× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 2 ڪرنٿين متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ٥ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣1 1 1 : ٢١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١1 1 1 Sindhi Common 2 ڪرنٿين ٥ Save Notes ١ [1]ڇالاءِجو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏھن اسان جو جسم جيڪو جھوپڙيءَ جھڙو ڪچو گھر آھي، ڊاھيو ويندو تہ اسان کي خدا کان آسمان تي ھڪڙو پڪو گھر ملندو. اھو ھٿن سان جوڙيل نہ آھي، بلڪ ھميشہ قائم رھندڙ آھي.٢ [2]ھاڻي اسين ڪنجھي رھيا آھيون ۽ ڪيڏي نہ وڏي تمنا پيا ڪريون تہ پنھنجي آسماني گھر کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيون.٣ [3]جيڪڏھن ان کي اسان تي پھرايو ويو تہ اسين اگھاڙا نہ ٿينداسين.٤ [4]ڇالاءِجو اسين ھن جھوپڙيءَ ۾ رھي بار جي ھيٺان دٻجي ڪنجھي رھيا آھيون. اسين موجودہ جسم کي ڇڏڻ نہ ٿا چاھيون، پر ان تي آسماني گھر کي پوشاڪ وانگر پھرڻ چاھيون ٿا، تہ جيئن مرڻ ھارڪو جسم حياتيءَ ۾ بدلجي وڃي.٥ [5]اھو خدا ئي آھي، جنھن اسان کي انھيءَ تبديليءَ لاءِ تيار ڪيو آھي ۽ اڳواٽ ئي پاڪ روح ڏنو آھي.٦ [6]تنھنڪري اسان کي ھميشہ پوري خاطري ٿي رھي ۽ ڄاڻون ٿا تہ جيستائين ھي جسم اسان جو گھر آھي تيستائين اسين خداوند کان پري آھيون.٧ [7]ڇالاءِجو اسين جيڪا زندگي گذاري رھيا آھيون سا ايمان جي وسيلي آھي، اکين سان ڏسڻ جي ڪري نہ.٨ [8]مطلب تہ اسان کي پوري خاطري آھي ۽ ھن جسم واري گھر کي ڇڏي خداوند سان گڏ رھڻ وڌيڪ پسند ڪريون ٿا.٩ [9]بحرحال توڙي اسين پنھنجي جسم واري گھر ۾ ھجون يا نہ ھجون، اسان جو سڀ کان وڏو مقصد ھي آھي تہ خداوند کي خوش ڪريون.١٠ [10]ڇالاءِجو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي انھن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي ھن جسم ۾ رھي ڪيا آھن، پوءِ اھي چڱا ھجن يا بڇڙا.١١ [11]تنھنڪري خداوند جو خوف ڪندي اسين ماڻھن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسان جو حال خدا کي معلوم آھي ۽ مون کي اميد آھي تہ اھو اوھان جي دلين تي بہ صاف ظاھر ٿيو ھوندو.١٢ [12]اسين اوھان سان وري پنھنجي ساراھہ نہ ٿا ڪريون، پر اوھان کي وجھہ ٿا ڏيون تہ اسان تي فخر ڪريو، جيئن انھن ماڻھن کي جواب ڏيئي سگھو جيڪي دل تي نہ پر ظاھري ڳالھين تي فخر ڪن ٿا.١٣ [13]جيڪڏھن ڪي سمجھن ٿا تہ اسين بيخوديءَ جي حالت ۾ آھيون تہ خدا جي خاطر آھيون، پر جيڪڏھن ٺيڪ دماغ سان آھيون تہ اوھان جي خاطر آھيون.١٤ [14]ھر حال ۾ مسيح جي محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، ڇالاءِجو اسين ھن نتيجي تي پھتا آھيون تہ جڏھن ھڪ شخص سڀني جي لاءِ مئو تہ سڀ مري ويا.١٥ [15]ھو سڀني جي لاءِ انھيءَ ڪري مئو تہ جيڪي جيئرا آھن سي اڳتي پنھنجي لاءِ نہ پر ھن جي لاءِ جيئن، جيڪو انھن جي خاطر مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو.١٦ [16]تنھنڪري ھن کان پوءِ اسين ڪنھن کي بہ جسماني طور نہ ٿا سڃاڻون. جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور ڄاتو ھو، پر ھاڻي اسين ھن کي ائين نہ ٿا سڃاڻون.١٧ [17]تنھنڪري جيڪڏھن ڪو مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي تہ ھو نئون خلقيل آھي. پراڻيون ڳالھيون گذري ويون، ڏسو، ان جي نئين حالت شروع ٿي ويئي.١٨ [18]ھي سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آھي، جنھن مسيح جي وسيلي اسان کي پاڻ سان ملايو ۽ صلح ڪرائڻ جي خدمت اسان جي حوالي ڪئي.١٩ [19]منھنجو مطلب آھي تہ خدا مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ڪري سڀني ماڻھن کي پاڻ سان ملايو. سندن ڏوھن جو ڪو حساب نہ ڪيائين ۽ ميل ميلاپ جو پيغام اسان کي ڏيئي ڇڏيائين.٢٠ [20]تنھنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آھيون، ڄڻ تہ خدا اسان جي وسيلي گھُر ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوھان کي منٿ ٿا ڪريون تہ خدا سان صلح ڪريو.٢١ [21]مسيح گناھہ کان واقف نہ ھو، پوءِ بہ خدا کيس اسان جي بدلي گناھہ جي قرباني ٺھرايو، تہ جيئن مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاھر ٿئي.Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common 2 ڪرنٿين ٥ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/2corinthians/005.mp3 13 5