× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Common SindhiCommonHinduMuslim1 1 1 رومين متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ٦ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣1 1 1 Sindhi Common رومين ٦ Save Notes ١ [1]تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ گناھہ ڪندا رھون تہ جيئن خدا جو فضل وڌيڪ ٿئي؟٢ [2]نہ، بلڪل نہ. اسين گناھہ جي نسبت مئل آھيون تہ پوءِ ڪيئن ان ۾ وڌيڪ جيئرا رھي سگھنداسين؟٣ [3]ڇا اوھان کي اھا خبر نہ آھي تہ اسين جيڪي بہ بپتسما وٺي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيا ھئاسين، سي انھيءَ ئي بپتسما سان سندس مرڻ ۾ بہ ھڪ ٿيا ھئاسين؟٤ [4]تنھنڪري اسين سندس مرڻ ۾ بپتسما جي وسيلي ھن سان گڏ دفن ٿي ويا ھئاسين، انھيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح پنھنجي پيءُ جي جلوي سان مئلن مان جياريو ويو تيئن اسين بہ نئين زندگيءَ ۾ گذاريون.٥ [5]جيڪڏھن اسين مسيح جي مرڻ ۾ ساڻس گڏ شامل ھئاسين، تہ ساڳيءَ طرح سندس جيئري ٿي اٿڻ ۾ بہ ضرور شامل ٿينداسين.٦ [6]ڇالاءِجو اسان کي خبر آھي تہ اسان جي اڳين انسانيت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙھي ويئي، تہ جيئن اسان جون گناھہ ڪرڻ واريون نفساني خواھشون ناس ٿي وڃن ۽ اڳتي اسين گناھہ جي غلاميءَ کان ڇٽي پئون،٧ [7]ڇاڪاڻتہ جيڪو مري ويو سو گناھہ کان ڇٽي ويو.٨ [8]جيڪڏھن اسين مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي مئا آھيون، تہ پوءِ اسان جو ايمان آھي تہ ساڻس گڏ جيئرا بہ ضرور ٿينداسين.٩ [9]اسان کي اھا بہ خبر آھي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ وري مرڻ جو نہ آھي، ڇالاءِجو ھاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آھي.١٠ [10]جڏھن ھو مئو تہ گناھہ جي نسبت ھڪڙو ئي دفعو مئو، پر ھاڻي جڏھن ھو جيئرو آھي تہ خدا جي نسبت جيئرو آھي.١١ [11]اھڙيءَ طرح اوھين بہ پاڻ کي گناھہ جي نسبت مئل سمجھو، پر خدا جي نسبت عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڻ کي جيئرو سمجھو.١٢ [12]تنھنڪري اوھين پنھنجي ھن فاني جسم ۾ گناھہ کي حڪمراني ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوھين گناھہ جي خواھشن جي تابعداري ڪريو.١٣ [13]پنھنجي جسم جي عضون کي گناھہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اھي بڇڙائيءَ جا ھٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوھان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا ھٿيار ٿين.١٤ [14]ڇالاءِجو ھاڻي گناھہ جو اوھان تي ڪوبہ اختيار نہ آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اوھين شريعت جي تابع نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيو.١٥ [15]پوءِ ڇا اسين گناھہ ڪريون، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اسين شريعت جي نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيون؟ نہ، بلڪل نہ.١٦ [16]اوھان کي خبر آھي تہ جيڪڏھن اوھين غلامن وانگر ڪنھن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ اوھين انھيءَ ماڻھوءَ جا غلام آھيو. ھاڻي جيڪڏھن اوھين گناھہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آھي. پر جيڪڏھن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ھو اوھان کي سچار ڪري قبول ڪندو.١٧ [17]خدا جو شڪر آھي جو جيتوڻيڪ اوھين گناھہ جا غلام ھئا، پر جيڪا تعليم اوھان کي ڏني ويئي تنھن جي اوھان دلوجان سان تابعداري ڪئي.١٨ [18]اوھين گناھہ جي غلاميءَ کان آزاد ٿيا آھيو ۽ ھاڻي اوھين سچائيءَ جا غلام ٿيا آھيو.١٩ [19]جيئن تہ مون کي اوھان جي انساني ڪمزورين جي خبر آھي، سو آءٌ اوھان کي عام رواجي لفظن ۾ چوان ٿو تہ جيئن اڳي اوھان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو ھو، تيئن ھاڻي پاڪ ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.٢٠ [20]جڏھن اوھين گناھہ جا غلام ھئا، تڏھن سچائيءَ جي نسبت آزاد ھئا.٢١ [21]سو جن ڪمن جي ڪري اوھين ھن مھل شرمسار آھيو، تن مان انھيءَ وقت اوھان کي ڪھڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇالاءِجو انھن ڪمن جو نتيجو موت آھي.٢٢ [22]پر ھاڻي اوھين گناھن کان آزاد ڪيا ويا آھيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آھيو، جنھن جو اجر اوھان جي پاڪائي آھي ۽ جنھن جو نتيجو آھي دائمي زندگي.٢٣ [23]ڇالاءِجو گناھہ جو اجر موت آھي. پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت دائمي زندگي آھي.Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society Sindhi Common رومين ٦ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhicommon/romans/006.mp3 16 6