Bible in one year نومبر ٤فليمون ١:١-٢٥١. ھي خط عيسيٰ مسيح جي ڪري قيد ٿيل پولس ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آھي. ھي خط تو، فليمون اسان جي پياري دوست ۽ گڏجي ڪم ڪندڙ ڏانھن،٢. ۽ اسان جي ڀيڻ افيا ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاھي ارخپس ڏانھن موڪلجي ٿو. انھيءَ کان سواءِ ھي تنھنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا ڏانھن پڻ آھي.٣. شل اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي اوھان تي ٿيندي رھي.٤. جڏھن بہ آءٌ دعا ٿو گھران، تڏھن تو کي ياد ٿو رکان ۽ ھميشہ خدا جو شڪر ٿو ڪريان.٥. ڇاڪاڻتہ آءٌ تنھنجي باري ۾ ٻڌندو آھيان تہ تون خداوند عيسيٰ سان محبت ڪرين ٿو ۽ مٿس ايمان رکين ٿو ۽ سڀني ايمان وارن سان بہ محبت ڪرين ٿو.٦. منھنجي دعا آھي تہ تون سرگرميءَ سان پنھنجو عقيدو ونڊين، ڇوتہ ائين ڪرڻ سان اسان ۾ موجود مسيح وارين برڪتن جي تو ۾ پوري پوري ڄاڻ پيدا ٿيندي.٧. تنھنجيءَ محبت مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آھي، ڇاڪاڻتہ ادا، تو ائين ايمان وارن جي دلين کي تازگي بخشي آھي.٨. آءٌ مسيح جي ڪري ايترو دلير ٿي سگھيس ٿي جو تو کي ان ڪم ڪرڻ جو حڪم ڪريان جيڪو تو کي ڪرڻو آھي.٩. پر تنھن ھوندي بہ آءٌ پيرسن پولس ۽ ھاڻي عيسيٰ مسيح جي ڪري قيد ٿيل، تو کي پيار مان عرض ٿو ڪريان.١٠. منھنجو عرض اُنيسمس جي باري ۾ آھي، جنھن کي مون قيد ۾ ھوندي پنھنجو پٽ بڻايو آھي.١١. ھو اڳي تہ تنھنجي ڪنھن بہ ڪم جو ڪونہ ھو، پر ھاڻي تنھنجي توڙي منھنجي، ٻنھي جي ڪم جو آھي.١٢. آءٌ اُنيسمس کي تو ڏانھن موٽائي ٿو موڪليان، جنھن سان منھنجي ڏاڍي دل آھي.١٣. آءٌ ھن کي پاڻ وٽ جيڪر خوشيءَ سان رکان ھا، جيستائين آءٌ ھتي خوشخبريءَ جي ڪري قيد ۾ آھيان، تہ جيئن ھي تنھنجي پاران منھنجي خدمت ڪري سگھي ھا،١٤. پر تنھنجي مرضيءَ جي ابتڙ مون ڪجھہ بہ ڪرڻ ڪين گھريو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن منھنجي مدد مجبوريءَ سان نہ، پر تنھنجي خوشيءَ سان ٿئي.١٥. شايد اُنيسمس تو کان ٿوري وقت لاءِ انھيءَ ڪري ڌار ٿيو تہ جيئن پوءِ ھو تو وٽ ھميشہ لاءِ رھي.١٦. ھو ھڪ غلام وانگر نہ، پر غلام کان بھتر ھڪ پياري ڀاءُ وانگر اچي رھي. ھو مون کي تمام پيارو آھي. پر غلام ۽ وري مسيحي ڀاءُ ھجڻ ڪري تہ تو کي اڃا بہ وڌيڪ پيارو آھي.١٧. سو جيڪڏھن تون مون کي پنھنجو ساٿي ٿو سمجھين تہ ھن جو آڌرڀاءُ ائين ڪج جيئن جيڪر منھنجو ڪرين ھا.١٨. جيڪڏھن ھن تنھنجي ڪا غلطي ڪئي آھي، يا تنھنجو ڪو لھڻو ليکو اٿس تہ اھو منھنجي کاتي سمجھہ.١٩. آءٌ پولس پنھنجي ھٿ سان لکي ٿو ڏيان تہ ھن جو ھرجنرج آءٌ پاڻ ڀري ڏيندس. باقي ائين دھرائڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونھي تہ تنھنجي جان ئي منھنجي ٿڌي ٿوري آھي.٢٠. اسين خداوند جا آھيون. تنھنڪري اي ادا! منھنجي خواھش آھي تہ تو کان مون کي خوشي ملي. مسيحي ڀاءُ ھجڻ ڪري تون منھنجي دل کي حوصلو ڏي.٢١. آءٌ تو ڏانھن انھيءَ يقين سان ٿو لکان تہ تون منھنجو عرض پورو ڪندين، بلڪ منھنجي چوڻ کان بہ وڌيڪ ڪري ڏيکاريندين.٢٢. ٻي ڳالھہ تہ منھنجي ٽڪڻ لاءِ ھڪ ڪمرو تيار رکج، ڇوتہ اميد ٿو ڪريان تہ اوھانجين دعائن جي بدلي ۾ خداوند مون کي آزاد ڪري اوھان وٽ آڻيندو. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society