× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 مرقس متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١٦ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠1 1 1 Sindhi Common مرقس ١٦ Save Notes ١ [1]جڏھن سبت جو ڏينھن پورو ٿيو تہ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ کٿوري خريد ڪئي تہ عيسيٰ جي ميت کي خوشبوءِ ھڻن.٢ [2]آچر جي ڏينھن تي سج اڀرئي مھل اھي قبر تي آيون.٣ [3]اھي پاڻ ۾ چئي رھيون ھيون تہ ”اسان لاءِ ڪير قبر جي منھن تان پٿر ھٽائيندو؟“ ڇالاءِجو اھو پٿر تمام وڏو ھو.٤ [4]پر جڏھن اچي نھاريائون تہ ڇا ڏسن تہ اھو پٿر تہ اڳي ئي رڙھيو پيو آھي.٥ [5]جڏھن قبر جي اندر ويون تہ ڏٺائون تہ ھڪ نوجوان نوراني پوشاڪ سان ساڄي طرف ويٺو آھي. اھي حيرانيءَ ۾ پئجي ويون.٦ [6]تنھن تي انھيءَ جوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوھين عيسيٰ ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو صليب تي چاڙھيو ويو ھو؟ ھو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ ھتي ڪونھي. اِجھا! ھيءَ اھا جاءِ آھي جتي ھن کي رکيو ھئائون.٧ [7]پر اوھين وڃو ۽ وڃي عيسيٰ جي شاگردن ۽ پطرس کي چئو تہ ’ھو اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن وڃي رھيو آھي. اوھين ھن کي اتي ڏسندا، جيئن ھن پاڻ اوھان کي ٻڌايو ھو.‘“٨ [8]اھي قبر کان ٻاھر نڪري وٺي ڀڳيون، ڇالاءِجو ھنن کي ڏڪڻي ۽ حيراني وٺي ويئي ھئي. انھن ڪنھن سان بہ نہ ڳالھايو ڇالاءِجو ھنن کي ڊپ پئي ٿيو.٩ [9]عيسيٰ آچر جي صبح جو سوير جيئري ٿيڻ کان پوءِ پھريون دفعو مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏني، جنھن مان ھن ست ڀوت ڪڍيا ھئا.١٠ [10]ھوءَ ويئي ۽ وڃي ھن جي ساٿين کي اھو ٻڌايائين، جيڪي سوڳ ڪندي روئن پيا.١١ [11]جڏھن ھنن ٻڌو تہ عيسيٰ جيئرو آھي ۽ مريم ان کي ڏٺو آھي، تڏھن اھي مٿس اعتبار ئي نہ پيا ڪن.١٢ [12]انھيءَ کان پوءِ عيسيٰ ٻئي صورت انھن مان ٻن شاگردن کي ڏيکاري ڏني، جڏھن اُھي پنھنجو رستو وٺيو ٻھراڙيءَ ۾ وڃن پيا.١٣ [13]تڏھن اھي موٽي پيا ۽ اھا ڳالھہ ٻين کي بہ اچي ٻڌايائون. پر اھي انھيءَ ڳالھہ تي اعتبار ئي نہ پيا ڪن.١٤ [14]آخر ۾ عيسيٰ يارھن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏھن ھو گڏجي ماني کائي رھيا ھئا. ھن انھن کي ڇينڀيو، ڇاڪاڻتہ انھن کي يقين ئي نہ پئي آيو ۽ اھي ايترا تہ بياعتبار ھئا جو جن ھن کي جيئرو ڏٺو ھو تن تي بہ اعتبار نہ پيا ڪن.١٥ [15]پوءِ ھن انھن کي چيو تہ ”سڄي دنيا ۾ وڃو ۽ انسانذات ۾ منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريو.١٦ [16]جيڪوبہ ايمان آڻيندو ۽ بپتسما وٺندو سو ڇوٽڪارو حاصل ڪندو ۽ جيڪوبہ ايمان نہ آڻيندو سو ڏوھاري ٿيندو.١٧ [17]ايمان آڻڻ وارن ۾ قدرت جون ھي نشانيون ھونديون جو اھي منھنجي نالي تي ڀوت ڪڍندا ۽ عجيب عجيب ٻوليون ڳالھائيندا.١٨ [18]جيڪڏھن اھي نانگ جھليندا يا زھر پيئندا تہ بہ انھن کي ڪو نقصان نہ پھچندو. ھو بيمارن کي ھٿ لائيندا تہ اھي چڱا ڀلا ٿي پوندا.“١٩ [19]خداوند عيسيٰ انھن سان ڳالھائڻ کان پوءِ آسمان ڏانھن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.٢٠ [20]پوءِ شاگردن وڃي ھر ھنڌ تبليغ ڪئي. خداوند انھن سان گڏ پئي ڪم ڪيو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ انھن جي تبليغ سچي ھئي، ڇالاءِجو کين قدرت جون نشانيون ڏنيون ھئائين.Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common مرقس ١٦ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/mark/016.mp3 16 16