× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 طيطس متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ٣ ١٢٣1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥1 1 1 Sindhi Common طيطس ٣ Save Notes ١ [1]ماڻھن کي ياد ڏيار تہ حاڪمن ۽ اختياريءَ وارن جا تابعدار رھن، سندن حڪم مڃين ۽ ھر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رھن.٢ [2]انھن کي سمجھاءِ تہ ڪنھن جي بہ گلا غيبت نہ ڪن، نہ ئي جھيڙو ڪندڙ ٿين، بلڪ نرم طبيعت جا ٿين ۽ سڀني ماڻھن سان پوري حليمائيءَ سان پيش اچن.٣ [3]ڇالاءِجو اسين بہ ڪنھن وقت نادان، نافرمان، گمراھہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواھشن ۽ عياشين جا غلام ھئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا ھئاسين، نفرت جي لائق ھئاسين ۽ ھڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا ھئاسين.٤ [4]پر جڏھن اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي مھرباني ۽ انسان لاءِ سندس محبت ظاھر ٿي،٥ [5]تڏھن ھن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اھو اسان جي سچائيءَ جي ڪمن ڪرڻ ڪري نہ، بلڪ سندس رحم جي ڪري ٿيو. ھن اسان کي روحاني طور نئين سر پيدا ڪرڻ جي غسل ۽ پاڪ روح سان نئين زندگي ڏيڻ جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو.٦ [6]اھو روح اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جھجھي انداز ۾ اسان تي اوتيو.٧ [7]انھيءَ لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري سچار بڻجون ۽ دائمي زندگيءَ جا وارث ٿيون، جنھن جي اسين اميد رکون ٿا.٨ [8]اھا ڳالھہ سچي آھي. سو منھنجي مرضي آھي تہ تون انھن ڳالھين تي زور ڏي، انھيءَ لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آھي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رھڻ جي ڳڻتي رکن. اھي ڳالھيون چڱيون ۽ ماڻھن لاءِ فائديمند آھن.٩ [9]پر بيوقوفيءَ جي بحث مباحثن، نسبنامن، جھيڙن جھڳڙن ۽ شريعت بابت تڪرارن کان پاسو ڪر، ڇالاءِجو اھي بيفائدا ۽ اجايا آھن.١٠ [10]تفرقا پيدا ڪندڙ ماڻھوءَ کي پھريون ۽ پوءِ ٻيو دفعو بہ نصيحت ڪر، تنھن کان پوءِ ساڻس ڪوبہ تعلق نہ رک.١١ [11]تون ڄاڻي ڇڏ تہ اھڙو ماڻھو بگڙيل ۽ گنھگار آھي ۽ پاڻ کي ڏوھي ٿو ٺھرائي.١٢ [12]جڏھن آءٌ ارتماس يا تُخِڪُس کي تو وٽ موڪليان، تڏھن تون مون وٽ نڪوپلس شھر ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪج، ڇالاءِجو مون سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آھي.١٣ [13]زيناس وڪيل ۽ اپلوس کي اھڙي بندوبست سان روانو ڪج جيئن ھو ڪنھن شيءِ جا محتاج نہ ھجن.١٤ [14]اسان جي ماڻھن کي بہ گھرجي تہ چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ مشغول رھڻ سکن، انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجين توڙي ٻين جي ضرورتن جو پورائو ڪري سگھن ۽ بيفائدہ زندگي نہ گذارين.١٥ [15]جيڪي مون سان گڏ آھن، سي سڀ تو کي سلام ٿا ڏين. ايمان وارا جيڪي اسان سان محبت ٿا رکن، تن کي سلام ڏج. شل اوھان سڀني تي فضل ھجي.Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common طيطس ٣ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/titus/003.mp3 3 3