× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Sindhi SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 افسين پيدائشخروجاوي سرشتوڳاڻاٽوشريعت جو دوريشوعقاضينروٿ1 سموئيل2 سموئيل1 بادشاهہ2 بادشاهہ1 تواريخ2 تواريخعزرانحمياہآسترايوبزبورمثلواعظراڳيسعياہيرمياہزاريونحزقي ايلداني ايلهوسيعيوايلعاموسعبدياہيوناہميڪاہناحومحبقوقصفنياہحجيءَذڪرياہملاڪيءَ--- --- ---متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ٤ ١٢٣٤٥٦1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨٢٩٣٠٣١٣٢1 1 1 Sindhi 1954 افسين ٤ Save Notes ١ [1]تنهنڪري آئون، جو خداوند ۾ قيدي آهيان، سو اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جنهن ڪوٺ سان اوهين ڪوٺيا ويا آهيو، انهي جي لائق هلو،٢ [2]يعني ڏاڍيءَ نماڻائيءَ ۽ نِوڙت سان تحمل ڪري، محبت ۾ هڪٻئي جي برداشت ڪريو؛٣ [3]۽ ڪوشش ڪريو تہ روح جي يگانگي ميل ميلاپ جي ٻنڌڻ ۾ ٻَڌل رهي.٤ [4]هڪڙو ئي بدن آهي ۽ هڪڙو ئي روح، جيئن ڪ اوهين بہ پنهنجي ڪوٺ وقت هڪڙي ئي اُميد ۾ ڪوٺيا ويا هئا؛٥ [5]هڪڙو ئي خداوند، هڪڙو ئي ايمان ۽ هڪڙي ئي بپتسما آهي،٦ [6]سڀني جو خدا ۽ پيءُ هڪڙو ئي آهي، جو سڀني جي مٿان، ۽ سڀني جي اندر ۽ سڀ منجهہ آهي.٧ [7]۽ اسان مان هرهڪ تي مسيح جي بخشش جي انداز موافق فضل ٿيو آهي.٨ [8]جنهنڪري هو چوي ٿو تہ، ”جڏهن هو مٿي چڙهي ويو، تڏهن قيد ڪرڻ وارن کي قيد ڪيائين ۽ ماڻهن کي انعام ڏنائين.“٩ [9](هاڻي اهو جو چيل آهي تہ هو مٿي چڙهي ويو، تنهن جو مطلب هن کانسواءِ ٻيو ڇا آهي تہ هو پاتال ۾ بہ لهي ويو؟١٠ [10]جيڪو هيٺ لٿو، سو اُهو ساڳيو ئي آهي، جو تمام مٿي آسمان جي بہ مٿان چڙهي ويو، انهي لاءِ تہ هو سڀني شين کي ڀرپور ڪري.)١١ [11]۽ هن ڪن کي رسول، ۽ ڪن کي نبي، ۽ ڪن کي مبشر، ۽ ڪن کي پاسبان، ۽ ڪن کي اُستاد مقرر ڪري ڏنو؛١٢ [12]انهي لاءِ تہ پاڪ ٿيل ڪامل ٿي، خدمتگاريءَ جو ڪم ڪندا رهن، تہ مسيح جو بدن ترقي ڪري:١٣ [13]جيسين ڪ اسين سڀ خدا جي فرزند جي ايمان ۽ علم ۾ يگانگي حاصل ڪري، ڪامل انسان بنجون، ۽ مسيح جي پوري قد تائين پهچون:١٤ [14]تہ اڳتي اسين ٻار نہ رهون، ۽ ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراهہ ڪندڙ منصوبن ۾ ڦاسي، هر ڪنهن قسم جي تعليم جي جهُوٽن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نہ اُڇلجون، ۽ گهلجي نہ وڃون؛١٥ [15]پر محبت سان سچ ڳالهائي سڀني ڳالهين ۾ انهي سان گڏجي وڌندا وڃون؛ جو سڀني جو سر آهي، يعني مسيح؛١٦ [16]جنهن کان سارو بدن، هرهڪ سَنڌ جي مدد سان ڦهڪي ڳنڍجي، سڀ ڪنهن ڀاڱي جي انداز جي اثر موافق پاڻ کي وڌائي وڏو ٿو ڪري، تان جو اُهو، محبت ۾ ترقي ڪندو وڃي.١٧ [17]تنهنڪري آئون خداوند جي اڳيان شاهدي ڏيندي هيئن ٿو چوان، تہ جهڙيءَ طرح غير قومون پنهنجي اجاين خيالن موافق هلن ٿيون، تهڙيءَ طرح اوهين اڳتي نہ هلو؛١٨ [18]ڇالاءِ جو انهن جي سمجهہ انڌي ٿي پيئي آهي، ۽ جيڪا جاهليت منجهن آهي تنهن جي سبب، ۽ سندن دلين جي سختيءَ جي ڪري، خدا جي زندگيءَ کان خارج آهن؛١٩ [19]اُهي بي شرم ٿي شهوت پرستيءَ کي لڳي ويا، انهي لاءِ تہ ڏاڍي شوق سان هر طرح جا گندا ڪم ڪن.٢٠ [20]پر اوهان کي مسيح جي اهڙي تعليم ڪانہ ملي؛٢١ [21]بشرطيڪ جيڪا سچائي مسيح ۾ آهي، سا اوهان ٻُڌي آهي ۽ منجهس اها تعليم حاصل ڪئي آهي.٢٢ [22]اوهين پنهنجي اڳوڻي هلت چلت ۽ پراڻي انسانيت، جا فريب جي شهوتن ڪري خراب ٿيندي ٿي وڃي، تنهن کي لاهي ڇڏيو؛٢٣ [23]۽ پنهنجيءَ دل جي روحاني حالت ۾ نوان ٿيندا وڃو،٢٤ [24]۽ نئين انسانيت ڍڪيو، جا خدا جي مرضيءَ موجب حقيقي راستبازيءَ ۽ پاڪيزگيءَ ۾ پيدا ٿي آهي.٢٥ [25]تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان سڀڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالهائي: ڇالاءِ جو اسين پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا عضوا آهيون.٢٦ [26]ڪاوڙ تہ ڪريو، پر گناهہ نہ ڪريو: ائين نہ ٿئي جو سج لهڻ تائين بہ ڪاوڙيل هجو:٢٧ [27]نڪي شيطان کي موقعو ڏيو.٢٨ [28]جنهن هيستائين چوري ٿي ڪئي، سو اڳتي چوري نہ ڪري؛ بلڪ گهُرجيس تہ پورهيو ڪري پنهنجن هٿن سان چڱا ڪم ڪري، تہ وٽس ايترو موجود ٿئي، جنهن مان گهُرج واري کي ڪجهہ ڏيئي سگهي.٢٩ [29]اوهان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي جا ضرورت موافق سڌاري جي لاءِ چڱي هجي، تہ ٻُڌڻ واري کي انهيءَ مان فضل حاصل ٿئي.٣٠ [30]۽ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان تي ڇوٽڪاري جي ڏينهن تائين مهر لڳي.٣١ [31]هر طرح جو ڪوڙ، ۽ ڪاوڙ، ۽ غصو، ۽ گوڙ، ۽ گلا، هر قسم جي بدخواهيءَ سميت، اوهان کان پري ٿئي:٣٢ [32]۽ اوهين هڪ ٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو، ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح ۾ اوهان کي معاف ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ ٻئي کي معاف ڪندا رهو.Sindhi 1954 Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962 Sindhi 1954 افسين ٤ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/ephesians/004.mp3 6 4