× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 2 ڪرنٿين متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١٠ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨1 1 1 Sindhi Common 2 ڪرنٿين ١٠ Save Notes ١ [1]ھاڻي آءٌ پولس، جيڪو اوھان جي روبرو نِوڙت وارو آھيان پر اوھان جي پرپٺ اوھان جي واسطي وڏيءَ ھمت وارو آھيان، سو مسيح جي نھٺائيءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجھي اوھان کي منٿ ٿو ڪريان.٢ [2]ھائو، آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي دليري ڏيکارڻ لاءِ زور نہ ڀرجو. ڇالاءِجو مون کي يقين آھي تہ ڪن اھڙن ماڻھن کي آءٌ دليري بہ ڏيکاري سگھان ٿو، جيڪي سمجھن ٿا تہ اسين دنياوي نيت سان زندگي ٿا گذاريون.٣ [3]جيتوڻيڪ اسين دنيا ۾ رھون ٿا، تنھن ھوندي بہ دنياوي نيت سان نہ ٿا وڙھون.٤ [4]ڇالاءِجو اسان جي لڙائيءَ جا ھٿيار دنياوي نہ آھن پر خدائي طاقت وارا آھن، جيڪي مضبوط قلعن کي بہ ڊاھيو وجھن.٥ [5]اسين اجاين دليلن ۽ ھر ان وڏي رڪاوٽ کي ڊاھيون ٿا، جيڪا خدا جي سڃاڻپ جي برخلاف اڀري ٿي. اسين ھر ھڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جو فرمانبردار ٿا بڻايون.٦ [6]اسين تيار ٿا رھون تہ جڏھن اوھان جي فرمانبرداري مڪمل ٿئي، تڏھن ھر طرح جي نافرماني ڪندڙ کي سزا ڏيون.٧ [7]اوھين رڳو انھن شين تي نظر ڪريو ٿا جيڪي اوھان جي اکين اڳيان آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي پاڻ تي اھو يقين آھي تہ ھو مسيح جو آھي، تہ انھيءَ کي وري دل ۾ اھو بہ سوچڻ گھرجي تہ جھڙيءَ طرح ھو پاڻ مسيح جو آھي، تھڙيءَ طرح اسين بہ آھيون.٨ [8]ڇالاءِجو جيڪڏھن آءٌ کڻي انھيءَ اختيار تي گھڻو فخر ڪريان، جيڪو خداوند اسان کي اوھان جي روحاني واڌاري لاءِ ڏنو آھي، نہ ڊاھي ڇڏڻ لاءِ، تڏھن بہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس.٩ [9]ھي آءٌ انھيءَ لاءِ ٿو چوان تہ متان اوھين سمجھو تہ آءٌ اوھان کي پنھنجن خطن ذريعي ڊيڄاريان ٿو.١٠ [10]ڇالاءِجو ڪو چوي ٿو تہ ”پولس جا خط بيشڪ اثر وارا ۽ زبردست آھن، پر جڏھن پاڻ حاضر ٿو ٿئي تہ ھن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جھڙي اٿس.“١١ [11]اھڙي ماڻھوءَ کي سمجھڻ گھرجي تہ جھڙو پرپٺ خطن ۾ اسان جو ڪلام آھي اھڙو ئي روبرو اسان جو ڪم بہ ھوندو.١٢ [12]ڇالاءِجو اسان کي اھا جرئت ڪانھي جو پاڻ کي انھن ڪجھہ ماڻھن ۾ شمار ڪريون يا انھن سان ڀيٽيون جيڪي پنھنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن. پر اھي پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري نادان ٿا ٿين.١٣ [13]مگر اسين حد کان وڌيڪ فخر نہ ڪنداسين، پر خدمت جي باري ۾ اسان جو فخر انھيءَ حد جي اندر ھوندو جيڪا خدا اسان لاءِ مقرر ڪئي آھي ۽ اوھين بہ ان ۾ شامل آھيو.١٤ [14]ڇالاءِجو اسين اوھان تي حد کان وڌيڪ فخر نہ ٿا ڪريون، جھڙيءَ طرح اوھان تائين نہ پھچڻ جي حالت ۾ ٿئي ھا، پر اسان تہ مسيح جي خوشخبري ڏيندي اوھان تائين پھريائين پھچي ويا ھئاسين.١٥ [15]اسين ٻين جي محنت تي حد کان وڌيڪ فخر نہ ٿا ڪريون، پر اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوھان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جو ڪم مقرر ڪيل حد مطابق اوھان ۾ وڌندو ويندو.١٦ [16]سو اسين اوھان جي سرحد کان بہ پري وارن علائقن ۾ خوشخبري ٻڌائينداسين. ڪنھن ٻئي جي علائقي ۾ سندس ڪيل ڪم تي فخر نہ ڪنداسين.١٧ [17]جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“١٨ [18]ڇالاءِجو جيڪو پنھنجي تعريف پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اھو ئي قبول پوي ٿو جنھن جي تعريف خداوند ٿو ڪري.Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common 2 ڪرنٿين ١٠ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/2corinthians/010.mp3 13 10