× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Dagbani Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Sindhi SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 يعقوب پيدائشخروجاوي سرشتوڳاڻاٽوشريعت جو دوريشوعقاضينروٿ1 سموئيل2 سموئيل1 بادشاهہ2 بادشاهہ1 تواريخ2 تواريخعزرانحمياہآسترايوبزبورمثلواعظراڳيسعياہيرمياہزاريونحزقي ايلداني ايلهوسيعيوايلعاموسعبدياہيوناہميڪاہناحومحبقوقصفنياہحجيءَذڪرياہملاڪيءَ--- --- ---متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١ ١٢٣٤٥1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧1 1 1 Sindhi 1954 يعقوب ١ Save Notes ١ [1]خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي بندي يعقوب جي طرفان اُنهن ٻارهن قبيلن کي سلام رسن، جي جدا جدا ملڪن ۾ ٿا رهن.٢ [2]اي منهنجا ڀائرو، جڏهن اوهين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏهن انهن کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهہ ڪري سمجهو؛٣ [3]۽ ڄاڻو تہ اوهان جو امتحان صبر پيدا ٿو ڪري.٤ [4]۽ صبر کي پنهنجو پورو ڪم ڪرڻ ڏيو تہ اوهين ڪامل ۽ سالم ٿيو، ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گهٽ نہ پئو.٥ [5]پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي.٦ [6]پر ايمان سان گهُري، ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي: ڇالاءِ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي اُنهي لهر وانگر آهي، جا هوا سان ڌڪجي ۽ اُڇلجي ٿي.٧ [7]ڇالاءِ جو اهڙي ماڻهوءَ کي ائين سمجهڻ نہ گهرجي تہ کيس خداوند کان ڪي ڪجهہ ملندو؛٨ [8]ٻہ دليو ماڻهو پنهنجيءَ ڪنهن بہ ڳالهہ تي قائم نٿو رهي.٩ [9]پر غريب ڀاءُ پنهنجي وڏي مرتبي تي فخر ڪري:١٠ [10]۽ دولتمند انهي تي فخر ڪري تہ هو ذليل ڪيو ويو آهي: ڇالاءِ تہ گاهہ جي گل وانگر هو ڪومائجي ويندو.١١ [11]ڇالاءِ تہ سج اُڀرندي ئي جهولو لڳڻ شروع ٿو ٿئي، جو گاهہ کي سُڪائي ٿو ڇڏي؛ ۽ انهي جو گل ڪِريو پوي، ۽ سندس خوبصورتي گم ٿيو وڃي؛ انهي طرح دولتمند ماڻهو بہ هلندي هلندي ڪومائجي ويندو.١٢ [12]مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جنهن تي آزمائش ٿي اچي تہ بہ قائم ٿو رهي؛ ڇالاءِ جو جڏهن هو قبول پوندو، تڏهن زندگيءَ جو اهو تاج حاصل ڪندو، جنهن جو خداوند پنهنجي محبت ڪرڻ وارن کي واعدو ڏنو آهي.١٣ [13]جڏهن ڪو ماڻهو آزمائش ۾ پوي، تڏهن انهي کي ائين چوڻ نہ گهرجي تہ منهنجي آزمائش خدا جي طرفان آهي، ڇالاءِ جو خدا پاڻ بڇڙائيءَ سان آزمايو نٿو وڃي، نڪي هو ڪنهن ماڻهوءَ کي آزمائي ٿو.١٤ [14]پر سڀڪو ماڻهو پنهنجين خواهشن ۾ ڇڪجي ۽ ٺڳجي، آزمائشن ۾ ٿو پوي.١٥ [15]پوءِ اها خواهش حاملہ ٿي گناهہ ٿي ڄڻي: ۽ جڏهن اهو گناهہ وڌي وڏو ٿو ٿئي، تڏهن موت ٿو آڻي.١٦ [16]اي منهنجا پيارا ڀائرو، ٺڳجي نہ وڃو.١٧ [17]سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي.١٨ [18]هن پنهنجيءَ مرضيءَ سان حق جي ڪلام جي وسيلي اسان کي پيدا ڪيو، تہ اسين سندس پيدا ڪيل خلقت مان هڪڙي قسم جو پهريون ڦل ٿيون.١٩ [19]اي منهنجا پيارا ڀائرو، هيءَ ڳالهہ اوهين ڄاڻو ٿا، تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي گهرجي تہ ٻُڌڻ ۾ تکو، ۽ ڳالهائڻ ۾ ڍرو، ۽ ڪاوڙجڻ ۾ ٿڌو ٿئي:٢٠ [20]ڇالاءِ جو انسان جي ڪاوڙ مان اهڙا ڪم ٿي نٿا سگهن، جي خدا جي راستبازيءَ موجب آهن.٢١ [21]تنهنڪري بڇڙائيءَ جي سڀ گندگي ۽ زيادتي ڇڏي، اُهو پوکيل ڪلام تحمل سان قبول ڪريو، جو اوهانجن روحن کي بچائي ٿو سگهي.٢٢ [22]پر ڪلام تي عمل ڪندڙ ٿيو، نہ فقط ٻُڌندڙ، ۽ پاڻ کي نہ ٺڳيو.٢٣ [23]ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪلام جو ٻُڌندڙ آهي ۽ عمل ڪندڙ نہ آهي، تہ اهو انهيءَ ماڻهوءَ جهڙو آهي جو پنهنجو منهن آرسيءَ ۾ ٿو ڏسي؛٢٤ [24]۽ هو پاڻ کي ڏسي هليو ٿو وڃي ۽ هڪدم وساري ٿو ڇڏي تہ آئون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهيان.٢٥ [25]پر جيڪو ڪامل شريعت تي، يعني آزادگيءَ جي شريعت تي نظر ٿو ڪري ۽ غور ڪندو ٿو رهي، سو رڳو ٻُڌندڙ ناهي جو وساريو ڇڏي، پر عمل ڪندڙ آهي؛ اهوئي پنهنجي ڪم ۾ برڪت وارو ٿيندو.٢٦ [26]جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار سمجهي ٿو ۽ پنهنجي زبان کي لغام نٿو ڏئي، بلڪ پنهنجي دل کي ٺڳي ٿو، تنهن جي دينداري اجائي آهي.٢٧ [27]اسان جي خدا ۽ پيءُ جي حضور ۾ خالص ۽ بي عيب دينداري اها آهي، تہ يتيمن ۽ بيوهہ زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا کان بي داغ رکجي.Sindhi 1954 Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962 Sindhi 1954 يعقوب ١ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/james/001.mp3 5 1