× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian Kabardian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong Tibetian South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Sundanese Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Bagri Bhilali Bodo Braj Tulu Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Mazanderani Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Dagbani Edo Kituba Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common ٢٠٠٩ پوِتر شاستر ٢٠٢٢مقدس ڪلام ٢٠٢٢Common ٢٠٠٩Sindhi ١٩٦٢1 1 1 1 يوحنا متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١ ١٢٣٤٥1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠1 1 1 Sindhi Common Bible 2009 1 يوحنا ١ Save Notes ١ [1]اوھان ڏانھن اسين زندگيءَ جي ڪلام بابت لکون ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي ھو. اسان اھو ٻڌو ۽ پنھنجين اکين سان ڏٺو آھي. ھائو، اسان نہ رڳو ڏٺو آھي بلڪ پنھنجن ھٿن سان ڇھيو بہ آھي.٢ [2]ڇالاءِجو اھا ئي تہ زندگي ھئي، جيڪا پيءُ سان ھئي ۽ اسان تي ظاھر ٿي. اسان اھا ڏٺي ۽ ان جا اکين ڏٺا شاھد آھيون.٣ [3]جيڪيبہ اسان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو اوھان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوھين اسان سان انھيءَ صحبت ۾ شامل ٿيو، جيڪا اسان کي پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آھي.٤ [4]ھي ڳالھيون اسين انھيءَ لاءِ لکي رھيا آھيون تہ جيئن اسان کي پوري پوري خوشي حاصل ٿئي.٥ [5]ھاڻي، جيڪو پيغام اسان سندس فرزند کان ٻڌو آھي، سو اوھان کي ڏيون ٿا تہ ”خدا روشني آھي ۽ منجھس اوندھہ تہ اصل آھي ئي ڪانہ.“٦ [6]پوءِ جيڪڏھن اسان جي خدا سان صحبت آھي ۽ ھلون وري اوندھہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالھايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون.٧ [7]پر جيڪڏھن اسين روشنيءَ ۾ ھلون ٿا، جيئن خدا پاڻ بہ روشنيءَ ۾ آھي، تہ پوءِ اسان جي ھڪ ٻئي سان صحبت آھي ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح جو رت اسان کي سڀني گناھن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.٨ [8]جيڪڏھن اسين چئون تہ اسان ۾ گناھہ ڪونہ آھي، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچائي ڪانھي.٩ [9]پر جيڪڏھن اسين پنھنجا گناھہ باسينداسين تہ خدا پنھنجو واعدو پاڙيندو ۽ انصاف ڪري اسان جا گناھہ معاف ڪندو ۽ اسان کي ساري بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندو.١٠ [10]جيڪڏھن اسين چئون تہ اسان گناھہ ڪونہ ڪيو آھي، تڏھن اسين ڄڻ خدا کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس ڪلام موجود نہ آھي.Sindhi Common Bible 2009 © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common Bible 2009 1 يوحنا ١ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/1john/001.mp3 5 1