× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Dagbani Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Sindhi SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 گلتين پيدائشخروجاوي سرشتوڳاڻاٽوشريعت جو دوريشوعقاضينروٿ1 سموئيل2 سموئيل1 بادشاهہ2 بادشاهہ1 تواريخ2 تواريخعزرانحمياہآسترايوبزبورمثلواعظراڳيسعياہيرمياہزاريونحزقي ايلداني ايلهوسيعيوايلعاموسعبدياہيوناہميڪاہناحومحبقوقصفنياہحجيءَذڪرياہملاڪيءَ--- --- ---متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١ ١٢٣٤٥٦1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤1 1 1 Sindhi 1954 گلتين ١ Save Notes ١ [1]پولس، جو نہ انسان جي پاران، نڪي انسان جي وسيلي، پر يسوع مسيح جي وسيلي، ۽ خدا پيءُ، جنهن انهي کي مُئلن مان اُٿاريو، تنهن جي طرفان رسول آهي،٢ [2]۽ جيڪي ڀائر مون سان آهن تن سڀني جي طرفان، گلتيہ جي ڪليسيائن ڏانهن:٣ [3]خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ اطمينان اوهان تي هجي.٤ [4]جنهن اسان جي گناهن جي لاءِ پاڻ کي ڏيئي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب، هو اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني مان ڇڏائي؛٥ [5]انهي جو جلال هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.٦ [6]مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنهن اوهان کي مسيح جي فضل ۾ سڏيو، تنهن کان اوهين اهڙو جلد ڦري ڪنهن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانهن ٿا وڃو؛٧ [7]جا خوشخبري نہ آهي: رڳو ڪي اهڙا آهن جي اوهان کي مونجهاري ۾ ٿا وجهن، ۽ مسيح جي خوشخبري بگاڙڻ ٿا گهُرن.٨ [8]پر جيڪڏهن اسين، يا آسمان مان ڪو ملائڪ اوهان کي ڪا اهڙي خوشخبري ٻُڌائي، جا اسان اوهان کي نہ ٻُڌائي آهي، تہ انهيءَ تي شل لعنت هجي.٩ [9]جيئن اسان اڳي بہ چيو آهي، تيئن هاڻ بہ آئون وري چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو، جيڪا خوشخبري اوهان کي ملي آهي تنهن کان سواءِ ٻي ڪا خوشخبري ٻُڌائي ٿو، تہ انهي تي لعنت هجي.١٠ [10]ڇا آئون ماڻهن جي مهرباني ٿو چاهيان يا خدا جي؟ يا آئون ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گهُران ڇا؟ جيڪڏهن اڃا بہ ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ مسيح جو خادم يا غلام نہ هجان ها.١١ [11]ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، آئون اوهان کي چتايان ٿو، تہ جيڪا خوشخبري مون اوهان کي ٻُڌائي، سا انسان جي طرفان نہ آهي.١٢ [12]ڇالاءِ جو، اُها مون کي انسان کان نہ ملي، نہ اها ڪنهن مون کي سيکاري، پر يسوع مسيح جي وسيلي مون تي ظاهر ٿي.١٣ [13]هن ڪري جو يهودين جي مذهب ۾، گذريل وقت ۾ منهنجي هلت چلت اوهان ٻُڌي آهي، تہ ڪهڙيءَ طرح خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو ۽ ڦٽائيندو هوس:١٤ [14]۽ مون يهودين جي مذهب ۾ پنهنجي قوم جي ماڻهن مان گهڻن پاڻ جيڏن کان وڌيڪ ترقي ڪئي هئي؛ ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي روايتن لاءِ تمام گهڻو سرگرم هوس.١٥ [15]پر جنهن خدا مون کي ماءُ جي پيٽان ئي مخصوص ڪري پنهنجي فضل سان سڏيو، تنهن جي جڏهن اها مرضي ٿي١٦ [16]تہ پنهنجي فرزند کي مون ۾ ظاهر ڪري، تہ آئون غير قومن ۾ انهي جي پڌرائي ڪريان، تڏهن مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي:١٧ [17]نڪي يروشلم ۾ انهن وٽ ويس، جي مون کان اڳي رسول هئا: پر آئون فورن عربستان ڏانهن هليو ويس؛ ۽ وري اُتان موٽي دمشق ۾ آيس.١٨ [18]وري ٽن ورهين کانپوءِ آئون ڪيفاس سان ملڻ لاءِ يروشلم ڏانهن ويس، ۽ پندرهن ڏينهن وٽس رهيس.١٩ [19]پر خداوند جي ڀاءُ يعقوب کانسواءِ ٻئي ڪنهن رسول کي مون ڪونہ ڏٺو.٢٠ [20]هاڻي جي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن لکان ٿو، تن جي بابت خدا کي حاضر ڄاڻي آئون ڪوڙ نٿو ڳالهايان.٢١ [21]تنهن کانپوءِ آئون شام ۽ ڪلڪيہ جي پرڳڻن ۾ آيس.٢٢ [22]۽ يهوديہ جون ڪليسيائون، جي مسيح ۾ هيون، تن سان اڃا منهنجي واقفيت ڪانہ ٿي هئي.٢٣ [23]پر هو رڳو هيترو ٻُڌندا هئا، تہ فلاڻو جو اڳي اسان کي ستائيندو هو، سو هاڻي اُنهي دين جي منادي ٿو ڪري جنهن کي هو اڳي ڦٽائيندو هو؛٢٤ [24]۽ اُهي منهنجي سبب خدا جي وڏائي ظاهر ڪندا هئا.Sindhi 1954 Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962 Sindhi 1954 گلتين ١ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/galatians/001.mp3 6 1