× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 متي متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١٩ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨٢٩٣٠1 1 1 Sindhi Common متي ١٩ Save Notes ١ [1]جڏھن عيسيٰ اھي ھدايتون ڏيئي چڪو تہ ھو گليل مان روانو ٿي، اردن درياءَ جي ٻيءَ ڀر يھوديہ جي علائقي ۾ آيو.٢ [2]ھن جي پٺيان ماڻھن جا وڏا ميڙ آيا پئي ۽ ھن اُتي ئي کين شفا ڏيئي چڱو ڀلو ٿي ڪيو.٣ [3]ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ پڇيائون تہ ”ڇا ڪنھن ماڻھوءَ جو پنھنجي زال کي ڪنھن بہ سبب طلاق ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“٤ [4]تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ خالق انھن کي شروعات کان وٺي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو؟٥ [5]۽ چيائين تہ ’انھيءَ ڪري مرد پنھنجي ماءُپيءُ کي ڇڏي پنھنجيءَ زال سان گڏجي رھندو ۽ ھو ٻئي گڏجي ھڪ ٿي ويندا.‘٦ [6]پوءِ اھي ٻہ نہ پر ھڪ آھن. سو جن کي خدا ملايو آھي تن کي ماڻھو جدا نہ ڪري.“٧ [7]تڏھن انھن فريسين کانئس پڇيو تہ ”پوءِ موسيٰ ڇو حڪم ڪيو تہ مرد پنھنجي زال کي طلاق نامو ڏيئي کيس ڪڍي سگھي ٿو؟“٨ [8]عيسيٰ وراڻيو تہ ”موسيٰ اوھان جي سختدليءَ ڪري اوھان کي اجازت ڏني تہ اوھين زال کي طلاق ڏيئي سگھو ٿا، پر شروعات ۾ ائين نہ ھو.٩ [9]آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي زال کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري، تہ ڄڻ زنا ڪيائين.“١٠ [10]تنھن تي سندس شاگردن کيس چيو تہ ”جيڪڏھن زال مڙس جو اھو حال آھي تہ پوءِ پرڻجڻ ئي چڱو نہ آھي.“١١ [11]عيسيٰ وراڻيو تہ ”سڀ ماڻھو اھا ڳالھہ قبول ڪري نہ سگھندا، رڳو اھي ئي قبول ڪندا جن کي خدا کان اھڙي طاقت مليل ھوندي.١٢ [12]ڇالاءِجو ڪي سبب آھن جو ماڻھو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي کدڙا آھن، ڪن کي ماڻھن کدڙو ڪيو آھي ۽ ڪي آسمان واري بادشاھت جي لاءِ کدڙا ٿيا آھن. جيڪو اھا ڳالھہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“١٣ [13]ڪي ماڻھو عيسيٰ وٽ پنھنجا ننڍڙا ٻار کڻي آيا تہ جيئن عيسيٰ پنھنجا ھٿ انھن تي رکي کين دعا ڪري، پر شاگردن انھن ماڻھن کي ڇينڀيو.١٤ [14]عيسيٰ چيو تہ ”ٻارن کي ڇڏيو تہ مون وٽ اچن، انھن کي نہ جھليو ڇاڪاڻتہ آسمان واري بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.“١٥ [15]عيسيٰ انھن تي پنھنجا ھٿ رکيا. پوءِ ھو اتان روانو ٿي ويو.١٦ [16]ھڪ دفعي ھڪ ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”اي استاد! آءٌ ڪھڙو چڱو ڪم ڪريان جو دائمي زندگي ملي؟“١٧ [17]عيسيٰ وراڻيو تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو خدا ئي آھي. جيڪڏھن تون دائمي زندگي حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“١٨ [18]ھن پڇيو تہ ”ڪھڙا حڪم؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاھدي نہ ڏي،١٩ [19]پنھنجي ماءُپيءُ جي عزت ڪر ۽ پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“٢٠ [20]تنھن تي جوان مرد جواب ڏنو تہ ”مون انھن سڀني تي عمل ڪيو آھي. باقي ٻيا ڪھڙا رھيل آھن؟“٢١ [21]عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنھنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو ۽ پوءِ اچي منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“٢٢ [22]جڏھن جوان مرد اھا ڳالھہ ٻڌي تہ غمگين ٿي ھليو ويو، ڇاڪاڻتہ ھو ھڪ وڏو شاھوڪار ماڻھو ھو.٢٣ [23]پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي ٻڌايو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ شاھوڪار ماڻھو آسمان واري بادشاھت ۾ ڏاڍي مشڪلات سان داخل ٿيندو.٢٤ [24]آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آھي، پر شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ اولو آھي.“٢٥ [25]جڏھن شاگردن اھو ٻڌو تہ ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“٢٦ [26]عيسيٰ انھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ چيو تہ ”اھا ڳالھہ ماڻھن کان تہ ٿي نہ ٿي سگھي، پر خدا سڀ ڪجھہ ڪري سگھي ٿو.“٢٧ [27]تنھن تي پطرس چيو تہ ”ڏسو، اسين سڀ ڪجھہ ڇڏي اوھان جي پٺيان لڳا آھيون، اسان کي ڇا ملندو؟“٢٨ [28]عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڳئين جھان ۾ جڏھن ابنآدم پنھنجي جلوي سان تخت تي ويھندو، تہ اوھين منھنجا ٻارھن پوئلڳ بہ ٻارھن تختن تي ويھندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.٢٩ [29]جيڪوبہ منھنجي ڪري گھر، ڀائر، ڀينرون، پيءُ، ماءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو تہ ان کي اُھي سوءڻا ٿي ملندا ۽ دائمي زندگي بہ ملندس.٣٠ [30]پر ڪيترائي جيڪي ھاڻي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا.“Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common متي ١٩ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/matthew/019.mp3 28 19