× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 يهوداهہ متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١ ١1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥1 1 1 يهوداهہ ١ Save Notes ١ [1]ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ يعقوب جي ڀاءُ يھوداہ جي طرفان آھي. ھي انھن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي چونڊيا ويا آھن ۽ ساڻن پيءُ خدا جو پيار آھي ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي حفاظت ۾ آھن.٢ [2]شل اوھان تي رحم، سلامتي ۽ پيار جھجھي انداز ۾ ھجي.٣ [3]پيارا دوستو! مون کي اوھان ڏانھن انھيءَ ڇوٽڪاري جي باري ۾ لکڻ جو تمام گھڻو چاھہ ھو، جنھن ۾ اسان سڀ شريڪ آھيون. سو مون اھو لکڻ ضروري سمجھيو تہ اوھان کي ھمتايان تہ انھيءَ ايمان لاءِ سخت مقابلو ڪريو، جيڪو خدا ھميشہ لاءِ پنھنجي قوم کي ڏيئي ڇڏيو آھي.٤ [4]ڇالاءِجو ڪي ماڻھو لڪي ڇپي اوھان منجھہ گھڙي آيا آھن. اُھي قديم زماني کان پاڪ ڪلام موجب ھن سزا لاءِ مقرر ڪيا ويا ھئا. ھو بدڪار ماڻھو آھن، جيڪي خدا جي فضل کي ڦيرائي پنھنجي شھوتپرستيءَ جو بھانو بڻائين ٿا. اُھي اسان جي ھڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.٥ [5]جيتوڻيڪ اوھين اڳي ئي اھو سڀ ڄاڻو ٿا، تنھن ھوندي بہ آءٌ اوھان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاھيان تہ ڪيئن خداوند ھڪ قوم کي مصر ملڪ مان بچائي ورتو ۽ پوءِ وري جن ايمان نہ آندو تن کي تباھہ ڪيائين.٦ [6]اھڙيءَ طرح جن ملائڪن پنھنجي اختيار واري حيثيت قائم نہ رکي پر پنھنجي خاص رھڻ جي جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي خدا ابدي زنجيرن سان قيد ڪري عظيم ڏينھن واري عدالت تائين اونداھيءَ منجھہ رکيو آھي.٧ [7]ساڳئي نموني سدوم ۽ عموراہ ۽ انھن جي آسپاس وارا شھر زناڪاري ۽ بدفعليءَ جي پٺيان پيا. اُھي دائمي باھہ جي سزا پيا ڀوڳين تہ جيئن ٻين لاءِ عبرت جو مثال ٿين.٨ [8]بلڪل ساڳئي نموني اھي ماڻھو بہ پنھنجن خوابن خيالن ۾ محو ٿي پنھنجن جسمن کي ناپاڪ ٿا ڪن، اختياريءَ کي حقير ٿا ڄاڻن ۽ عظيم آسماني ھستين جي بيحرمتي ٿا ڪن.٩ [9]مگر وڏي ملائڪ ميڪائيل جڏھن موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جھيڙو ۽ تڪرار پئي ڪيو، تڏھن کيس ايتري ھمت نہ ٿي جو شيطان تي ڦٽڪار ڪري سگھي. پر رڳو ايترو چيائين تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“١٠ [10]پر ھي ماڻھو انھن ڳالھين تي ڦٽڪار ٿا ڪن، جن کي ھو نہ ٿا ڄاڻن ۽ جن ڳالھين کي ھو بيعقل جانورن وانگر طبعي ٿا سمجھن. اھي ئي کين تباھہ ڪن ٿيون.١١ [11]افسوس آھي انھن تي! ڇالاءِجو ھو قابيل جي واٽ تي ھليا، نفعي جي خاطر بلعام جھڙي گمراھيءَ ۾ ڪاھي پيا ۽ قوراہ وانگر بغاوت ڪري برباد ٿيا.١٢ [12]ھي بدڪار ماڻھو اوھان جي محبت ڀرين مجلسن لاءِ نقصانڪار آھن، جيڪي بنا ڪنھن ڊپڊاءَ جي رڳو پنھنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوھان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِھي بيآب ڪڪر آھن، جن کي ھوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِھي سرءُ جا وڻ آھن جيڪي پوريءَ طرح مئل آھن، يعني بيڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آھن.١٣ [13]اِھي سمنڊ جون بيقابو ڇوليون آھن، جيڪي پنھنجي بيشرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. ھو ڀٽڪندڙ تارا آھن، جن لاءِ ھميشہ گھُگھُہ اوندھہ رکي ويئي آھي.١٤ [14]انھن ماڻھن جي باري ۾ ئي حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙھيءَ ۾ ھو، اڳڪٿي ڪري چيو تہ ”ياد رکو، خداوند پنھنجي لکين ملائڪن سان اچي ٿو.١٥ [15]ھو انھيءَ لاءِ ٿو اچي تہ جيئن ھر ھڪ سان انصاف ڪري ۽ انھن سڀني بدڪارن کي سزا ڏئي، جن بدڪاريءَ جو طريقو اختيار ڪري بدڪاريءَ جا ڪم ڪيا. ھو انھن سڀني سخت ڳالھين لاءِ کين ڏوھاري ٺھرائيندو، جيڪي ھنن وڏن گنھگارن سندس برخلاف ڪيون آھن.“١٦ [16]اُھي ماڻھو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ ۽ پنھنجين برين خواھشن تي ھلندڙ آھن. اِھي پنھنجي لاءِ ٻٽاڪون ھڻندڙ ۽ پنھنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آھن.١٧ [17]پر اي عزيزو! اھي ڳالھيون ياد رکو، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رسولن اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيون آھن.١٨ [18]اُھي اوھان کي چوندا ھئا تہ ”آخري زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻھو ھوندا، جيڪي پنھنجين بدڪاريءَ وارين خواھشن جي پيروي ڪندا.“١٩ [19]ھي اُھي ماڻھو آھن جيڪي جدايون ٿا وجھن. ھي نفسپرست آھن جن ۾ پاڪ روح نہ آھي.٢٠ [20]پر اي عزيزو! اوھين پنھنجي نھايت ئي پاڪ ايمان ۾ مضبوط ٿيندا رھو ۽ پاڪ روح جي مدد سان دعا گھرندا رھو.٢١ [21]پنھنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو ۽ ھميشہ جي زندگيءَ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رھو.٢٢ [22]جيڪي ماڻھو شڪ شبھو رکن ٿا، تن تي رحم ڪجو.٢٣ [23]ڪن کي ڇڪي باھہ مان ڪڍي بچايو ۽ ٻين تي خوف کائيندي رحم ڪريو. پر جسماني خواھشن وسيلي پليت ٿيل ڪپڙن کان بہ نفرت ڪجو.٢٤ [24]خدا جيڪو اوھان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو ۽ پنھنجي جلال واري حضور ۾ نھايت خوشيءَ سان بيعيب ڪري بيھاري سگھي ٿو،٢٥ [25]انھيءَ واحد خدا، اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ کي، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي جلال ۽ عظمت، قدرت ۽ اختيار سونھي، جيئن ازل کان ھو، ھاڻي آھي ۽ ھميشہ تائين ھوندو. آمين.Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common يهوداهہ ١ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/jude/001.mp3 1 1