× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Dagbani Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Sindhi SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 مڪاشفو پيدائشخروجاوي سرشتوڳاڻاٽوشريعت جو دوريشوعقاضينروٿ1 سموئيل2 سموئيل1 بادشاهہ2 بادشاهہ1 تواريخ2 تواريخعزرانحمياہآسترايوبزبورمثلواعظراڳيسعياہيرمياہزاريونحزقي ايلداني ايلهوسيعيوايلعاموسعبدياہيوناہميڪاہناحومحبقوقصفنياہحجيءَذڪرياہملاڪيءَ--- --- ---متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠1 1 1 Sindhi 1954 مڪاشفو ١ Save Notes ١ [1]يسوع مسيح جو مڪاشفو، جو خدا هن کي انهي لاءِ ڏنو تہ پنهنجن بندن کي اُهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن: ۽ هن پنهنجو ملائڪ موڪلي انهي جي معرفت پنهنجي بندي يوحنا تي اُهي ظاهر ڪيون؛٢ [2]جنهن خدا جي ڪلام جي گواهي ۽ يسوع مسيح جي شاهدي ڏني، يعني انهن شين جي، جي هن ڏٺيون.٣ [3]مبارڪ آهي اُهو، جو هن پيشنگوئي جون ڳالهيون پڙهي ٿو، ۽ اُهي جي ٻُڌن ٿا، ۽ جيڪي اُنهيءَ ۾ لکيل آهي تنهن تي هلن ٿا: ڇالاءِ جو وقت ويجهو آهي.٤ [4]يوحنا جي طرفان اُنهن ستن ڪليسيائن ڏانهن يا جي آسيا ۾ آهن. جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، انهي وٽان فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي؛ ۽ اُنهن ستن روحن وٽان جي سندس تخت جي اڳيان آهن؛٥ [5]۽ يسوع مسيح وٽان، جو سچو شاهد، ۽ جيڪي مُئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پهريتو، ۽ زمين جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. جو اسان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جنهن پنهنجي رت سان اسان کي گناهن کان آزاد ڪيو؛٦ [6]۽ اسان کي هڪڙي بادشاهت بنايو، ۽ پنهنجي خدا يعني پيءُ لاءِ ڪاهن ڪيو؛ انهي جي وڏائي ۽ بادشاهي شل هميشہ تائين قائم هجي، آمين.٧ [7]ڏسو، هو بادلن ۾ ٿو اچي؛ ۽ سڀڪا اک اُنهي کي ڏسندي، ۽ اُهي بہ ڏسندا جن هن کي چُڀائي ماريو؛ ۽ زمين جون سڀ قومون اُنهي لاءِ ماتم ڪنديون. بيشڪ. آمين.٨ [8]خداوند خدا، جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، اُهو قادر مطلق فرمائي ٿو تہ آئون الفا ۽ اوميگا آهيان.٩ [9]آئون يوحنا، جو اوهان جو ڀاءُ ۽ يسوع مسيح جي مصيبت، ۽ بادشاهت، ۽ صبر ۾ اوهان جو شريڪ آهيان، آئون خدا جي ڪلام ۽ يسوع جي شاهديءَ لاءِ اُنهي ٻيٽ ۾ هئس، جو پتمس ٿو سڏجي.١٠ [10]خداوند جي ڏينهن آئون روح ۾ اچي ويس، ۽ پنهنجي پٺيان تريءَ جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻُڌم.١١ [11]جنهن چيو تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو ڪتاب ۾ لک، ۽ اُهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل؛ يعني افسس ڏانهن، ۽ سمرنہ ڏانهن، ۽ پرگمن ڏانهن، ۽ ٿواتيرہ ڏانهن، ۽ سرديس ڏانهن، ۽ فلدلفيہ ڏانهن، ۽ لوديڪيہ ڏانهن.١٢ [12]۽ جنهن آواز مون سان ڳالهايو، تنهن جي ڏسڻ لاءِ جڏهن آئون ڦريس، تڏهن ست سونا شمعدان ڏٺم،١٣ [13]۽ اُنهن شمعدانن جي وچ ۾ ابن آدم جهڙو هڪڙو شخص هو، جو پيرن تائين هڪڙيءَ پوشاڪ سان ڍڪيل هو، ۽ ڇاتيءَ تي هڪڙو سونو سينہ بند ٻَڌل هوس.١٤ [14]۽ انهي جو مٿو ۽ وار اڇا هئا، جهڙي اڇي اُن، بلڪ جهڙي برف؛ ۽ اُنهي جون اکيون باهہ جي شعلي جهڙيون هيون؛١٥ [15]۽ اُنهي جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا هئا، جو ڄڻ تہ کوري مان تپي اُجري نڪتل هو؛ ۽ اُنهي جو آواز زور سان وهندڙ پاڻيءَ جي آواز جهڙو هو.١٦ [16]۽ انهي جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا: ۽ هن جي وات مان هڪڙي ٻہ منهين ترار ٿي نڪتي: ۽ اُنهي جي شڪل چمڪندڙ سج جهڙي هئي.١٧ [17]۽ جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مردي وانگر سندس پيرن وٽ ڪِري پيس، ۽ هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ڊڄ نہ؛ آئون اول ۽ آخر آهيان،١٨ [18]۽ جيئرو آهيان؛ آئون مُئو هوس، ۽ ڏس، آئون هميشہ تائين جيئرو رهندس، ۽ مون وٽ موت ۽ مُئلن جي عالم جون ڪنجيون آهن.١٩ [19]تنهنڪري اهي ڳالهيون جي تو ڏٺيون، ۽ اهي ڳالهيون جي آهن، ۽ اهي ڳالهيون جي هن کانپوءِ جلد ٿيڻيون آهن، سي لک؛٢٠ [20]يعني جي ست تارا تو منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏٺا، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز لک: اُهي ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آهن؛ ۽ اُهي ست شمعدان ست ڪليسيائون آهن.Sindhi 1954 Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962 Sindhi 1954 مڪاشفو ١ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/revelation/001.mp3 22 1