هڪ سال ۾ بائيبل

١. پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت سين جي بيابان مان رواني ٿي، ۽ خداوند جي حڪم موجب مسافري ڪندي رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون؛ ۽ اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو.
٢. تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ اسان کي پاڻي ڏي تہ پيون. تڏهن موسيٰ هنن کي چيو تہ اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو، ۽ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟
٣. ۽ اتي ماڻهو پاڻيءَ لاءِ حيران ٿيڻ لڳا، ۽ موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ تو اسان کي مصر مان انهيءَ لاءِ آندو آهي ڇا، تہ اسين، ۽ اسان جا ٻار، ۽ اسان جو چوپايو مال، اُڃ جي ڪري مرون؟
٤. ۽ موسيٰ خداوند جي حضور ۾ پڪاريو ۽ چيائين تہ آءٌ هنن ماڻهن سان ڇا ڪريان؟ هو مون کي سنگسار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن.
٥. تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ماڻهن وٽ وڃي، اسرائيل جي بزرگن مان ڪن کي پاڻ سان کڻ ۽ پنهنجي لٺ، جا تو درياهہ تي هنئي هئي، سا بہ پاڻ سان کڻي وڃ.
٦. ۽ ڏس، آءٌ اُتي حريب جي ٽڪريءَ تي تنهنجي سامهون بيهندس، ۽ تون انهيءَ ٽڪريءَ کي اچي ڌڪ هڻ تہ انهيءَ مان پاڻي نڪرندو، تہ اهي ماڻهو پيئن. سو موسيٰ بني اسرائيل جي بزرگن جي روبرو ائين ئي ڪيو.
٧. هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا، ۽ هنن اتي خداوند کي آزمايو هو، ۽ چيو هئائون تہ ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟
٨. پوءِ عماليقي آيا، ۽ رفيديم ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪيائون.
٩. تڏهن موسيٰ يشوع کي چيو تہ اسان مان ڪي ماڻهو چونڊي ڪڍ، ۽ وڃي عماليقين سان وڙهہ. سڀاڻي آءٌ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻي انهيءَ جبل جي چوٽيءَ تي بيهندس.
١٠. سو يشوع ائين ئي ڪيو، جيئن موسيٰ چيو هوس، ۽ وڃي عماليقين سان جنگ ڪيائين، ۽ موسيٰ ۽ هارون ۽ حور، جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويا.
١١. ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ پنهنجو هٿ مٿي ٿي کنيو، تڏهن اسرائيل غالب ٿي پيا، ۽ جڏهن هن پنهنجو هٿ هيٺ ٿي ڪيو، تڏهن عماليقي غالب ٿي پيا.
١٢. پر موسيٰ جا هٿ ٿڪجڻ لڳا تنهنڪري انهن هڪڙو پهڻ کڻي سندس هيٺان رکيو. انهيءَ تي هو ويهي رهيو، ۽ هارون ۽ حور سندس هٿ جهلي بيٺا، هڪڙو هڪڙي پاسي کان، ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان؛ انهيءَ طرح سج لٿي تائين هن جا هٿ مٿي ئي هئا.
١٣. ۽ يشوع عماليق ۽ سندس ماڻهن کي ترار جي ڌار سان شڪست ڏني.
١٤. پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اها ڳالهہ يادگيري جي لاءِ هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏ.
١٥. اتي موسيٰ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ نسي (يعني خداوند منهنجو جهنڊو آهي) رکيائين.
١٦. ۽ چيائين تہ خداوند قسم کنيو آهي تہ خداوند عماليق سان پيڙهي بہ پيڙهي جنگ ڪندو رهندو.
١. موسيٰ جي سهري يترو، جو مديان جو ڪاهن هو، تنهن جڏهن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تہ خدا موسيٰ لاءِ، ۽ پنهنجي اُمت اسرائيل لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي، ۽ ڪيئن خداوند اسرائيل کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو:
٢. تڏهن موسيٰ جي سهري يترو، موسيٰ جي زال صفورہ کي پاڻ سان وٺي، جنهن کي موسيٰ اڳيئي موڪلي ڏنو هو،
٣. ۽ سندس ٻن پٽن کي بہ ساڻ وٺي، جن مان هڪڙي جو نالو هن جيرسوم رکيو هو (ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ ڌارئي ملڪ ۾ مسافر ٿي پيو گذاريان):
٤. ۽ ٻئي جو نالو اليعزر رکيو هئائين (ڇالاءِ جو هن چيو تہ منهنجي پيءُ جو خدا منهنجو مددگار آهي، ۽ انهي مون کي فرعون جي ترار کان ڇڏايو آهي):
٥. موسيٰ جو سهرو يترو، موسيٰ جي زال ۽ پٽن کي ساڻ وٺي انهي بيابان ۾ موسيٰ وٽ آيو، جتي هو خدا جي جبل وٽ منزل ڪري لٿو پيو هو.
٦. ۽ ڪنهن موسيٰ کي چيو تہ ڏس تنهنجو سهرو تنهنجيءَ زال ۽ تنهنجن پٽن سميت تو وٽ آيو آهي.
٧. تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ جهڪي نياز سان هن کي چميائين، ۽ ٻنهي هڪ ٻئي جي خير عافيت پڇي. پوءِ هو گڏجي تنبوءَ ۾ آيا.
٨. ۽ موسيٰ سارو احوال پنهنجي سهري کي ٻڌايو تہ خداوند اسرائيل جي خاطر، فرعون ۽ مصرين سان ڇا ڇا ڪيو، ۽ رستي ۾ مٿن ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون آيون، ۽ ڪيئن خدا کين بچايو.
٩. ۽ جيڪي ڀلايون خداوند، اسرائيل سان ڪيون ۽ کين مصرين جي هٿان ڇڏايو، تن لاءِ يترو ڏاڍو خوش ٿيو.
١٠. ۽ يتروءَ چيو تہ خداوند مبارڪ آهي، جنهن اوهان کي مصرين جي ۽ فرعون جي هٿان ڇڏايو.
١١. هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي، جنهن هن اُمت کي مصرين جي هٿان ڇڏايو آهي، ڇالاءِ جو انهن مغروريءَ سان هنن جي برخلاف ڪيو.
١٢. پوءِ موسيٰ جي سهري يترو، خدا جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني ۽ ڪي ٻيون قربانيون آنديون، ۽ هارون ۽ اسرائيل جا سڀيئي بزرگ، خداوند جي حضور ۾، موسيٰ جي سهري سان گڏ ماني کائڻ آيا.
١٣. ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ، موسيٰ ماڻهن جي عدالت ڪرڻ ويٺو، ۽ ماڻهو صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين موسيٰ جي اڳيان بيٺا هئا.
١٤. ۽ موسيٰ جيڪي ماڻهن سان ڪيو، سو جڏهن سندس سهري ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳو تہ تون ماڻهن سان هي ڇا ٿو ڪرين؟ ڇو تون پاڻ اڪيلو ويٺو آهين، ۽ ٻيا سڀيئي ماڻهو صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين تنهنجي اڳيان بيٺا آهن؟
١٥. تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري کي چيو تہ، ڇالاءِ جو ماڻهو خدا کان صلاح وٺڻ لاءِ مون وٽ ٿا اچن.
١٦. تنهن کان سواءِ جڏهن هنن ۾ ڪو جهيڙو ٿو ٿئي، تڏهن بہ هو مون وٽ ٿا اچن، ۽ آءٌ انهن ٻنهي جي عدالت ٿو ڪريان، ۽ کين خدا جي قاعدن ۽ سندس شريعت مان واقف ٿو ڪريان.
١٧. تڏهن موسيٰ جي سهري چيس تہ هي تون چڱو ڪم نٿو ڪرين.
١٨. ائين تہ تون ۽ هي ماڻهو، جيڪي تو سان آهن، سي سڀ ضرور ٿڪجي پوندا؛ ڇالاءِ جو هي ڪم تنهنجي لاءِ تمام ڳورو آهي، تون اڪيلو اهو ڪري ڪين سگهندين.
١٩. هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، آءٌ توکي صلاح ٿو ڏيان ۽ شل خدا تو ساڻ هجي: تون ماڻهن جي پاران خدا ڏانهن مهڙ ڪر، ۽ سڀ عرض احوال خدا جي اڳيان پيش ڪر.
٢٠. تون هنن کي قانون ۽ شريعت سيکار، ۽ جنهن رستي تي کين هلڻ گهرجي، ۽ جيڪو ڪم ڪرڻ گهرجين، سو سيکارين.
٢١. انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ، جن کي خدا جو خوف هجي، ۽ جي سچار هجن، ۽ کين ناحق جي نفعي کان نفرت هجي؛ اهڙن ماڻهن کي هنن جي مٿان، ڪي هزارن جا حاڪم، ڪي سوَن جا حاڪم، ڪي پنجاهن جا حاڪم، ۽ ڪي ڏهن جا حاڪم مقرر ڪر.
٢٢. پوءِ اهي ڀلي هر وقت ماڻهن جي عدالت ڪندا رهن: ۽ هيئن ٿيڻ گهرجي تہ سڀ ڪو وڏو مقدمو هو تو وٽ آڻين، ۽ سڀ ڪو ننڍو مقدمو هو پاڻ هلائين: انهيءَ طرح تنهنجي لاءِ بہ وڌيڪ سولائي ٿيندي، ۽ انهيءَ بار کڻڻ ۾ هو تو سان ڀائيوار بہ ٿيندا.
٢٣. جڏهن تون ائين ڪندين، ۽ خدا بہ توکي اهو حڪم ڏيندو، تہ پوءِ تون پوريءَ طرح ڪم هلائي سگهندين، ۽ هي سڀ ماڻهو بہ سلامتيءَ سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هليا ويندا.
٢٤. سو موسيٰ پنهنجي سهري جي ڳالهہ مڃي ۽ جيئن هن چيس، تيئن ئي ڪيائين.
٢٥. ۽ موسيٰ ساري اسرائيل مان قابل ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽ انهن کي ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪيائين، ڪي هزارن جا حاڪم ڪيائين، ڪي سوَن جا، ڪي پنجاهن جا، ۽ ڪي ڏهن جا.
٢٦. اهي هر وقت ماڻهن جي عدالت ڪندا هئا؛ مشڪل مقدما اهي موسيٰ وٽ آڻيندا هئا، ۽ ننڍا مقدما پاڻ هلائيندا هئا.
٢٧. پوءِ موسيٰ پنهنجي سهري کي موڪل ڏني ۽ هو پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو.
٢٨. ڇالاءِ جو تون منهنجو ڏيئو روشن ڪندين: خداوند منهنجو خدا منهنجي اوندهہ کي سوجهرو ڪندو.
٢٩. ڇالاءِ جو تنهنجي مدد سان آءٌ لشڪر جي مٿان ڊوڙي ٿو اچان؛ ۽ پنهنجي خدا جي وسيلي آءٌ ڀت ٽپي ٿو وڃان.
٣٠. خدا جو رستو تہ ڪامل آهي: خداوند جو ڪلام آزمايل آهي؛ جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن تن سڀني جي لاءِ هو ڍال آهي.
٣١. ڇالاءِ جو خداوند کان سواءِ ٻيو ڪير خدا آهي؟ ۽ اسان جي خدا کان سواءِ ٻيو ڪير ٽڪر آهي.
٣٢. اهو خدا آهي جو طاقت سان منهنجي ڪمر ٿو ٻڌي، ۽ منهنجي واٽ ڪامل ٿو ڪري.
٣٣. هو منهنجا پير هرڻ جهڙا ٿو ڪري؛ ۽ مون کي مٿانهين جاين تي ٿو بيهاري.
٣٤. هو منهنجن هٿن کي جنگ ڪرڻ ٿو سيکاري؛ ايتري قدر جو پتل جي ڪمان کي منهنجون ٻانهون موڙيو ڇڏين.
٣٥. تو مون کي پنهنجي نجات جي ڍال ڏني آهي: ۽ تنهنجي ساڄي هٿ منهنجي سنڀال ڪئي آهي، ۽ تنهنجيءَ مروت مون کي عظمت ڏني آهي.
٣٦. تو منهنجي هيٺان منهنجي قدمن جي واٽ ڪشادي ڪئي آهي، جنهن ڪري منهنجا پير ڪين ترڪيا آهن.
١٦. ڇهہ شيون آهن جن کي خداوند ڌڪاري ٿو؛ هائو ست آهن، جن کان هن کي نفرت ٿي اچي.
١٧. مغرور اکيون، ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان، ۽ بي گناهہ رت وهائيندڙ هٿ؛
١٨. خراب خيالي رٿون رٿيندڙ دل، خرابيءَ ڏانهن تکا ڊوڙندڙ پير؛
١٩. ڪوڙ ڳالهائيندڙ ڪُساکي شاهد، ۽ ڀائرن ۾ جهيڙو وجهندڙ ماڻهو.
١. ۽ يسوع وري بہ مثالن ۾ هنن سان ڳالهائڻ لڳو، ۽ چيائين تہ
٢. آسمان جي بادشاهت انهي بادشاهہ مثل آهي، جنهن پنهنجي پٽ جي شادي جي مجلس ڪئي.
٣. ۽ پنهنجا نوڪر موڪليائين تہ جن کي شاديءَ جي مجلس جي دعوت مليل آهي، تن کي سڏي اچو. پر انهن اچڻ جي نہ ڪئي.
٤. وري هن ٻيا نوڪر موڪليا، ۽ چيائين تہ جن کي دعوت ملي آهي، تن کي چئو، تہ ڏسو، مون پنهنجي ماني تيار ڪرائي آهي، منهنجا وهڙا ۽ ٿلها ٿلها جانور ذبح ٿي چڪا آهن، ۽ سڀ شيون تيار آهن، اوهين شاديءَ جي مجلس تي اچو.
٥. پر هنن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، ۽ پنهنجي منهن هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن، ڪو پنهنجي واپار تي:
٦. ۽ ٻين وري هن جي نوڪرن کي جهلي بي عزت ڪري ماري وڌو.
٧. تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.
٨. تڏهن هن پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ شاديءَ جي مجلس تيار آهي، مگر جن کي دعوت ڏني ويئي هئي، سي لائق نہ هئا،
٩. تنهنڪري اوهين چوواٽن تي وڃو، ۽ جيڪي بہ ماڻهو ڏسو، تن کي شاديءَ جي مجلس جي دعوت ڏيو.
١٠. ۽ اُهي نوڪر شاهي سڙڪن تي ويا، ۽ جيترا ماڻهو چڱا مٺا منهن پين، تن کي آڻي گڏ ڪيائون: سو شاديءَ واري جاءِ مهمانن سان ڀرجي ويئي.
١١. پر جڏهن بادشاهہ مهمانن جي ڏسڻ لاءِ اندر آيو، تڏهن اتي هڪڙو ماڻهو ڏٺائين، جنهن کي شاديءَ جا ڪپڙا پيل ڪين هئا.
١٢. ۽ انهي کي چيائين تہ ميان، شاديءَ جي ڪپڙن کانسواءِ تون هتي ڪيئن آيو آهين؟ پر هن ڪُڇيو ئي ڪين.
١٣. تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي چيو تہ هن جا هٿ پير ٻَڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيوس، اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.
١٤. ڇالاءِ جو سڏيل گهڻا آهن پر چونڊيل آهن ٿورا.
١٥. تڏهن فريسي وڃي صلاح ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايون.
١٦. ۽ انهن پنهنجن شاگردن کي هيرودين سان گڏي ڏانهنس موڪليو، جن وڃي چيس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين.
١٧. تنهنڪري اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪيئن ٿو ڀانئين؟ قيصر کي ڍل ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟
١٨. پر يسوع هنن جي بدنيتي سهي ڪري چيو تہ اي رياڪارو، اوهين ڇو ٿا مون کي آزمايو؟
١٩. مون کي ڍل جو سڪو ڏيکاريو. ۽ هو وٽس هڪڙو دينار کڻي آيا.
٢٠. ۽ هن کين چيو تہ هي شڪل ۽ هي اکر ڪنهن جا آهن؟
٢١. هنن چيس تہ قيصر جا آهن؛ تڏهن چيائين تہ چڱو جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو، ۽ جيڪي خدا جو آهي، سو خدا کي.
٢٢. ۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن عجب ۾ پئجي ويا ۽ هن کي ڇڏي هليا ويا.
Sindhi Bible 1962
Sindhi Bible Pakistan Bible Society, 1954,1962