× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 طيطس متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١ ١٢٣1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦1 1 1 Sindhi Common طيطس ١ Save Notes ١ [1]ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو خدا جو ٻانھو ۽ عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. آءٌ انھيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آھيان تہ خدا جي چونڊيلن جي ايمان ڏانھن رھنمائي ڪريان ۽ کين انھيءَ سچائيءَ جي سڃاڻپ ڪرايان، جيڪا دينداريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري.٢ [2]انھيءَ ايمان ۽ سڃاڻپ جو بنياد دائمي زندگيءَ جي اميد تي رکيل آھي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالھائي نہ ٿو سگھي، تنھن ازل کان وٺي اھڙي زندگيءَ جو واعدو ڪيو.٣ [3]سو ھن مناسب وقت تي پنھنجي ڪلام کي انھيءَ تبليغ جي وسيلي ظاھر ڪيو، جيڪا اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي حڪم سان منھنجي حوالي ڪئي ويئي.٤ [4]ھي خط طيطس ڏانھن لکجي ٿو، جيڪو ايمان ۾ شريڪ ھئڻ ڪري منھنجو سچو فرزند آھي. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.٥ [5]مون تو کي ڪريتي ۾ انھيءَ لاءِ ڇڏيو ھو تہ تون باقي رھيل ڳالھين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي ھدايت ڪئي ھئي، تيئن ھر ھڪ شھر ۾ بزرگ مقرر ڪرين.٦ [6]ھر بزرگ بيعيب ھجي ۽ ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجي. سندس ٻار ايمان وارا ھجن ۽ بدچاليءَ ۽ نافرمانيءَ جي تھمت کان پاڪ ھجن.٧ [7]ڇالاءِجو نگھبان، جيڪو خدا جو خدمتگار آھي، سو بيعيب ھئڻ گھرجي. ھو نہ ھٺيلو ھجي، نہ چيڙاڪ، نہ شرابي ھجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري ناجائز نفعي جو لالچي ھجي.٨ [8]اٽلندو ھو مھماننواز، نيڪيءَ سان پيار رکندڙ، سمجھُو، انصاف پسند، پاڪ ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ ھجي.٩ [9]ھن کي گھرجي تہ انھيءَ ڀروسي جھڙي ڪلام تي قائم رھي، جيڪو کيس سيکاريو ويو آھي. اھڙيءَ طرح ھو صحيح تعليم سان ٻين کي نصيحت ڪري سگھي ٿو ۽ مخالفن کي قائل بہ ڪري سگھي ٿو.١٠ [10]ڇالاءِجو گھڻا ئي ماڻھو نافرمان، اجائي بڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آھن، خاص ڪري انھن مان جيڪي طھر ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڀرين.١١ [11]انھن جو وات بند ڪرڻ گھرجي، ڇالاءِجو اھڙا ماڻھو ناجائز نفعي جي خاطر نامناسب ڳالھيون سيکاري گھرن جا گھر ڦٽائي ٿا ڇڏين.١٢ [12]ڪريتين جي ئي نبين مان ھڪڙي چيو آھي تہ ”ڪريتي جا ماڻھو ھميشہ ڪوڙا، بڇڙا جانور ۽ سست پيٽوڙي آھن.“١٣ [13]اھا شاھدي سچي آھي، تنھنڪري انھن کي سختيءَ سان ملامت ڪر، تہ جيئن سندن ايمان درست ٿئي،١٤ [14]۽ اھي يھودين جي جڙتو آکاڻين يا انھن ماڻھن جي حڪمن تي ڌيان نہ ڏين جيڪي سچ کان منھن ٿا موڙين.١٥ [15]پاڪ ماڻھن لاءِ سڀ شيون پاڪ آھن، پر جيڪي پليت ۽ ايمان نہ آڻيندڙ آھن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پاڪ ناھي. حقيقت ۾ انھن جو عقل توڙي ضمير ٻئي پليت آھن.١٦ [16]اھي خدا کي سڃاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر پنھنجن ڪمن سان انھيءَ جو انڪار ٿا ڪن، ڇالاءِجو اھي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنھن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آھن.Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common طيطس ١ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/titus/001.mp3 3 1