× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 متي متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ٢٨ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠1 1 1 Sindhi Common متي ٢٨ Save Notes ١ [1]سبت جي ڏينھن کان پوءِ جڏھن آچر جي صبح جي پرھہ ڦٽڻ لڳي تہ مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏسڻ ويون.٢ [2]ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ آسمان مان ھيٺ لٿو ۽ قبر جي منھن واري پٿر کي پاسي تي ريڙھي مٿس چڙھي ويٺو.٣ [3]ھن جي صورت وڄ جھڙي ھئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني ھئي.٤ [4]پھريدار کانئس اھڙا تہ ڊنا جو مُڙدن وانگر پئجي رھيا.٥ [5]انھيءَ ملائڪ عورتن کي چيو تہ ”اوھين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھين عيسيٰ کي ڳولي رھيون آھيو، جيڪو صليب تي چاڙھيو ويو ھو.٦ [6]ھو ھتي ڪونھي، ڇالاءِجو جيئن ھن چيو ھو تيئن ئي ھو جيئرو ٿي اٿيو آھي. ھيڏانھن اچو ۽ اھا جاءِ ڏسو جتي ھو پيل ھو.٧ [7]ھاڻي جلدي وڃو ۽ وڃي ھن جي شاگردن کي ٻڌايو تہ ’ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن وڃي رھيو آھي، اُتي اوھين کيس ڏسندا.‘ جيڪي مون اوھان کي ٻڌايو آھي سو وساري نہ ڇڏجو.“٨ [8]سو اھي ڊپ ۽ گھڻي خوشيءَ وچان جلدي قبر مان نڪتيون ۽ عيسيٰ جي شاگردن کي ٻڌائڻ لاءِ ڀڄنديون ويون.٩ [9]اوچتو ئي عيسيٰ انھن کي مليو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ تڏھن اھي وٽس آيون ۽ پيرن تي ڪري کيس سجدو ڪيائون.١٠ [10]عيسيٰ کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منھنجي ڀائرن کي چئو تہ ھو گليل ڏانھن ھلن، اُتي ھو مون کي ڏسندا.“١١ [11]جڏھن عورتون پنھنجو رستو وٺي ويون پئي تہ ڪي پھريدار جن قبر تي پھرو پئي ڏنو، سي موٽي شھر ڏانھن آيا ۽ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو سو سڀ اچي سردار ڪاھنن کي ٻڌايائون.١٢ [12]سردار ڪاھنن چڱن مڙسن سان ملي صلاح ڪئي ۽ سپاھين کي جھجھا پيسا رشوت ڏنائون، تہ جيئن١٣ [13]اھي چون تہ ”جڏھن رات جو اسين سمھيا پيا ھئاسين تڏھن عيسيٰ جا شاگرد آيا ۽ سندس ميت چورائي کڻي ويا.“١٤ [14]ھنن سپاھين کي دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ”جيڪڏھن اھا ڳالھہ گورنر جي ڪن تي پئجي ويئي تہ بہ اسين پاڻھي ھن کي سمجھائينداسين، سو اوھان کي ڪنھن بہ ڳالھہ جو خوف ڪرڻ نہ گھرجي.“١٥ [15]پھريدارن پيسا ورتا ۽ جيئن کين چيو ويو ھو تيئن ئي ڪيائون. ان ئي ڏينھن کان وٺي اھا ڳالھہ يھودين ۾ ھُلي ويئي آھي ۽ اڃا تائين مشھور آھي.١٦ [16]يارھن ئي شاگرد گليل ۾ انھيءَ جبل ڏانھن ويا جتي عيسيٰ وڃڻ لاءِ چيو ھون.١٧ [17]جڏھن انھن کيس ڏٺو تہ ھن کي سجدو ڪرڻ لڳا، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ ھو.١٨ [18]عيسيٰ ويجھو اچي انھن سان ڳالھائيندي چيو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان جون سڀيئي اختياريون مليل آھن.١٩ [19]تنھن ڪري اوھين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انھن کي منھنجا شاگرد ڪريو. انھن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو،٢٠ [20]۽ کين تعليم ڏيو تہ انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪن جن جو مون اوھان کي حڪم ڏنو آھي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين ھميشہ اوھان سان ھوندس.“Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common متي ٢٨ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/matthew/028.mp3 28 28