× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 گلتين متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ٦ ١٢٣٤٥٦1 1 1 : ٦ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨1 1 1 Sindhi Common گلتين ٦ Save Notes ١ [1]اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڏوھہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوھين جيڪي روحاني آھيو، تنھن کي نرممزاجيءَ سان سڌاريو. ان سان گڏ پنھنجو بہ خيال ڪريو، متان اوھين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو.٢ [2]اوھين ھڪٻئي جا بار کڻو، اھڙيءَ طرح مسيح جي شريعت کي پورو ڪريو.٣ [3]جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجو پاڻ کي ڪا شيءِ سمجھي ٿو، پر ھو ڪجھہ بہ نہ آھي تہ ھو پنھنجو پاڻ کي ٺڳي ٿو.٤ [4]تنھنڪري ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجا ڪم پاڻ جاچڻ گھرجن. انھيءَ حالت ۾ ھو رڳو پنھنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ ھن کي ڪنھن ٻئي سان پنھنجي ڀيٽ ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿيندي.٥ [5]ڇالاءِجو ھر ڪو ماڻھو پنھنجو بار پاڻ کڻندو.٦ [6]جيڪو پاڪ ڪلام جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنھن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.٧ [7]فريب نہ کائو، ڪوبہ خدا کي ٺڳي نہ ٿو سگھي. ڇالاءِجو ماڻھو جيڪي پوکي ٿو سو ئي لڻندو.٨ [8]جيڪو پنھنجي جسماني فطرت جي لاءِ پوکي ٿو، سو انھيءَ فطرت مان موت جو فصل لڻندو. پر جيڪو پاڪ روح جي لاءِ پوکي ٿو، سو پاڪ روح مان دائمي زندگيءَ جو فصل لڻندو.٩ [9]اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇالاءِجو جيڪڏھن ھمت نہ ھارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاھينداسين.١٠ [10]تنھنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻھن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انھن سان جيڪي ايمان جي وسيلي اسان سان ھڪ ئي خاندان ۾ شريڪ آھن.١١ [11]ڏسو، ڪھڙن نہ وڏن وڏن اکرن سان آءٌ پنھنجي ھٿ سان اوھان ڏانھن لکي رھيو آھيان.١٢ [12]جيڪي ماڻھو ظاھري ڏيک پسند ڪن ٿا، سي اوھان کي طھر ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. ھو رڳو انھيءَ لاءِ ائين ڪن ٿا تہ جيئن مسيح جي صليب جي خاطر ستايا نہ وڃن.١٣ [13]ڇالاءِجو طھر ڪرائڻ وارا پاڻ بہ شريعت تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن. پر ھو اوھان کي طھر ڪرائڻ لاءِ انھيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن تہ جيئن اوھان جي انھيءَ جسماني رسم کي قبول ڪرڻ تي اھي فخر ڪري سگھن.١٤ [14]پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنھن ٻيءَ شيءِ تي فخر ڪريان، سواءِ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. ڇالاءِجو صليب جي ڪري دنيا منھنجي لاءِ مئل آھي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.١٥ [15]انھيءَ ڪري طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر اھم ڳالھہ نئون خلقيل ھجڻ آھي.١٦ [16]جيڪي بہ انھيءَ قاعدي تي ھلن ٿا، تن تي ۽ خدا جي قوم بني اسرائيل تي شل رحم ۽ سلامتي ھجي.١٧ [17]اڄ کان پوءِ ڪوبہ ماڻھو مون کي تڪليف نہ ڏئي، ڇالاءِجو منھنجي بدن تي جيڪي داغ آھن سي ظاھر ڪن ٿا تہ آءٌ مسيح جو غلام آھيان.١٨ [18]اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوھان سان ھجي. آمين.Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common گلتين ٦ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/galatians/006.mp3 6 6