× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 افسين متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ٥ ١٢٣٤٥٦1 1 1 : ٨ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨٢٩٣٠٣١٣٢٣٣1 1 1 Sindhi Common افسين ٥ Save Notes ١ [1]اوھين خدا جا پيارا ٻار آھيو، تنھنڪري سندس پيروي ڪريو٢ [2]۽ پيار ڀري زندگي گذاريو، جھڙيءَ طرح مسيح اسان کي پيار ڏنو ۽ اسان جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.٣ [3]پر زناڪاري ۽ ڪنھن بہ قسم جي ناپاڪي يا لالچ جو نالو بہ اوھان ۾ نہ ھئڻ کپي، ڇالاءِجو خدا وارن لاءِ اھو مناسب نہ آھي.٤ [4]بيشرمي، اجائي بڪ بڪ ۽ گندي چرچي بازي نہ ھئڻ کپي. اھي نالائقيءَ جھڙيون ڳالھيون آھن، پر اٽلندو شڪرگذاري ڪرڻ کپي.٥ [5]اوھين پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار يا ناپاڪ يا لالچي ماڻھو جيڪو حقيقت ۾ بتپرست آھي، تنھن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاھيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونھي.٦ [6]متان ڪو ماڻھو سکڻيون ڳالھيون ڪري اوھان کي ٺڳي وڃي، ڇالاءِجو اھڙن گناھن جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.٧ [7]تنھنڪري اوھين انھن جا شريڪ نہ ٿيو.٨ [8]ڇالاءِجو اڳي اوھين اوندھہ مثل ھئا، پر ھاڻي اوھين خداوند جا ماڻھو ھئڻ ڪري روشنيءَ مثل آھيو. سو اوھان کي انھن ماڻھن وانگر زندگي گذارڻ گھرجي جيڪي روشنيءَ وارا آھن.٩ [9]ھن ڪري جو روشنيءَ جو ڦل ھر طرح جي چڱائيءَ، صداقت ۽ سچائيءَ ۾ آھي.١٠ [10]آزمودي سان معلوم ڪندا رھو تہ خداوند کي ڇا ٿو وڻي.١١ [11]اونداھيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انھن کي پڌرو ڪريو.١٢ [12]ڇالاءِجو جيڪي ڪم اھي ڳُجھہڳوھہ ۾ ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جھڙي ڳالھہ آھي.١٣ [13]سڀڪا شيءِ جيڪا ڦٽڪار ھيٺ اچي ٿي سا روشنيءَ جي ڪري پڌري ٿيو پوي.١٤ [14]ڇالاءِجو اھا روشني ئي آھي، جيڪا ھر شيءِ کي روشن ڪري ٿي ڏيکاري. تنھنڪري چيو ويو آھي تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائيندو.“١٥ [15]تنھنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا ھلو. نادانن وانگر نہ، پر دانائن وانگر زندگي گذاريو.١٦ [16]وقت جو پورو پورو فائدو وٺو، ڇالاءِجو زمانو خراب آھي.١٧ [17]تنھنڪري بيوقوف نہ ٿيو، پر سمجھو تہ خداوند جي مرضي ڪھڙي آھي.١٨ [18]مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انھيءَ سان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي. پر اٽلندو پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو.١٩ [19]اوھين پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو ۽ پنھنجي دل سان خداوند جي ساراھہ ۾ ڳايو وڄايو.٢٠ [20]ھميشہ سڀني ڳالھين ۾ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي، خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيندا رھو.٢١ [21]مسيح جي ادب جي ڪري ھڪ ٻئي جي تابع رھو.٢٢ [22]اي زالون! اوھين پنھنجن مڙسن جون اھڙيون تابعدار رھو جھڙيون خداوند جون.٢٣ [23]ڇالاءِجو مڙس زال جو سرآھي، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا يعني بدن جو سر ۽ انھيءَ بدن جو بچائيندڙ آھي.٢٤ [24]تنھنڪري جھڙيءَ طرح ڪليسيا مسيح جي تابع آھي، تھڙيءَ طرح زالن کي بہ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ پنھنجن مڙسن جي تابع رھڻ گھرجي.٢٥ [25]اي مڙسؤ! پنھنجين زالن سان محبت رکو، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا سان محبت رکي ۽ ان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏيائين.٢٦ [26]ھن انھيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي پاڪ ڪلام جي وسيلي ۽ پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري پاڪ بڻائي.٢٧ [27]ھن جو مقصد ھو تہ ھڪڙي اھڙي جلوي واري ڪليسيا پنھنجي اڳيان پيش ڪري، جنھن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا ڪا ٻي اھڙي شيءِ نہ ھجي، بلڪ اھا پاڪ ۽ بيعيب ھجي.٢٨ [28]ساڳئي نموني مڙسن کي بہ پنھنجين زالن سان اھڙيءَ طرح محبت رکڻ کپي، جھڙيءَ طرح ھو پنھنجن جسمن سان رکن ٿا. جيڪو پنھنجيءَ زال سان محبت رکي ٿو سو پاڻ سان محبت رکي ٿو.٢٩ [29]مطلب تہ ڪوبہ ماڻھو ڪڏھن بہ پنھنجي جسم سان نفرت نہ ٿو ڪري، اٽلندو انھيءَ کي کارائي پيئاري ٿو ۽ انھيءَ جي پالنا ڪري ٿو، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا کي سنڀالي ٿو.٣٠ [30]ڇالاءِجو اسين سندس بدن جا عضوا آھيون.٣١ [31]جيئن لکيل آھي تہ ”انھيءَ سبب ماڻھو پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ کي ڇڏي، پنھنجيءَ زال سان گڏجي رھندو ۽ ٻئي ھڪ جسم ٿي ويندا.“٣٢ [32]اھو ھڪڙو وڏو راز آھي. پر آءٌ چوان ٿو تہ انھيءَ راز جو تعلق مسيح ۽ ڪليسيا سان آھي.٣٣ [33]اھو اوھان سان بہ لاڳاپو رکي ٿو تہ اوھان مان ھر ھڪ مڙس کي پنھنجيءَ زال سان اھڙي محبت ڪرڻ گھرجي جھڙي ھو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنھنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common افسين ٥ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/ephesians/005.mp3 6 5