× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Dagbani Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Sindhi SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 فليمون پيدائشخروجاوي سرشتوڳاڻاٽوشريعت جو دوريشوعقاضينروٿ1 سموئيل2 سموئيل1 بادشاهہ2 بادشاهہ1 تواريخ2 تواريخعزرانحمياہآسترايوبزبورمثلواعظراڳيسعياہيرمياہزاريونحزقي ايلداني ايلهوسيعيوايلعاموسعبدياہيوناہميڪاہناحومحبقوقصفنياہحجيءَذڪرياہملاڪيءَ--- --- ---متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١ ١1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥1 1 1 فليمون ١ Save Notes ١ [1]پولس، جو مسيح يسوع جي خاطر قيدي آهي، تنهنجي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان اسان جي پياري ۽ هم خدمت فليمون ڏانهن،٢ [2]۽ اسان جي ڀيڻ افيہ، ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاهي ارخپس، ۽ انهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا تنهنجي گهر ۾ گڏ ٿيندي آهي؛٣ [3]اسان جي خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ اطمينان اوهان تي ٿيندو رهي.٤ [4]آئون توکي پنهنجين دعائن ۾ ياد ڪري هميشہ خدا جو شڪر ٿو ڪريان،٥ [5]جو تنهنجي ايمان ۽ محبت بابت ٻُڌو اٿم، جو خداوند يسوع ۽ سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن آهي،٦ [6]۽ منهنجي دعا آهي تہ خدا تنهنجي ايمان جي شراڪت ۽ اوهان جي مسيح ۾ جيڪا نيڪيءَ جي سمجهہ آهي سا وڌائي.٧ [7]ڇالاءِ جو مون کي تنهنجي محبت جي ڪري گهڻي خوشي ۽ تسلي ٿي آهي: اي ادا، تنهنجي ڪري ئي پاڪ ٿيلن جون دليون تازيون ٿيون آهن.٨ [8]انهي ڪري، جيتوڻيڪ مون کي مسيح ۾ هر طرح جي دليري آهي تہ توکي مناسب حڪم ڏيان،٩ [9]تڏهن بہ محبت جي ڪري مون کي اها ڳالهہ پسند آهي تہ آئون پيرسن پولس، جو مسيح يسوع جو قيدي آهيان، توکي عرض ڪريان؛١٠ [10]يعني توکي پنهنجي ٻار انيسمس بابت عرض ڪريان، جو قيد ۾ منهنجو فرزند بڻيو آهي.١١ [11]هو اڳي تہ تنهنجي ڪنهن بہ ڪم جو ڪين هو، پر هاڻي تنهنجي توڙي منهنجي ٻنهي جي ڪم جو آهي.١٢ [12]انهي کي، يعني خود پنهنجي جگر جي ٽڪري کي، آئون تو ڏانهن موٽائي ٿو موڪليان.١٣ [13]آئون جيڪر خوشيءَ سان هن کي پاڻ وٽ رکان ها، تہ تنهنجي پاران هن قيد ۾، جو انجيل جي ڪري آهي، هو منهنجي خدمت ڪري.١٤ [14]پر تنهنجي مرضيءَ کانسواءِ مون ڪي بہ ڪرڻ ڪين گهُريو؛ انهي لاءِ تہ تنهنجي نيڪي ڪنهن بہ صورت ۾ لاچاريءَ سان نہ ٿئي، پر خوشيءَ سان ٿئي.١٥ [15]شايد انهي ڪري هو توکان ٿوري وقت لاءِ ڌار ٿيو تہ پوءِ هو هميشہ لاءِ تو وٽ رهي؛١٦ [16]نہ غلام وانگر پر غلام کان بهتر يعني پياري ڀاءُ وانگر. هو جسماني طور ۽ روحاني طور مون کي پيارو آهي، ۽ توکي تہ انهي کان بہ وڌيڪ.١٧ [17]تنهنڪري جيڪڏهن تون مون کي شريڪ ٿو سمجهين، تہ هن کي ائين قبول ڪج جيئن مون کي.١٨ [18]جيڪڏهن هن توکي ڪو نقصان پهچايو آهي، يا توکي ڪي ڏيڻو اٿس، تہ اُهو منهنجي ليکي لکي ڇڏج.١٩ [19]آئون پولس پنهنجي هٿ سان ٿو لکان تہ اُهو آئون پاڻ ڀري ڏيندس: ائين چوڻ جو ضرور ئي ڪونهي تہ جيڪو منهنجو لهڻو تو تي آهي سو تون پاڻ آهين.٢٠ [20]هائو ادا، شل مون کي تنهنجي ڪري خداوند ۾ خوشي حاصل ٿئي: مسيح ۾ منهنجي دل کي تازو ڪر.٢١ [21]مون کي تنهنجي فرمانبرداريءَ جي پڪ آهي ۽ اها خبر اٿم تہ جيڪي آئون چوان ٿو، تنهن کان بہ تون وڌيڪ ڪندين، تنهنڪري آئون تو ڏانهن ٿو لکان.٢٢ [22]انهي کانسواءِ منهنجي رهڻ لاءِ جاءِ بہ تيار ڪري ڇڏج: جو آئون اُميد ٿو ڪريان تہ اوهانجين دعائن جي وسيلي آئون اوهان کي بخشيو ويندس.٢٣ [23]اپفراس جو مون سان گڏ مسيح يسوع ۾ قيدي آهي،٢٤ [24]۽ مرقس ۽ ارسترخس ۽ ديماس، ۽ لوقا، جي منهنجا هم خدمت آهن، سي توکي سلام ٿا ڏين.٢٥ [25]اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل شل اوهان جي روح تي نازل ٿيندو رهي. آمين.Sindhi 1954 Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962 Sindhi 1954 فليمون ١ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/philemon/001.mp3 1 1