× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 فلپين متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ٢ ١٢٣٤1 1 1 : ٣ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨٢٩٣٠1 1 1 Sindhi Common فلپين ٢ Save Notes ١ [1]جيڪڏھن اوھان کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري ڪا دلداري ملي آھي ۽ سندس محبت مان ڪا تسلي ٿي آھي ۽ پاڪ روح جي ڪا صحبت ۽ ڪا رحمدلي ۽ ھمدردي ملي اٿوَ،٢ [2]تہ پوءِ منھنجي ھيءَ خوشي پوري ڪريو تہ ھڪ دل ٿي ۽ ھڪ جھڙي محبت رکي، ھڪ روح ٿيو ۽ ھمخيال رھو.٣ [3]ذاتي لالچ ۽ اجائي ھٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، بلڪ نماڻائيءَ سان ھڪ ٻئي کي پاڻ کان بھتر سمجھو.٤ [4]اوھان مان ھر ھڪ رڳو پنھنجين ڳالھين تي نہ، پر ٻين جي ڳالھين تي بہ ڌيان ڏئي.٥ [5]اوھين اھڙو ئي سڀاءُ رکو جھڙو عيسيٰ مسيح جو ھو.٦ [6]جيتوڻيڪ ھو بذاتِخود خدا ھو، تہ بہ ھن خدا سان برابر ھئڻ جي درجي کي زوريءَ پنھنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.٧ [7]اٽلندو پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين، ۽ غلام جي صورت اختيار ڪري انسانن جھڙو ٿي ويو.٨ [8]انساني شڪل ۾ ظاھر ٿي ڪري ھن پاڻ کي ھيٺاھون ڪيو، ۽ ايستائين فرمانبردار رھيو جو موت، بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين.٩ [9]تنھنڪري خدا ھن کي تمام گھڻو سربلند ڪيو، ۽ کيس اھو نالو عطا ڪيائين، جيڪو سڀني نالن کان اعليٰ آھي.١٠ [10]انھيءَ لاءِ تہ انسان، جيڪي ڄاوا آھن يا جيڪي ڄمندا، سي سڀيئي عيسيٰ جي نالي تي گوڏا کوڙين،١١ [11]۽ ھر ھڪ زبان اقرار ڪري تہ عيسيٰ مسيح خداوند آھي، تان تہ خدا پيءُ جي واکاڻ ٿئي.١٢ [12]تنھنڪري اي منھنجا پيارا دوستو! جيئن اوھين ھميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آھيو تيئن نہ رڳو منھنجي موجودگيءَ ۾ پر ھاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ، انھيءَ ڪم کي ادب ۽ تابعداري ڪندي پورو ڪندا رھو، جيڪو ڇوٽڪاري جي ڪري ڪريو ٿا.١٣ [13]جڏھن تہ اھو خدا ئي آھي جيڪو پنھنجي نيڪ ارادي موجب اوھان ۾ ڪم ڪندو رھي ٿو، تہ جيئن اوھين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ ھن تي عمل بہ ڪريو.١٤ [14]سڀ ڪم شڪايت ۽ تڪرار ڪرڻ کان سواءِ ڪندا رھو،١٥ [15]تہ جيئن اوھين بيڏوھي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ نرڄن ماڻھن جي ھن زماني ۾ خدا جا بيعيب ٻار ٿي رھو. انھن جي وچ ۾ اوھين ائين ٿا چمڪو جيئن دنيا ۾ روشني،١٦ [16]۽ اوھين کين زندگيءَ جو ڪلام پيش ٿا ڪريو. جيڪڏھن اوھين اھو سڀ ڪجھہ ڪريو ٿا تہ آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تي فخر ڪري سگھندس تہ منھنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي.١٧ [17]پر جيڪڏھن اوھان جي ايمان واري خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنھنجو رت بہ وھائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آھيان ۽ اوھان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان.١٨ [18]اوھين بہ ساڳيءَ طرح خوش ٿيو ۽ مون سان گڏ خوشي ڪريو.١٩ [19]مون کي خداوند عيسيٰ ۾ اميد آھي تہ تيمٿيس کي جلد ئي اوھان ڏانھن موڪليندس، تہ جيئن اوھان جو احوال معلوم ڪري مون کي بہ دلجاءِ ٿئي.٢٠ [20]مون وٽ ھن جھڙو ٻيو ڪوبہ ھمخيال ماڻھو ڪونھي، جنھن کي سچپچ اوھان جي ڀلائيءَ لاءِ ڳڻتي ھجي.٢١ [21]ڇالاءِجو ھر ڪو پنھنجي مطلب جي ڳالھين کي ٿو ڏسي، نہ عيسيٰ مسيح جي ڳالھين کي.٢٢ [22]پر اوھان کي تيمٿيس جي لائق ھجڻ جي خبر آھي، ڇوتہ جيئن ڪو پٽ پيءُ سان گڏجي ڪم ڪري تيئن ھن مون سان گڏجي خوشخبري ڦھلائڻ جي خدمت ڪئي آھي.٢٣ [23]تنھنڪري اميد اٿم تہ جڏھن آءٌ ڏسندس تہ منھنجو ڪھڙو فيصلو ٿو ٿئي، تڏھن کيس ھڪدم اوھان ڏانھن روانو ڪندس.٢٤ [24]بلڪ مون کي خداوند تي ڀروسو آھي تہ آءٌ پاڻ بہ جلد ايندس.٢٥ [25]پر آءٌ اھو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوھان ڏانھن موڪليان، جيڪو منھنجو مسيحي ڀاءُ، ھمخدمت ۽ ھمسپاھہ آھي. ھي اوھان جو قاصد بہ آھي، جنھن کي اوھان منھنجين ضرورتن جي سنڀال ڪرڻ لاءِ مون ڏانھن موڪليو ھو.٢٦ [26]ھن کي اوھان سڀني جي ڏاڍي سڪ آھي ۽ بيقرار ٿو رھي، ڇالاءِجو اوھان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو ھو.٢٧ [27]سچپچ ھو بيمار ھو ۽ مرڻ تي ھو. پر خدا مٿس رحم ڪيو، نہ رڳو ھن تي پر مون تي بہ، جو مون کي ڏک پٺيان ڏک کان بچايائين.٢٨ [28]تنھنڪري کيس موڪلڻ جو مون کي اڃا بہ وڌيڪ شوق ٿيو، تہ جيئن اوھين کيس وري ڏسي خوش ٿيو ۽ منھنجو فڪر بہ گھٽجي وڃي.٢٩ [29]سو خداوند جا ھئڻ ڪري کيس ڀاءُ سمجھي وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ اھڙن شخصن کي عزت ڏيندا رھجو.٣٠ [30]ڇاڪاڻتہ ھو مسيح جي ڪم خاطر مرڻ تي ھو ۽ پنھنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انھيءَ لاءِ تہ منھنجي خدمت ۾ اوھان جي طرفان جيڪا گھٽتائي ھئي سا پوري ڪري.Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common فلپين ٢ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/philippians/002.mp3 4 2