× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 رومين متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ٥ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦1 1 1 : ٣ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١1 1 1 Sindhi Common رومين ٥ Save Notes ١ [1]جيئن تہ اسين ايمان جي ڪري سچار بڻايا ويا آھيون، تنھنڪري اسان جو پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا سان ميلاپ ٿي ويو آھي.٢ [2]مسيح اسان کي ايمان جي وسيلي خدا جي فضل تائين پھچايو آھي، جنھن تي اسين ثابت قدم آھيون. سو اچو تہ اسين انھيءَ اميد تي خوشي ڪريون تہ خدا جو جلوو ماڻينداسين.٣ [3]نہ رڳو ايترو پر پنھنجن مصيبتن ۾ بہ خوشي ڪريون، ڇالاءِجو اسان کي خبر آھي تہ مصيبت مان صبر پيدا ٿئي ٿو.٤ [4]صبر مان خدا جي رضامندي پيدا ٿئي ٿي ۽ سندس رضامنديءَ مان اميد پيدا ٿئي ٿي.٥ [5]اسان کي انھيءَ اميد مان مايوسي نہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻتہ پاڪ روح، جيڪو اسان کي ڏنو ويو آھي، تنھن جي وسيلي خدا جو پيار اسان جي دلين ۾ اوتيو ويو آھي.٦ [6]جڏھن اسين اڃا لاچار ئي ھئاسين تہ بلڪل انھيءَ وقت مسيح اسان بدڪارن لاءِ جان ڏني.٧ [7]ڪنھن سچار ماڻھوءَ خاطر بہ مشڪل سان ئي ڪو پنھنجي جان ڏيندو، پر ٿي سگھي ٿو جو ڪو ماڻھو ڪنھن نيڪ ماڻھوءَ لاءِ پنھنجي جان ڏيڻ جي ھمت ڪري بہ وجھي.٨ [8]پر خدا اسان سان پنھنجو پيار انھيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏھن اسين اڃا گنھگار ئي ھئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ مئو.٩ [9]ھاڻ جڏھن ھن جي موت جي وسيلي اسين خدا ڏانھن سچار ٿياسين، تہ انھيءَ کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسين مسيح جي وسيلي خدا جي غضب کان بچي وينداسين.١٠ [10]اڳي خدا جا دشمن ھئاسين، پر سندس فرزند جي موت جي وسيلي اسان جو ھن سان ميلاپ ٿي ويو. ھاڻي جڏھن اسين خدا جا دوست آھيون، تڏھن اسين ڪيترو نہ وڌيڪ مسيح جي حياتيءَ جي وسيلي بچي وينداسين.١١ [11]نہ رڳو ايترو پر اسين خدا جي حضور ۾ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت خوشي ٿا ڪريون، ڇاڪاڻتہ ان جي ئي وسيلي اسان جو خدا سان ميلاپ ٿيو آھي.١٢ [12]ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڪري دنيا ۾ گناھہ آيو، گناھہ جي سبب موت آيو ۽ موت سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو، ڇالاءِجو سڀني ماڻھن گناھہ ڪيو.١٣ [13]شريعت جي ملڻ کان اڳ ۾ بہ دنيا ۾ گناھہ ھو، پر جتي شريعت ئي ڪانھي اُتي گناھن جو حساب بہ نہ ٿو رکيو وڃي.١٤ [14]آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻھن تي موت جي حڪمراني ھئي، جيتوڻيڪ انھن مان ڪن اھڙو گناھہ نہ ڪيو جھڙو آدم خدا جي حڪم جي نافرماني ڪندي ڪيو. ڪن ڳالھين ۾ آدم مسيح وانگر ھو، جيڪو پوءِ اچڻ وارو ھو.١٥ [15]پر ٻئي ھڪ جھڙا نہ آھن، ڇاڪاڻتہ خدا جي بخشش کي آدم جي ڏوھہ سان ڀيٽي نہ ٿو سگھجي. اھو سچ آھي تہ انھيءَ ھڪڙي شخص جي گناھہ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو مري ويا ۽ وري ھڪڙي ئي شخص يعني يسوع مسيح جي فضل جي وسيلي گھڻن ئي ماڻھن کي خدا جو فضل ۽ بخشش جھجھي انداز ۾ ملي.١٦ [16]خدا جي بخشش ۽ ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ ۾ فرق آھي، ڇالاءِجو ھڪڙي ئي شخص جي ڏوھہ کان پوءِ سزا جو حڪم جاري ٿيو، پر گھڻا ئي ماڻھو گناھن ڪرڻ کان پوءِ بہ خدا جي انھيءَ فضل جي بخشش ڪري ڇٽي ويا.١٧ [17]اھو سچ آھي تہ ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ جي ڪري ۽ انھيءَ ماڻھوءَ جي ئي وسيلي موت حڪمراني ڪئي. پر ھڪڙي ئي ماڻھوءَ يعني عيسيٰ مسيح جي ڪم جو ڪيڏو نہ وڏو ڦل آھي جو اھي سڀ ھن جي وسيلي زندگيءَ ۾ حڪمراني ڪندا، جن کي خدا جي انھيءَ فضل جي گھڻائيءَ ۽ سچائيءَ جي بخشش ملي آھي.١٨ [18]جھڙيءَ طرح ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ جي ڪري سڀني ماڻھن لاءِ سزا جو حڪم مليو، تھڙيءَ طرح ھڪڙي ماڻھوءَ جي سچائيءَ واري ڪم جي ڪري سڀ ماڻھو ڇٽي ويندا ۽ کين زندگي ملندي.١٩ [19]جيئن ھڪڙي ماڻھوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ماڻھو گنھگار ٿيا، تيئن ھڪڙي ئي ماڻھوءَ جي فرمانبرداريءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو خدا ڏانھن سچار بڻايا ويندا.٢٠ [20]شريعت جي ملڻ کان پوءِ ڏوھہ وڌيا. گناھہ کڻي ڪيترا بہ وڌيا پر خدا جو فضل انھن کان بہ وڌي ويو،٢١ [21]۽ جيئن گناھن جي حڪمراني موت جي وسيلي آھي تيئن خدا جي فضل جي حڪمراني سچائيءَ جي وسيلي آھي، جيڪا اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي دائمي زندگي بخشي ٿي.Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common رومين ٥ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/romans/005.mp3 16 5