× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Dagbani Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Sindhi SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 مثل پيدائشخروجاوي سرشتوڳاڻاٽوشريعت جو دوريشوعقاضينروٿ1 سموئيل2 سموئيل1 بادشاهہ2 بادشاهہ1 تواريخ2 تواريخعزرانحمياہآسترايوبزبورمثلواعظراڳيسعياہيرمياہزاريونحزقي ايلداني ايلهوسيعيوايلعاموسعبدياہيوناہميڪاہناحومحبقوقصفنياہحجيءَذڪرياہملاڪيءَ--- --- ---متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ٢٥ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨٢٩٣٠٣١1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨1 1 1 Sindhi 1954 مثل ٢٥ Save Notes ١ [1]هي بہ سليمان جا مثل آهن، جي يهوداهہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ماڻهن نقل ڪيا.٢ [2]اهو خدا جو جلال آهي تہ ڪا شيءِ لڪائي: پر بادشاهن جو فخر انهيءَ ۾ آهي تہ ڳالهہ ڳولي ظاهر ڪن.٣ [3]آسمان جي بلندي ۽ زمين جي اونهائي، ۽ بادشاهن جي دل جو حال ڳولي لهڻ جو ئي نہ آهي.٤ [4]چانديءَ جو مٺ ڪڍي ڇڏڻ سان، سوناري لاءِ هڪڙو باسڻ نڪري ظاهر ٿئي ٿو.٥ [5]شرير ماڻهوءَ کي بادشاهہ جي حضور مان ڪڍي وڃ، تہ سندس تخت سچائيءَ جي ڪري قائم رهندو.٦ [6]بادشاهہ جي حضور ۾ اڳرائي ڪري پاڻ کي پيش نہ ڪر، ۽ وڏن ماڻهن جي جاءِ تي نہ بيهہ:٧ [7]بهتر ائين آهي تہ توکي چون تہ اڳيان وڌي اچ، انهيءَ کان تہ جنهن بادشاهہ کي تنهنجن اکين ڏٺو آهي تنهنجي حضور ۾ توکي هيٺ ويهارين.٨ [8]تڪڙ ڪري وڙهڻ لاءِ نہ وڃ، متان جڏهن تنهنجو پاڙيسري توکي شرمندو ڪري، تڏهن توکي خبر نہ پوي تہ پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڪجي.٩ [9]پنهنجي دعويٰ بابت خود پنهنجي پاڙيسريءَ سان بحث هلاءِ، ۽ ٻئي جو ڳجهہ ظاهر نہ ڪر.١٠ [10]متان جيڪو اُهو ٻڌي سو تنهنجي گلا ڪري، ۽ تنهنجي بدنامي ٽري نہ وڃي.١١ [11]مناسب وقت تي هڪڙو لفظ اهڙو آهي جهڙا سون جا صوف چانديءَ جي ٽوڪرين ۾،١٢ [12]جيئن سونو در ۽ خالص سون جا زيور، تيئن مڃيندڙ ڪن جي لاءِ ڏاهو نصيحت ڪندڙ.١٣ [13]جيئن لاباري جي موسم ۾ برف جي سردي، تيئن ايماندار قاصد انهن جي لاءِ جي اُن کي موڪلين ٿا، ڇالاءِ جو هو پنهنجن مالڪن جي روح کي تازو توانو ٿو ڪري.١٤ [14]جيئن ڪڪر ۽ واءُ مينهن کان سواءِ، تيئن اُهو ماڻهو جو پنهنجن بخششن جي ڪوڙي ٻٽاڪ ٿو هڻي.١٥ [15]گهڻي تائين تحمل ڪرڻ ڪري حاڪم کي آڻي مطلب تي بيهارجي ٿو، ۽ نرم زبان هڏ ڀڃيو وجهي.١٦ [16]تو ماکي لڌي آهي ڇا؟ ايتري کاءُ جيتري تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، متان تنهنجو پيٽ انهيءَ سان ڀرجي پوي ۽ تون اُها قئي ڪري ڪڍي ڇڏين.١٧ [17]بار بار پنهنجي پاڙيسريءَ جي گهر ۾ پير نہ وجهندو ڪر، متان هو تو مان ڪڪ ٿي پوي ۽ توکي ڌڪاري.١٨ [18]جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي ڏئي ٿو، سو هڪڙو ميخ مار، ۽ هڪڙي ترار ۽ تکو تير آهي.١٩ [19]تڪليف جي وقت بي ايمان ماڻهوءَ ۾ ويساهہ رکڻ، اهڙو آهي جهڙو ڀڳل ڏند، ۽ سنڌ کان نڪتل پير.٢٠ [20]جيڪو غمگين دل واري جي اڳيان گيت ڳائي ٿو سو انهيءَ ماڻهو وانگر آهي جو سياري ۾ ڄڻ تہ ڪنهن جا ڪپڙا لاهي، ۽ شوري تي سرڪو ٿو وجهي.٢١ [21]جيڪڏهن تنهنجو دشمن بکايل هجي تہ انهيءَ کي کائڻ لاءِ ماني ڏي، ۽ جي هو اُڃايل هجي تہ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏينس.٢٢ [22]انهيءَ طرح تون هن جي مٿي تي ٽانڊا رکندين، ۽ خداوند توکي اجر ڏيندو.٢٣ [23]اُتر جو واءُ مينهن آڻيندو آهي: ساڳئي طرح گلا غيبت ڪندڙ زبان ڪاوڙ واري صورت آڻي ٿي.٢٤ [24]گهر جي ڇت جي ڪنڊ تي ويهڻ، ڪشادي گهر ۾ جهيڙي ڪندڙ زال سان گڏ رهڻ کان بهتر آهي.٢٥ [25]جيئن ٿڌو پاڻي اُڃايل جان جي لاءِ، تيئن اها خوشخبري جا پرانهين ملڪ کان اچي.٢٦ [26]جيئن لتڙيل پاڻي وارو چشمو ۽ ڪِنو ٿيل کوهہ، تيئن اُهو سچو ماڻهو جو شرير جي ڳالهہ قبول ڪري.٢٧ [27]گهڻي ماکي کائڻ چڱي ناهي، انهي طرح ماڻهن جي لاءِ خود پنهنجي عزت ڳولڻ عزت ناهي.٢٨ [28]جنهن جي طبيعت روڪڻ جي ناهي، سو انهي شهر وانگر آهي جو ڀڄي پيو هجي ۽ ڀت ڪانہ هجيس.Sindhi 1954 Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962 Sindhi 1954 مثل ٢٥ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/proverbs/025.mp3 31 25