× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 متي متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١٧ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥1 1 1 Sindhi Common متي ١٧ Save Notes ١ [1]ڇھن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي اڪيلائيءَ ۾ ھڪڙي مٿاھين جبل تي وٺي ويو.٢ [2]جيئن ئي ھنن عيسيٰ ڏانھن نھاريو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ ھن جو منھن سج وانگر چمڪڻ لڳو. سندس پوشاڪ نوراني ٿي ويئي.٣ [3]پوءِ انھن موسيٰ ۽ الياس نبيءَ کي ڏٺو جيڪي عيسيٰ سان ڳالھيون ڪري رھيا ھئا.٤ [4]تنھن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! اھا اسان جي خوشنصيبي آھي جو اسين ھتي آھيون. جيڪڏھن اوھان جي مرضي ھجي تہ آءٌ ھتي ٽي تنبو کڻي کوڙيان، ھڪ اوھان لاءِ، ھڪ موسيٰ لاءِ ۽ ھڪ الياس لاءِ.“٥ [5]اڃا ھو ڳالھائي ئي پيو تہ ھڪ تمام اڇي ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي ۽ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ ھن مان آءٌ گھڻو خوش آھيان. اوھين ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“٦ [6]جڏھن شاگردن ھي آواز ٻڌو تہ اُھي ايترا تہ ڊڄي ويا جو پاڻ کي منھن ڀر زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون.٧ [7]عيسيٰ انھن وٽ اچي کين ھٿ لائي چيو تہ ”اٿو ۽ ڊڄو نہ.“٨ [8]پوءِ انھن اکيون کڻي نھاريو تہ عيسيٰ کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبہ ڪونہ ھو.٩ [9]جيئن ھو جبل تان ھيٺ لٿا پئي تہ عيسيٰ انھن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ اھو تيستائين ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين ابنآدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“١٠ [10]پوءِ شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”شريعت جا عالم ڇو ٿا چون تہ پھريائين الياس نبيءَ جو اچڻ ضروري آھي؟“١١ [11]ھن وراڻيو تہ ”برابر، الياس پھريائين ايندو ۽ ھر ھڪ شيءِ تيار ڪندو.١٢ [12]پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو ۽ ماڻھن ھن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح ابنآدم سان بہ اُھي ائين ئي سلوڪ ڪندا.“١٣ [13]پوءِ شاگردن سمجھيو تہ ھو ساڻن يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري بابت ڳالھائي رھيو ھو.١٤ [14]جڏھن اُھي خلق ڏانھن موٽيا تہ ھڪڙو ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي١٥ [15]چيائين تہ ”سائين! منھنجي پٽ تي رحم ڪريو، ڇاڪاڻتہ ھن کي مرگھيءَ جو اھڙو خوفناڪ مرض آھي جو اڪثر ڪري باھہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري.١٦ [16]آءٌ کيس اوھان جي شاگردن وٽ وٺي آيو ھوس، پر اُھي کيس ڇٽائي نہ سگھيا.“١٧ [17]تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اي بييقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان وٽ ھوندس؟ ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچ.“١٨ [18]عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو تہ ھو نڪري ويو ۽ انھيءَ گھڙيءَ ڇوڪرو چڱو ڀلو ٿي پيو.١٩ [19]پوءِ شاگرد عيسيٰ وٽ نويڪلائيءَ ۾ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”اسين ھن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسون؟“٢٠ [20]جڏھن سڀيئي شاگرد گليل ۾ اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انھن کي ٻڌايو تہ ”ابنآدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو.٢١ [21]اھي کيس ماري ڇڏيندا پر ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ تنھن تي شاگرد ڏاڍا غمگين ٿيا.٢٢ [22]جڏھن عيسيٰ ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم ۾ اچي پھتا تہ ھيڪل جا محصول اڳاڙيندڙ پطرس وٽ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڇا تنھنجو استاد ھيڪل جو محصول ڏيندو آھي؟“٢٣ [23]تنھن تي پطرس وراڻيو تہ ”ھائو.“ جڏھن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ ھن جي ڳالھائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ پڇيس تہ ”شمعون! تنھنجي ڪھڙي راءِ آھي؟ دنيا جي بادشاھن کي محصول ۽ ڍلون ڪير ڏيندا آھن؟ ڇا ملڪ جا رھاڪو ڏيندا آھن يا ڌاريا؟“٢٤ [24]تنھن تي پطرس جواب ڏنو تہ ”ڌاريا.“ عيسيٰ چيو تہ ”چڱو، پوءِ ان جو مطلب تہ ملڪ جا رھاڪو محصول ڏيڻ کان آجا آھن.٢٥ [25]پر اسين ھنن ماڻھن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاھيون. تنھنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پھرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو ھڪ وڏو سڪو ڏسندين. اھو کڻي وڃي منھنجي ۽ پنھنجي پاران ھنن کي ھيڪل جو محصول ڏي.“Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common متي ١٧ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/matthew/017.mp3 28 17