هڪ سال ۾ بائيبل

١. جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي ٻئي مهيني جي پهرينءَ تاريخ، سينا جي بيابان ۾، جماعت واري تنبوءَ ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
٢. تون بني اسرائيل جي ساري جماعت جو، سندن خاندانن ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، هرهڪ مرد جو نالو وٺي شمار ڪر.
٣. بني اسرائيل ۾ جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هجن، تن جو سندن لشڪر موجب، تون ۽ هارون گڏجي شمار ڪريو.
٤. هرهڪ قبيلي جو هڪڙو هڪڙو ماڻهو؛ جو پنهنجي اباڻي گهراڻي جو سردار هجي، سو اوهان سان گڏ رهي.
٥. ۽ جيڪي ماڻهو اوهان سان گڏ هوندا تن جا نالا هي آهن: روبن جي قبيلي مان؛ شديور جو پٽ اليصور.
٦. شمعون جي قبيلي مان؛ صوريشديءَ جو پٽ سلومي ايل.
٧. يهوداهہ جي قبيلي مان؛ عمينداب جو پٽ نحسون.
٨. اشڪار جي قبيلي مان؛ ضغر جو پٽ نتني ايل.
٩. زبولون جي قبيلي مان؛ حيلون جو پٽ الياب.
١٠. يوسف جي پٽن مان: افرائيم جي قبيلي مان؛ عميهود جو پٽ اليسمع: ۽ منسي جي قبيلي مان؛ فداهصور جو پٽ جملي ايل.
١١. بنيمين جي قبيلي مان؛ جدعونيءَ جو پٽ ابدان.
١٢. دان جي قبيلي مان؛ عميشدي جو پٽ اخيعزر.
١٣. آشر جي قبيلي مان؛ عڪران جو پٽ فجعي ايل.
١٤. جد جي قبيلي مان؛ رعوايل جو پٽ الياسف.
١٥. نفتاليءَ جي قبيلي مان؛ عينان جو پٽ اخيرع.
١٦. اِهي آهن ماڻهو جن کي جماعت مان سڏيو ويو، ۽ جي پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلن جا سردار هئا؛ ۽ اُهي ئي اسرائيل ۾ هزارن جا رئيس هئا.
١٧. سو اهي ماڻهو جن جا نالا ڏنل آهن، تن کي موسيٰ ۽ هارون پاڻ سان کنيو:
١٨. ۽ انهن ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ ساري جماعت گڏ ڪئي، ۽ انهن جي نالن جي شمار موجب، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، تن پنهنجن خاندانن، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، پنهنجا نسب ناما بيان ڪيا.
١٩. ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هن سينا جي بيابان ۾ اُنهن جو شمار ڪيو.
٢٠. اسرائيل جي پهريتي پٽ روبن جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
٢١. اهڙي طرح روبن جي قبيلي مان، جن جو شمار ڪيو ويو، سي ڇائيتاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.
٢٢. ۽ شمعون جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
٢٣. اهڙيءَ طرح شمعون جي قبيلي مان، جن جو شمار ڪيو ويو، سي اوڻهٺ هزار ۽ ٽي سؤ هئا.
٢٤. ۽ جد جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
٢٥. اهڙيءَ طرح جد جي قبيلي مان، جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجيتاليهہ هزار، ڇهہ سؤ ۽ پنجاهہ هئا.
٢٦. ۽ يهوداهہ جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
٢٧. اهڙيءَ طرح يهوداهہ جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوهتر هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا.
٢٨. اشڪار جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
٢٩. اهڙيءَ طرح اشڪار جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
٣٠. ۽ زبولون جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
٣١. اهڙيءَ طرح زبولون جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ستونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
٣٢. ۽ يوسف جي پٽن، افرائيم جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
٣٣. اهڙيءَ طرح افرائيم جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.
٣٤. ۽ منسي جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
٣٥. اهڙيءَ طرح منسيءَ جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻٽيهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هئا.
٣٦. ۽ بنيمين جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
٣٧. اهڙيءَ طرح بنيمين جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجٽيهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
٣٨. ۽ دان جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
٣٩. اهڙيءَ طرح دان جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻاهٺ هزار ۽ ست سؤ هئا.
٤٠. ۽ آشر جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
٤١. اهڙيءَ طرح آشر جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ايڪيتاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.
٤٢. ۽ نفتاليءَ جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
٤٣. اهڙيءَ طرح جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٽيونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
٤٤. اهي آهن سڀيئي مرد، جن جو شمار ڪيو ويو، جن کي موسيٰ، ۽ هارون، ۽ اسرائيل جي ٻارهن سردارن شمار ڪيو: انهن مان هرڪو پنهنجي اباڻي گهراڻي مان هو.
٤٥. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، ۽ جن جو سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو، سي سڀ،
٤٦. يعني جيڪي بہ شمار ڪيا ويا، سي مڙيئي ڇهہ لک ٽي هزار پنج سؤ ۽ پنجاهہ هئا.
٤٧. پر لاويءَ جي نسل وارا پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلي موجب، انهن ۾ شمار نہ ڪيا ويا؛
٤٨. ڇالاءِ جو خداوند، موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
٤٩. تون فقط لاويءَ جي قبيلي کي شمار نہ ڪج، نڪي انهن کي بني اسرائيل جي شمار ۾ داخل ڪج.
٥٠. پر لاوين کي شاهديءَ جي خيمي جي مٿان، ۽ انهي جي سڀ سامان جي مٿان، ۽ ٻيو جيڪي انهي جي بِلي آهي، تنهن جي مٿان مقرر ڪج. هو اهو خيمو ۽ انهي جو سڀ سامان کڻن، ۽ انهي جي خدمت ڪن، ۽ خيمي جي چوڌاري منزل ڪري رهن.
٥١. ۽ جڏهن خيمو اڳتي هلڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي لاهين، ۽ جڏهن خيمو کوڙڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي کڙو ڪن: ۽ جيڪو ٻيو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو، سو ماريو ويندو.
٥٢. ۽ بني اسرائيل مان سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي منزلگاهہ ۾، پنهنجي پنهنجي جهنڊي وٽ، پنهنجن لشڪرن موجب، پنهنجو تنبو هڻي؛
٥٣. پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن.
٥٤. سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو: جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن هنن ڪيو.
١. پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ
٢. بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي جهنڊي وٽ، پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي نشانين سان تنبو کوڙي: اهي جماعت واري تنبوءَ جي سامهون، ۽ انهي جي آس پاس پنهنجا تنبو هڻن.
٣. جيڪي اُڀرندي ڏانهن، يعني سج اُڀرڻ واري پاسي پنهنجا تنبو کوڙين، سي يهوداهہ جي منزلگاهہ جي جهنڊي وارا پنهنجي لشڪرن موجب هجن: ۽ عمينداب جو پٽ نحسون، بني يهوداهہ جو سردار ٿئي.
٤. ۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چوهتر هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا.
٥. ۽ جيڪي انهن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي اشڪار جي قبيلي وارا هجن، ۽ ضغر جو پٽ نتني ايل، بني اشڪار جو سردار ٿئي.
٦. ۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چوونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
٧. تنهن کان پوءِ زبولون جو قبيلو هجي، ۽ حيلون جو پٽ الياب، بني زبولون جو سردار ٿئي.
٨. ۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ستونجاهہ هزار چار سؤ هئا.
٩. سو يهوداهہ جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سندن لشڪرن موجب، هڪ لک ڇهاسي هزار چار سؤ هئا. اهي پهرين ڪوچ ڪن.
١٠. ڏکڻ واري پاسي روبن جي منزلگاهہ جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب هجي: ۽ شديور جو پٽ اليصور، بني روبن جو سردار ٿئي.
١١. ۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.
١٢. ۽ جيڪي انهن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي شمعون جي قبيلي وارا هجن، ۽ صوريشديءَ جو پٽ سلومي ايل، بني شمعون جو سردار ٿئي:
١٣. ۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي اوڻهٺ هزار ۽ ٽي سؤ هئا:
١٤. تنهن کان پوءِ جد جو قبيلو هجي؛ ۽ رعوايل جو پٽ الياسف بني جد جو سردار ٿئي:
١٥. ۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي پنجيتاليهہ هزار، ڇهہ سؤ ۽ پنجاهہ هئا.
١٦. سو روبن جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سندن لشڪرن موجب، هڪ لک ايڪونجاهہ هزار چار سؤ ۽ پنجاهہ هئا. اهي ٻئي دفعي ۾ ڪوچ ڪن.
١٧. انهن کان پوءِ جماعت وارو تنبو لشڪرن جي وچ ۾، لاوين جي لشڪر سان گڏ ڪوچ ڪري اڳتي هلي: جهڙي طرح منزل ڪن، تهڙيءَ طرح ڪوچ ڪن، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي، سندن جهنڊن جي ڀرسان هجي.
١٨. الهندي واري پاسي افرائيم جي منزلگاهہ جو جهنڊو، سندن لشڪرن موجب هجي: ۽ عميهود جو پٽ اليسمع بني افرائيم جو سردار ٿئي:
١٩. ۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.
٢٠. ۽ انهي جي ڀرسان منسي جو قبيلو هجي، ۽ فداهصور جو پٽ جملي ايل بني منسي جو سردار ٿئي:
٢١. ۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ٻٽيهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هئا.
٢٢. تنهن کان پوءِ بنيمين جو قبيلو هجي، ۽ جدعونيءَ جو پٽ ابدان، بني بنيمين جو سردار ٿئي:
٢٣. ۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي پنجٽيهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
٢٤. سو افرائيم جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سندن لشڪرن موجب، هڪ لک اٺ هزار ۽ هڪ سؤ هئا. اهي ٽئين دفعي ۾ ڪوچ ڪن.
٢٥. اُتر واري پاسي دان جي منزل گاهہ جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب هجي، ۽ عميشديءَ جو پٽ اخيعزر، بني دان جو سردار ٿئي:
٢٦. ۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ٻاهٺ هزار ۽ ست سؤ هئا.
٢٧. ۽ جيڪي انهن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي آشر جي قبيلي وارا هجن، ۽ عڪران جو پٽ فجعي ايل، بني آشر جو سردار ٿئي:
٢٨. ۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ايڪيتاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.
٢٩. تنهن کان پوءِ نفتاليءَ جو قبيلو هجي، ۽ عينان جو پٽ اخيرع، بني نفتاليءَ جو سردار ٿئي:
٣٠. ۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ٽيونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
٣١. سو دان جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي هڪ لک ستونجاهہ هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا. اهي سڀني جي پٺيان پنهنجن جهنڊن جي ڀرسان ڪوچ ڪن.
٣٢. بني اسرائيل مان سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب جن جو شمار ڪيو ويو، سي اهي آهن، يعني منزلگاهن مان جن جو سندن لشڪرن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ڇهہ لک ٽي هزار پنج سؤ ۽ پنجاهہ هئا؛
٣٣. پر لاويءَ جي نسل وارا بني اسرائيل ۾ شمار نہ ڪيا ويا، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
٣٤. سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن انهن پنهنجن جهنڊن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙيا، ۽ اهڙيءَ طرح سڀني پنهنجن خاندانن ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب ڪوچ ڪيو.
٧. خداوند جو آواز باهہ جي شعلن کي چيري ٿو.
٨. خداوند جو آواز بيابان کي لوڏي ٿو؛ خداوند قاديس جي بيابان کي لوڏي ٿو ڇڏي.
٩. خداوند جي آواز ڪري هرڻين جا پيٽ ڪريو پون، ۽ ٻيلن جا وڻ ٻٽا ٿيو پون: ۽ هن جي هيڪل ۾ سڀڪو جلال ئي جلال پيو پڪاري.
١٠. خداوند ٻوڏ جي وقت تخت نشين هو؛ هائو خداوند هميشہ جي لاءِ تخت نشين آهي.
١١. خداوند پنهنجيءَ اُمت کي طاقت ڏيندو؛ خداوند پنهنجيءَ اُمت کي سلامتيءَ جي برڪت ڏيندو.
٢٦. جيئن سرڪو ڏند لاءِ دونهون اکين لاءِ، تيئن سست ماڻهو انهن لاءِ جي هن کي موڪلين ٿا.
٢٧. خدا جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو: پر شرير جا ورهيہ گهٽايا ويندا.
٢٨. سچي جي اُميد خوشي ٿيندي: پر شرير جي آس چٽ ٿي ويندي.
٢٩. خداوند جو رستو سچي جي لاءِ هڪڙو مضبوط ڪوٽ آهي: پر گناهہ ڪندڙن جي لاءِ موت آهي.
١٤. ۽ هن انهيءَ خلق کي وري پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ اوهين سڀ منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ سمجهو:
١٥. ڪابہ شيءِ ٻاهران ماڻهوءَ ۾ گهڙي هن کي پليت ڪري نٿي سگهي، پر جيڪي شيون ماڻهوءَ جي اندران ٻاهر ٿيون نڪرن، اُهي ئي ماڻهوءَ کي پليت ٿيون ڪن.
١٦. (جنهن کي ڪن آهن سو ڀلي ٻڌي).
١٧. ۽ جڏهن هو گوڙ مان نڪري آيو، تڏهن سندس شاگردن انهي مثال بابت کانئس پڇيو.
١٨. تنهن تي هنن کي چيائين، تہ اوهين بہ اهڙا بي سمجهہ آهيو ڇا؟ ايتري بہ خبر نٿي پويوَ تہ جيڪي ٻاهران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو، سو هن کي پليت ڪري نٿو سگهي.
١٩. ڇالاءِ جو اُهو هن جي دل ۾ نٿو وڃي، پر هن جي پيٽ ۾ ٿو وڃي، ۽ اُتان جاءِ ضرور مان نڪريو وڃي؟ ائين چوڻ سان هن سڀني کاڌي جي شين کي پاڪ ٺهرايو.
٢٠. ۽ چيائين تہ جيڪي انسان مان ٻاهر ٿو نڪري، سو ئي انسان کي پليت ٿو ڪري.
٢١. ڇالاءِ جو اندران ماڻهوءَ جي دل مان بڇڙا خيال ٿا نڪرن، يعني حرامڪاريون،
٢٢. چوريون، خون، زناڪاريون، لالچون، بڇڙايون، ٺڳي، شهوت پرستي، بدنظري، گلاخوري، مغروري، بيوَقوفي:
٢٣. اهي سڀ خراب شيون اندر مان ٿيون نڪرن، ۽ ماڻهوءَ کي پليت ٿيون ڪن.
٢٤. پوءِ اُتان اُٿي صور ۽ صيدا جي حدن ڏانهن ويو. ۽ هڪڙي گهر ۾ اندر ويو، ۽ مرضي هيس تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي انهي جي خبر نہ پوي، پر لڪي نہ سگهيو.
٢٥. مگر يڪدم هڪڙي زال جنهن جي ننڍڙي ڌيءَ ۾ ڀوت هو سا سندس خبر ٻڌي آئي، ۽ اچي پيرين پيس.
٢٦. ۽ اُها زال يونانڻ هئي، ۽ سور فينيڪي جي قوم جي هئي. تنهن نيزاري ڪري چيس، تہ منهنجي نياڻيءَ مان ڀوت ڪڍ.
٢٧. ۽ هن چيس تہ پهريائين ٻارن کي ڍءُ ڪرڻ ڏي: ڇالاءِ جو ائين واجب نہ آهي تہ ٻارن جي ماني ڪتن کي اُڇلائي ڏجي.
٢٨. پر هن زال ورندي ڏيئي چيس تہ برابر خداوند: پر ڪتا بہ ميز جي هيٺان ٻارن جي ڪريلن ڀورن مان کائين ٿا.
٢٩. ۽ هن چيس تہ اها ڳالهہ برابر آهي، انهي ڪري تون وڃ، تنهنجي نياڻيءَ مان ڀوت نڪري ويو.
٣٠. سو هوءَ پنهنجي گهر ويئي ۽ ڏٺائين تہ ڇوڪري هنڌ تي پيئي آهي، ۽ ڀوت نڪري ويو اٿس.
٣١. ۽ وري هو صور جي حد مان نڪري، صيدا مان لنگهي، دڪاپلس جي حدن جو وچ ڏيئي، گليل جي سمنڊ ڏانهن آيو.
٣٢. ۽ ماڻهو هڪڙي شخص کي وٽس وٺي آيا، جو ٻوڙو هو، ۽ ڳالهائڻ ۾ بہ اٽڪ هيس؛ ۽ منٿ ڪيائونس تہ هن کي پنهنجو هٿ لاءِ.
٣٣. ۽ هو انهي کي گوڙ کان پاسيرو وٺي ويو، ۽ پنهنجون آڱريون هن جي ڪنن ۾ وڌائين، ۽ ڦيڻي ڪڍي هن جي زبان کي لاتائين؛
٣٤. ۽ آسمان ڏانهن نهاري ٿڌو ساهہ کنيائين، ۽ هن کي چيائين تہ افتح، يعني کُلي پئُہ.
٣٥. ۽ هن جا ڪن کُلي پيا، ۽ هن جي زبان جي تند ڇڙي پيئي، ۽ هو صاف ڳالهائڻ لڳو.
٣٦. پوءِ هن کين تاڪيد ڪئي تہ ڪنهن سان بہ ڳالهہ متان ڪريو: پر جيترو هن وڌيڪ جهلين، اوترو ئي وڌيڪ هنن وڃي اها ڳالهہ پڌري ڪئي.
٣٧. ۽ هنن کي بيحد عجب لڳو، ۽ چوڻ لڳا تہ هن سڀ جيڪي ڪيو آهي سو چڱو آهي: بلڪ هو ٻوڙن کي ٻڌڻ جي، ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.
Sindhi Bible 1962
Sindhi Bible Pakistan Bible Society, 1954,1962