× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Sindhi SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 هوسيع پيدائشخروجاوي سرشتوڳاڻاٽوشريعت جو دوريشوعقاضينروٿ1 سموئيل2 سموئيل1 بادشاهہ2 بادشاهہ1 تواريخ2 تواريخعزرانحمياہآسترايوبزبورمثلواعظراڳيسعياہيرمياہزاريونحزقي ايلداني ايلهوسيعيوايلعاموسعبدياہيوناہميڪاہناحومحبقوقصفنياہحجيءَذڪرياہملاڪيءَ--- --- ---متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ٢ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣1 1 1 Sindhi 1954 هوسيع ٢ Save Notes ١ [1]اوهين پنهنجن ڀائرن کي چئو عمي، ۽ پنهنجين ڀينرن کي روحامہ.٢ [2]اوهين پنهنجي ماءُ سان حجت دليل ڪريو، ڀلي حجت دليل ڪريو؛ ڇالاءِ جو هوءَ منهنجي زال نہ آهي، نڪي آءٌ هن جو مڙس آهيان: ۽ ڀلي تہ هوءَ پنهنجي منهن کان زناڪاريون ۽ پنهنجين ڇاتين کان حرامڪاريون پاسي ڪري؛٣ [3]متان آءٌ هن کي اُگهاڙو ڪريان، ۽ اهڙو ڪري ڇڏيانس جهڙي ڄمڻ واري ڏينهن هئي، ۽ بيابان جهڙو ڪري ڇڏيانس، ۽ خشڪ زمين جهڙو بنائي ڇڏيانس، ۽ اُڃ سان ماريانس.٤ [4]هائو، آءٌ هن جي اولاد تي رحم نہ ڪندس، ڇالاءِ جو اُهي زنا جو اولاد آهن.٥ [5]ڇالاءِ جو هنن جي ماءُ ڪڃري ٿي گذاريو آهي: جنهن جي پيٽ ۾ هو هئا، تنهن خواريءَ جهڙو ڪم ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ پنهنجن يارن جي پٺيان وينديس، جي مون کي ماني ۽ پاڻي، اُن ۽ سڻي، تيل ۽ شراب ٿا ڏين.٦ [6]تنهنڪري ڏس، آءٌ ڪنڊن سان تنهنجو رستو بند ڪندس، ۽ هن جي سامهون ڀت کڻي ڇڏيندس، جنهنڪري هوءَ پنهنجا رستا لهي نہ سگهندي.٧ [7]۽ هوءَ پنهنجي سينڌن جي پٺيان لڳندي، پر انهن کي وڃي پهچي نہ سگهندي؛ ۽ هوءَ انهن کي ڳوليندي، پر انهن کي ڪين لهندي: پوءِ هوءَ چوندي تہ آءٌ موٽي پنهنجي پهرين مڙس وٽ وينديس؛ ڇالاءِ جو تڏهن منهنجي حالت هاڻوڪيءَ کان بهتر هئي.٨ [8]ڇالاءِ جو هن کي خبر نہ هئي تہ مون هن کي اَن ۽ شراب، ۽ تيل ڏنو، ۽ چاندي ۽ سون وڌايومانس، جو هنن بعل جي لاءِ ڪم ٿي آندو.٩ [9]تنهنڪري آءٌ اُن جي فصل وقت پنهنجو اَن، ۽ موسم ۾ پنهنجو شراب موٽائي وٺندس، ۽ پنهنجي اُن ۽ پنهنجي سڻي ڇني وٺندس، جي جيڪر سندس اوگهڙ ڍڪين ها.١٠ [10]هاڻي آءٌ سندس يارن جي اڳيان سندس شهوت پرستي ظاهر ڪندس، ۽ ڪوبہ هن کي منهنجي هٿان نہ ڇڏائيندو.١١ [11]آءٌ هن جي سڀ خوشي، هن جون عيدون، هن جا نوان چنڊ، ۽ هن جا سبت، ۽ هن جون سڀ سڳوريون مجلسون بند ڪري ڇڏيندس.١٢ [12]۽ آءٌ هن جون ڊاکون، ۽ هن جا انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس، جنهن جي نسبت ۾ هن چيو آهي تہ اهي منهنجن سينڌن جي ڏنل خرچي آهن: ۽ آءٌ انهن کي ٻيلو ڪري ڇڏيندس، ۽ جهنگ جا مرون اُنهن کي پيا کائيندا.١٣ [13]۽ آءٌ بعليم جي ڏينهن جي سزا هن تي آڻيندس، جن جي لاءِ هوءَ لوبان ساڙيندي هئي؛ جڏهن هوءَ پاڻ کي پنهنجن پنڙن ۽ پنهنجن جواهرن سان سينگاري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي، ۽ مون کي وساري ڇڏيندي هئي، خداوند ائين ٿو فرمائي.١٤ [14]تنهنڪري ڏس، آءٌ هن کي ڌتاري بيابان ۾ آڻيندس، ۽ دلاسو ڏيئي ساڻس ڳالهائيندس.١٥ [15]۽ انهي کان پوءِ آءٌ هن کي سندس ڊاک جا منهہ ڏيندس، ۽ عڪور جي وادي اُميد جو در ڪري ڏيندس: ۽ هوءَ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن وانگر اُتي جواب ڏيندي، ۽ اُنهي ڏينهن وانگر جڏهن هوءَ مصر جي زمين مان نڪري آئي هئي.١٦ [16]۽ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ تون مون کي ايشي سڏيندينءَ؛ ۽ مون کي وري اڳتي بعلي نہ سڏيندينءَ.١٧ [17]ڇالاءِ جو آءٌ هن جي وات مان بعليم جا نالا ڪڍي وٺندس، ۽ هو وري اڳتي انهن نالن سان نہ سڏيا ويندا.١٨ [18]۽ انهي ڏينهن آءٌ هن جي پاران جهنگ جي جانورن، ۽ آسمان جي پکين، ۽ زمين جي سرندڙ شين سان عهد اقرار ڪندس: ۽ آءٌ انهي زمين مان ڪمان، ۽ ترار، ۽ لڙائي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان آرام ۾ ليٽائيندس.١٩ [19]۽ آءٌ توکي هميشہ لاءِ پنهنجي مڱ ڪندس؛ هائو، آءٌ توکي سچائيءَ ۽ عدالت ۽ محبت جهڙي مهرباني، ۽ رحم سان پنهنجي مڱ ڪندس.٢٠ [20]هائو، آءٌ توکي پنهنجي وفاداريءَ ۾ پنهنجي مڱ ڪندس، ۽ تون خداوند کي سڃاڻندينءَ.٢١ [21]۽ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ آسمانن جي سڏ جو جواب ڏيندس، ۽ آسمان زمين جي سڏ جو جواب ڏيندا؛٢٢ [22]۽ زمين اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جو جواب ڏيندي؛ ۽ اُهي يزرعيل جو جواب ڏيندا٢٣ [23]۽ آءٌ هن کي پنهنجي لاءِ زمين ۾ پوکيندس؛ ۽ آءٌ انهيءَ تي رحم ڪندس، جنهن تي رحم نہ ڪيو ويو هو، ۽ جيڪي منهنجي اُمت نہ هئا تن کي آءٌ چوندس تہ اوهين منهنجي اُمت آهيو؛ ۽ هو چوندا تہ تون اسان جو خدا آهين.Sindhi 1954 Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962 Sindhi 1954 هوسيع ٢ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/hosea/002.mp3 14 2