تي خوش ٿو ٿئي سو اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو.٦ [6]اولاد جو اولاد ٻڍن ماڻهن جو ڇٽ آهي؛ ۽ ٻارن جو فخر سندن ابا آهن.٧ [7]عمدي تقرير بي عقل کي نٿي سونهين: بادشاهہ کي ڪوڙ ڳالهائيندڙ چپ انهيءَ کان بہ گهٽ.٨ [8]سوکڙي جنهن کي ملي ٿي تنهن جي نظر ۾ هڪڙو جواهر آهي: جيڏانهن هو ڦري ٿو اوڏانهن هو فتحياب ٿئي ٿو.٩ [9]جيڪو ڪو قصور لڪائي ٿو سو محبت ڳولي ٿو: پر جيڪو هڪڙيءَ ڳالهہ تي پيو پتوڙي سو گهاٽا دوست جدا ڪري ڇڏي ٿو.١٠ [10]جنهن کي سمجهہ آهي تنهن تي ڇڙٻ اهڙو اونهو اثر ٿي ڪري جهڙو ڪنهن بي عقل کي سؤ چهبڪ نٿا ڪن.١١ [11]خراب ماڻهو رڳو فساد ڳولي ٿو؛ جنهن ڪري انهيءَ جي برخلاف هڪڙو سخت قاصد موڪليو ويندو.١٢ [12]مادي رڇ، جنهن جا ٻچا چورايا ويا هجن، سا ڪنهن ماڻهوءَ کي گڏجي تہ ڀلي گڏجي، پر بي عقل پنهنجي بي عقليءَ ۾ هن کي نہ گڏجي.١٣ [13]جيڪو چڱائيءَ جي بدران بڇڙائي ڪري ٿو، تنهن جي گهر کان بڇڙائي ڪڏهن بہ پري نہ ويندي.١٤ [14]جهيڙي جو شروع ٿيڻ اهڙو آهي جهڙو پاڻي ڇوڙي ڇڏڻ: تنهن ڪري جهيڙو ٿئي تنهن کان اڳي تڪرار ڇڏي ڏي.١٥ [15]جيڪو شرير کي سچو ٺهرائي ۽ جيڪو سچي کي شرير ٺهرائي. تن ٻنهي کان خداوند کي نفرت ٿي اچي.١٦ [16]ڪهڙي سبب ڏاهپ کي خريد ڪرڻ لاءِ بيوقوف جي هٿ ۾ قيمت موجود آهي، جڏهن هن کي ڪا سمجهہ ڪانهي؟١٧ [17]دوست هر وقت پيار ڪري ٿو، ۽ ڀاءُ مصيبت جي وقت لاءِ ڄائو آهي.١٨ [18]جيڪو ماڻهو سمجهہ کان خالي آهي سو تاڙي ڏي ٿو ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ جي روبرو ضامن پوي ٿو.١٩ [19]جيڪو جهيڙي جهڳڙي کي پيار ڪري ٿو سو گناهہ کي پيار ڪري ٿو: جيڪو پنهنجو دروازو بلند ٿو ڪري سو پنهنجي خرابي ٿو ڳولي.٢٠ [20]جنهن جي دل بيهودي آهي تنهن کي ڪابہ چڱائي حاصل نہ ٿي ٿئي: ۽ جنهن جي زبان ڏنگي آهي سو نقصان ۾ ٿو پوي.٢١ [21]جيڪو بيوقوف ٻار ٿو ڄڻي سو پنهنجي لاءِ ڏک ٿو پيدا ڪري: ۽ بيوقوف جي پيءُ کي ڪابہ خوشي حاصل ڪانهي.٢٢ [22]خوشيءَ واري دل چڱي دوا آهي: پر شڪستو روح هڏا سڪائي ڇڏي ٿو.٢٣ [23]شرير ماڻهو بغل مان رشوت ڪڍي ڏئي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جا رستا اُبتا ڪري ڇڏي.٢٤ [24]ڏاهپ انهيءَ جي منهن جي اڳيان آهي جنهن کي سمجهہ آهي: پر بي عقل جون اکيون زمين جي ڪنارن تي آهن.٢٥ [25]بي عقل پٽ پنهنجي پيءُ جي لاءِ ڏک آهي، ۽ جنهن ڄڻيو اٿس تنهنجي لاءِ ڪَڙاڻ آهي.٢٦ [26]سچن کي سزا ڏيڻ بہ چڱو نہ آهي، نڪي شريفن کي سندن سچائيءَ لاءِ مارڻ.٢٧ [27]جيڪو علم وارو آهي سو ٿورو ٿو ڳالهائي: ۽ جيڪو ٿڌي طبيعت وارو آهي سو سمجهو آهي.٢٨ [28]بي عقل بہ جڏهن ماٺ ڪري ٿو تڏهن ڏاهو شمار ڪيو وڃي ٿو: جڏهن هو پنهنجا چپ بند ڪري ٿو تڏهن سياڻو سمجهيو ٿو وڃي.Sindhi 1954 Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962 Sindhi 1954 مثل ١٧ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/proverbs/017.mp3 31 17