× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 يعقوب متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ٣ ١٢٣٤٥1 1 1 : ١٦ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨1 1 1 Sindhi Common يعقوب ٣ Save Notes ١ [1]اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان مان گھڻا استاد ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇالاءِجو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي استاد آھيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.٢ [2]اسين سڀيئي گھڻين ئي ڳالھين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڳالھائڻ ۾ ڪڏھن بہ خطا نہ ٿو ڪري تہ اھو ڪامل آھي ۽ پنھنجي سڄي بدن کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.٣ [3]جڏھن اسين گھوڙن کي تابعدار بنائڻ لاءِ سندن وات ۾ لغام ٿا وجھون، تڏھن انھن جي سڄي بدن کي بہ ڦيري ٿا سگھون.٤ [4]سامونڊي جھازن جو ئي کڻي مثال وٺو، جيتوڻيڪ اھي تمام وڏا ٿا ٿين ۽ تيز ھوائن سان ڌڪجي ٿا ھلن، تڏھن بہ تمام ننڍي ونجھہ جي وسيلي، انھن کي ھلائڻ وارو جيڏانھن بہ چاھي ڦيرائي ٿو سگھي.٥ [5]ساڳيءَ طرح زبان بہ ھڪڙو ننڍو عضوو آھي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي ھڻي. غور ڪريو تہ ھڪ ننڍڙي چڻنگ جي وسيلي ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي باھہ ٿي لڳي.٦ [6]زبان حقيقت ۾ ھڪ باھہ آھي. اھا اسان جي عضون منجھہ بڇڙائيءَ جو ھڪ جھان آھي. زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي ساري چرخي کي باھہ ٿي لڳائي، ڇالاءِجو کيس ئي دوزخ کان باھہ ٿي لڳي.٧ [7]اھا حقيقت آھي تہ ھر قسم جا جانور، پکي، جيت ۽ سامونڊي ساھوارا وس ۾ آڻي سگھجن ٿا، بلڪ ماڻھن انھن کي وس ۾ آندو بہ آھي.٨ [8]پر زبان کي ڪوبہ ماڻھو وس ۾ آڻي نہ ٿو سگھي. اھا ھڪ اھڙي بلا آھي جا روڪڻ جي ئي ڪونھي. اھا موتمار زھر سان ڀريل آھي.٩ [9]جنھن زبان سان اسين خداوند ۽ پيءُ جي واکاڻ ٿا ڪريون تنھن سان ئي ماڻھن کي پاراتو ٿا ڏيون، جيڪي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آھن.١٠ [10]سو ساڳئي ئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري ۽ پاراتو بہ. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي.١١ [11]ڇا چشمي جي ھڪڙي ئي منھن مان مٺو ۽ کارو پاڻي نڪري سگھي ٿو؟١٢ [12]اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ڇا انجير جي وڻ مان زيتون، يا انگورن جي ول مان انجير پيدا ٿي سگھن ٿا؟ اھڙيءَ طرح کاري پاڻيءَ جو چشمو مٺو پاڻي نہ ٿو ڏئي سگھي.١٣ [13]اوھان ۾ ڏاھو ۽ سمجھو ڪير آھي؟ انھيءَ کي گھرجي تہ ھو پنھنجي چڱيءَ ھلت چلت جي وسيلي ڏاھپ واري نماڻائيءَ سان پنھنجو عمل ڏيکاري.١٤ [14]پر جيڪڏھن اوھين پنھنجين دلين ۾ سخت حسد ۽ نفاق رکو ٿا، تہ فخر نہ ڪريو ۽ نڪي سچ جي خلاف ڪوڙ ڳالھايو.١٥ [15]اھڙي ڏاھپ آسمان کان نہ ٿي اچي، بلڪ اھا دنياوي، جسماني ۽ شيطاني آھي.١٦ [16]ڇالاءِجو جتي حسد ۽ نفاق ھوندو آھي، اتي فساد ۽ ھر طرح جو بڇڙو ڪم بہ ھوندو آھي.١٧ [17]پر جيڪا ڏاھپ آسمان کان ٿي اچي، سا پھريائين تہ پاڪ آھي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ تابعدار ھئڻ سان گڏ رحم ۽ ھر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آھي. منجھس نہ طرفداري آھي ۽ نہ دوکو.١٨ [18]جيڪي صلح ٿا ڪرائين، سي صلح سان گڏ اھڙو ٻج ٿا پوکين، جيڪو سچائيءَ جو ڦل پيدا ٿو ڪري.Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common يعقوب ٣ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/james/003.mp3 5 3