× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian Kabardian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong Tibetian South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Sundanese Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Bagri Bhilali Bodo Braj Tulu Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Mazanderani Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Dagbani Edo Kituba Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common ٢٠٠٩ پوِتر شاستر ٢٠٢٢مقدس ڪلام ٢٠٢٢Common ٢٠٠٩Sindhi ١٩٦٢1 1 1 فليمون متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١ ١1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤1 1 1 فليمون ١ Save Notes ١ [1]ھي خط عيسيٰ مسيح جي ڪري قيد ٿيل پولس ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آھي. ھي خط تو، فليمون اسان جي پياري دوست ۽ گڏجي ڪم ڪندڙ ڏانھن،٢ [2]۽ اسان جي ڀيڻ افيا ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاھي ارخپس ڏانھن موڪلجي ٿو. انھيءَ کان سواءِ ھي تنھنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا ڏانھن پڻ آھي.٣ [3]شل اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي اوھان تي ٿيندي رھي.٤ [4]جڏھن بہ آءٌ دعا ٿو گھران، تڏھن تو کي ياد ٿو رکان ۽ ھميشہ خدا جو شڪر ٿو ڪريان.٥ [5]ڇاڪاڻتہ آءٌ تنھنجي باري ۾ ٻڌندو آھيان تہ تون خداوند عيسيٰ سان محبت ڪرين ٿو ۽ مٿس ايمان رکين ٿو ۽ سڀني ايمان وارن سان بہ محبت ڪرين ٿو.٦ [6]منھنجي دعا آھي تہ تون سرگرميءَ سان پنھنجو عقيدو ونڊين، ڇوتہ ائين ڪرڻ سان اسان ۾ موجود مسيح وارين برڪتن جي تو ۾ پوري پوري ڄاڻ پيدا ٿيندي.٧ [7]تنھنجيءَ محبت مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آھي، ڇاڪاڻتہ ادا، تو ائين ايمان وارن جي دلين کي تازگي بخشي آھي.٨ [8]آءٌ مسيح جي ڪري ايترو دلير ٿي سگھيس ٿي جو تو کي ان ڪم ڪرڻ جو حڪم ڪريان جيڪو تو کي ڪرڻو آھي.٩ [9]پر تنھن ھوندي بہ آءٌ پيرسن پولس ۽ ھاڻي عيسيٰ مسيح جي ڪري قيد ٿيل، تو کي پيار مان عرض ٿو ڪريان.١٠ [10]منھنجو عرض اُنيسمس جي باري ۾ آھي، جنھن کي مون قيد ۾ ھوندي پنھنجو پٽ بڻايو آھي.١١ [11]ھو اڳي تہ تنھنجي ڪنھن بہ ڪم جو ڪونہ ھو، پر ھاڻي تنھنجي توڙي منھنجي، ٻنھي جي ڪم جو آھي.١٢ [12]آءٌ اُنيسمس کي تو ڏانھن موٽائي ٿو موڪليان، جنھن سان منھنجي ڏاڍي دل آھي.١٣ [13]آءٌ ھن کي پاڻ وٽ جيڪر خوشيءَ سان رکان ھا، جيستائين آءٌ ھتي خوشخبريءَ جي ڪري قيد ۾ آھيان، تہ جيئن ھي تنھنجي پاران منھنجي خدمت ڪري سگھي ھا،١٤ [14]پر تنھنجي مرضيءَ جي ابتڙ مون ڪجھہ بہ ڪرڻ ڪين گھريو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن منھنجي مدد مجبوريءَ سان نہ، پر تنھنجي خوشيءَ سان ٿئي.١٥ [15]شايد اُنيسمس تو کان ٿوري وقت لاءِ انھيءَ ڪري ڌار ٿيو تہ جيئن پوءِ ھو تو وٽ ھميشہ لاءِ رھي.١٦ [16]ھو ھڪ غلام وانگر نہ، پر غلام کان بھتر ھڪ پياري ڀاءُ وانگر اچي رھي. ھو مون کي تمام پيارو آھي. پر غلام ۽ وري مسيحي ڀاءُ ھجڻ ڪري تہ تو کي اڃا بہ وڌيڪ پيارو آھي.١٧ [17]سو جيڪڏھن تون مون کي پنھنجو ساٿي ٿو سمجھين تہ ھن جو آڌرڀاءُ ائين ڪج جيئن جيڪر منھنجو ڪرين ھا.١٨ [18]جيڪڏھن ھن تنھنجي ڪا غلطي ڪئي آھي، يا تنھنجو ڪو لھڻو ليکو اٿس تہ اھو منھنجي کاتي سمجھہ.١٩ [19]آءٌ پولس پنھنجي ھٿ سان لکي ٿو ڏيان تہ ھن جو ھرجنرج آءٌ پاڻ ڀري ڏيندس. باقي ائين دھرائڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونھي تہ تنھنجي جان ئي منھنجي ٿڌي ٿوري آھي.٢٠ [20]اسين خداوند جا آھيون. تنھنڪري اي ادا! منھنجي خواھش آھي تہ تو کان مون کي خوشي ملي. مسيحي ڀاءُ ھجڻ ڪري تون منھنجي دل کي حوصلو ڏي.٢١ [21]آءٌ تو ڏانھن انھيءَ يقين سان ٿو لکان تہ تون منھنجو عرض پورو ڪندين، بلڪ منھنجي چوڻ کان بہ وڌيڪ ڪري ڏيکاريندين.٢٢ [22]ٻي ڳالھہ تہ منھنجي ٽڪڻ لاءِ ھڪ ڪمرو تيار رکج، ڇوتہ اميد ٿو ڪريان تہ اوھانجين دعائن جي بدلي ۾ خداوند مون کي آزاد ڪري اوھان وٽ آڻيندو.٢٣ [23]اِپفراس، جيڪو مون سان گڏ عيسيٰ مسيح جي ڪري قيدي آھي ۽ مرقس، ارسترخس، ديماس ۽ لوقا جيڪي مون سان گڏ ڪم ڪندڙ آھن، سي سڀ تو کي سلام ٿا ڏين.٢٤ [24]شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوھان سڀني تي ھجي. آمين.Sindhi Common Bible 2009 © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common Bible 2009 فليمون ١ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/philemon/001.mp3 1 1