× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 متي متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ٣ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧1 1 1 Sindhi Common متي ٣ Save Notes ١ [1]انھن ڏينھن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يھوديہ جي رڻپٽ ۾ تبليغ ڪندو پئي آيو تہ٢ [2]”توبھہ ڪريو جو آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“٣ [3]يحيٰ اھو ئي ھو جنھن لاءِ يسعياہ نبي چيو ھو تہ ”رڻپٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو، ھن لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“٤ [4]يحيٰ کي ملس جا ڪپڙا پھريل ھوندا ھئا، کيس چيلھہ ۾ چمڙي جو پٽو ٻڌل ھوندو ھو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي ھئي.٥ [5]ماڻھو ھن وٽ يروشلم کان، سڄي يھوديہ کان ۽ اردن درياءَ جي چوطرف وارن علائقن کان پئي آيا.٦ [6]انھن پنھنجا گناھہ پئي باسيا ۽ ھن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.٧ [7]يحيٰ جڏھن ڏٺو تہ ڪيئي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رھيا آھن، تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟٨ [8]اھڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوھان سچپچ پنھنجن گناھن تي پڇتايو آھي.٩ [9]ائين نہ سمجھو تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا ھنن پٿرن مان بہ ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.١٠ [10]ھاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪھاڙو تيار رکيو ويو آھي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باھہ ۾ اڇلائبو.١١ [11]آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوھان گناھن کان توبھہ ڪئي آھي، پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو. ھو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي، آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آھيان.١٢ [12]ھن جي ھٿ ۾ پنھنجو ڇڄ آھي ۽ ھو پنھنجي ڳاھہ جي پِڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. ھو پنھنجي ڪڻڪ پنھنجن ڀانڊن ۾ انبار ڪندو پر بُھہ کي اھڙي باھہ ۾ ساڙيندو جيڪا ڪڏھن بہ نہ ٿي وسامي.“١٣ [13]پوءِ عيسيٰ گليل کان اردن درياءَ تي يحيٰ وٽ آيو تہ کانئس بپتسما وٺي.١٤ [14]پر يحيٰ کيس منع ڪرڻ لڳو ۽ چيائينس تہ ”مون کي تہ پاڻ تو کان بپتسما وٺڻ گھرجي ۽ تون وري مون وٽ آيو آھين؟“١٥ [15]تنھن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”فيالحال تہ منھنجي مڃ، ڇالاءِجو اھڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪئي.١٦ [16]سو عيسيٰ جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاھر آيو تہ ھن لاءِ آسمان کُلي پيو ۽ خدا جو روح ھڪ ڪبوتر وانگر ھيٺ لھندو ۽ پاڻ تي ويھندو ڏٺائين.١٧ [17]پوءِ آسمان مان ھڪ آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ آءٌ ھن مان ڏاڍو خوش آھيان.“Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common متي ٣ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/matthew/003.mp3 28 3