× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian Kabardian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong Tibetian South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Sundanese Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Bagri Bhilali Bodo Braj Tulu Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Mazanderani Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Dagbani Edo Kituba Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common ٢٠٠٩ پوِتر شاستر ٢٠٢٢مقدس ڪلام ٢٠٢٢Common ٢٠٠٩Sindhi ١٩٦٢1 1 1 مڪاشفو متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠1 1 1 Sindhi Common Bible 2009 مڪاشفو ١ Save Notes ١ [1]ھن ڪتاب ۾ انھن ڳالھين جو بيان آھي، جيڪي عيسيٰ مسيح ظاھر ڪيون. اھو مڪاشفو خدا ھن کي انھيءَ لاءِ ڏنو تہ پنھنجي ٻانھن کي اھي ڳالھيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آھن. مسيح پنھنجي ملائڪ جي وسيلي پنھنجي غلام يوحنا تي اھي ڳالھيون ظاھر ڪيون.٢ [2]پوءِ يوحنا انھن ڳالھين جي گواھي ڏني جيڪي ھن ڏٺيون، يعني خدا جو ڪلام ۽ عيسيٰ مسيح جي شاھدي.٣ [3]سڀاڳو آھي اھو شخص، جيڪو ھن پيشنگوئيءَ جون ڳالھيون پڙھي ٿو ۽ اھي جيڪي ٻڌن ٿا ۽ انھيءَ ۾ لکيل ڳالھين تي عمل ڪن ٿا. ڇالاءِجو انھن ڳالھين جي پوري ٿيڻ جو وقت ويجھو آھي.٤ [4]ھي پيغام يوحنا جي طرفان ايشيا پرڳڻي جي ستن ڪليسيائن ڏانھن آھي. شال اوھان تي انھيءَ جو فضل ۽ اطمينان ھجي، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي. اھي برڪتون اوھان ڏانھن انھن ستن روحن وٽان بہ آھن جيڪي خدا جي تخت جي اڳيان آھن،٥ [5]۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ آھن جيڪو سچو شاھد، جيڪي مئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پھريتو ۽ دنيا جي بادشاھن تي حڪم ھلائيندڙ آھي. ھو اسان کي پيار ٿو ڪري ۽ ھن پنھنجو رت وھائي اسان کي گناھن کان ڇوٽڪارو ڏنو آھي.٦ [6]ھن اسان کي ڪاھنن جي ھڪڙي بادشاھت بڻايو تہ جيئن اسين سندس خدا ۽ پيءُ جي خدمت ڪري سگھون. شل انھيءَ جي وڏائي ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.٧ [7]ڏسو، ھو ڪڪرن تي ٿو اچي، ھر ھڪ اک ھن کي ڏسندي. اھي بہ کيس ڏسندا جن ھن کي چيڀاٽي ماريو، ۽ دنيا جون سڀ قومون ساڻس پنھنجي ڪئي تي ماتم ڪنديون، بيشڪ. آمين.٨ [8]خداوند خدا، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي، اھو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اول ۽ آخر آھيان.“٩ [9]آءٌ يوحنا اوھان جو ڀاءُ ۽ عيسيٰ جي مصيبت، بادشاھت ۽ صبر ۾ اوھان سان شريڪ آھيان. آءٌ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ڪري انھيءَ ٻيٽ ۾ قيد ھوس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.١٠ [10]خداوند واري ڏينھن آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ پنھنجي پٺيان ھڪڙو اھڙو وڏو آواز ٻڌم جيڪو توتاري جي آواز وانگر ھو،١١ [11]جنھن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اھو ستن ئي ڪليسيائن ڏانھن ڏياري موڪل، يعني اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا ڏانھن.“١٢ [12]آءٌ پوئتي مڙيس تہ جيئن اھو ڏسي سگھان جنھن مون سان ٿي ڳالھايو، تڏھن مون ست سونا شمعدان ڏٺا.١٣ [13]انھن شمعدانن جي وچ ۾ مون ابنآدم جھڙو ھڪڙو شخص ڏٺو، جو پيرن تائين ھڪ ئي پوشاڪ پھريل ھو ۽ ڇاتيءَ تي ھڪڙو سونو سينابند ٻڌل ھوس.١٤ [14]انھيءَ جو مٿو ۽ وار اھڙا اڇا ھئا جھڙو کير، بلڪ نور جھڙا. سندس اکيون مشعل وانگر ٻرن پيون.١٥ [15]انھيءَ جا پير صاف پتل جھڙا ھئا جيڪو پتل ڄڻ تہ بٺيءَ مان تپي اُجرو ٿي نڪتل ھجي، سندس آواز زور سان وھندڙ پاڻيءَ جھڙو ھو.١٦ [16]ھن جي ساڄي ھٿ ۾ ست تارا ھئا ۽ وات مان ھڪڙي ٻہمنھين تلوار ٿي نڪتس ۽ سندس شڪل چمڪندڙ سج جھڙي ھئي.١٧ [17]جڏھن مون ھن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رھيس. ھن پنھنجو ساڄو ھٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ اول ۽ آخر آھيان.١٨ [18]آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن.١٩ [19]تنھنڪري جيڪي تو ھن وقت ڏٺو ۽ اُھي ڳالھيون جيڪي ھن کان پوءِ جلد ٿيڻيون آھن، سي سڀيئي لک.٢٠ [20]اُھي ست تارا جيڪي تو منھنجي ساڄي ھٿ ۾ ڏٺا تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز ھي آھي تہ ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آھن ۽ ست شمعدان ست ڪليسيائون آھن.“Sindhi Common Bible 2009 © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common Bible 2009 مڪاشفو ١ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/revelation/001.mp3 22 1