١. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسان جو اوھان وٽ اچڻ اجايو ڪين ٿيو.
٢. اوھان کي خبر آھي تہ فلپي شھر ۾ ڏکن سھڻ ۽ بيعزت ٿيڻ کان پوءِ بہ خدا اسان کي ھمت ڏني، جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوھان کي سندس خوشخبري ٻڌائي.
٣. ڇالاءِجو اسان جي نصيحت گمراھہ ڪندڙ ناھي، نڪي ناپاڪيءَ يا ٺڳيءَ واري آھي.
٤. بلڪ جيئن خدا اسان کي قبول ڪري خوشخبري اسان جي حوالي ڪئي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻھن کي نہ پر خدا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي آزمائي ٿو.
٥. ڇالاءِجو اوھان کي خبر آھي تہ اسان ڪڏھن بہ خوشامند جي ڳالھہ نہ ڪئي آھي ۽ نہ ڪنھن ڳالھہ کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون. انھيءَ جو خدا شاھد آھي.
٦. اسان ماڻھن کان پنھنجي تعريف ڪرائڻ نہ گھري، نہ اوھان کان، نہ ئي ڪنھن ٻئي کان، جيتوڻيڪ اسين مسيح جا رسول ٿي اوھان تي اھڙو بار وجھي ٿي سگھياسين.
٧. پر اسين اوھان منجھہ اھڙي نرميءَ سان رھياسين، جھڙيءَ طرح ماءُ پنھنجن ٻارڙن کي پاليندي آھي.
٨. انھيءَ طرح اسان کي اوھان سان ايتري محبت ھئي جو نہ رڳو خدا جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ پر اوھان جي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بہ راضي ھئاسين، ڇاڪاڻتہ اوھين اسان کي ايڏا پيارا ٿي لڳا.
٩. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي اسان جي محنت ۽ مشقت ضرور ياد ھوندي، ڇالاءِجو اسان ڪنھن تي بہ بار نہ ٿيڻ لاءِ رات ڏينھن پورھيو ڪري اوھان کي خدا جي خوشخبري ٻڌائي.
١٥. يھودين خداوند عيسيٰ کي توڙي نبين کي ماري وڌو ۽ اسان کي بہ ستائي لوڌي ڪڍيائون. اھي خدا کي نہ ٿا وڻن ۽ سڀني ماڻھن جي خلاف آھن.
١٦. اھي اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو ڪلام نہ ٻڌايون. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجن گناھن جي گھَڙي کي ھميشہ ڀريندا ٿا رھن. پر نيٺ انھن تي خدا جو ڀرپور غضب اچي ڪڙڪيو آھي.
١٧. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اسين ٿوري عرصي جي لاءِ اوھان کان دلي طور نہ پر رڳو جسماني طور جدا ٿياسين، تڏھن ڏاڍي سڪ سان اوھان جي منھن ڏسڻ لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪئي سون.
١٨. انھيءَ لاءِ اسان ۽ خاص طور مون پولس، ھڪ کان وڌيڪ دفعا اوھان وٽ اچڻ جي خواھش بہ ڪئي، پر شيطان اسان کي روڪيو.
١٩. ڀلا، اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آھي؟ ڇا اسان جي خداوند عيسيٰ جي اڳيان سندس اچڻ وقت اھي اوھين ئي نہ ھوندا؟