× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 عبرانين متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤1 1 1 Sindhi Common عبرانين ١ Save Notes ١ [1]اڳئين زماني ۾ خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان نبين جي معرفت ڳالھايو.٢ [2]پر ھاڻي ھن زماني جي آخر ۾ خدا اسان سان پنھنجي فرزند جي معرفت ڳالھايو، جنھن کي ھن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي ڪائنات خلقيائين.٣ [3]اھو فرزند خدا جي جلال جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنھنجي قدرت واري ڪلام سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. ھو گنھگارن کي پاڪ ڪرڻ کان پوءِ عرش تي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.٤ [4]اھڙيءَ طرح ھو ملائڪن کان اوتري قدر اعليٰ ٿيو، جيتري قدر کيس اعليٰ نالو ورثي ۾ مليو.٥ [5]ڇا خدا ڪڏھن ملائڪن مان ڪنھن کي ھيئن چيو تہ ”تون منھنجو فرزند آھين، اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان؟“ نڪي ھي ملائڪن بابت چيو اٿائين تہ ”آءٌ ھن جو پيءُ ٿيندس ۽ ھو منھنجو فرزند ٿيندو؟“٦ [6]وري جڏھن خدا پنھنجي پھريتي کي دنيا ۾ آڻي ٿو تڏھن چوي ٿو تہ ”خدا جا سڀ ملائڪ ھن کي سجدو ڪن.“٧ [7]ملائڪن بابت ھو چوي ٿو تہ ”ھو پنھنجي ملائڪن کي ھوائون ۽ پنھنجن خادمن کي باھہ جا شعلا ٿو بڻائي.“٨ [8]پر پنھنجي فرزند بابت ھو چوي ٿو تہ ”اي خدا! تنھنجو تخت ھميشہ تائين قائم رھندو، ۽ تون انصاف سان حڪومت ڪرين ٿو.٩ [9]تو سچائيءَ سان محبت، ۽ بڇڙائيءَ سان دشمني رکي. تنھنڪري خدا، يعني تنھنجي خدا، خوشيءَ جي تيل سان مسح ڪري تو کي چونڊيو، ۽ تنھنجي سنگتين کان تو کي مٿاھون ڪيو.“١٠ [10]ھن ھيئن بہ چيو تہ ”اي خداوند! شروع ۾ تو زمين کي بڻايو ۽ پنھنجي ھٿن سان آسمان کي پيدا ڪيو.١١ [11]اھي سڀ ناس ٿي ويندا، پر تون ئي باقي رھندين. اھي سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا.١٢ [12]تون انھن کي چادر وانگر ويڙھي ڇڏيندين ۽ اھي پوشاڪ وانگر بدلجي ويندا. پر تون ھميشہ اھو ئي ساڳيو آھين، ۽ تنھنجا سال ڪڏھن بہ کٽڻ جا ناھن.“١٣ [13]ڇا خدا ملائڪن مان ڪڏھن بہ ڪنھن کي چيو تہ ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ، جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کي تنھنجي پيرن جي صندلي نہ بڻايان؟“١٤ [14]ڇا اھي سڀ ملائڪ خدمت ڪندڙ روح نہ آھن، جيڪي ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ وارن جي لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common عبرانين ١ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/hebrews/001.mp3 13 1