٦. ھن اسان کي ڪاھنن جي ھڪڙي بادشاھت بڻايو تہ جيئن اسين سندس خدا ۽ پيءُ جي خدمت ڪري سگھون. شل انھيءَ جي وڏائي ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.
٧. ڏسو، ھو ڪڪرن تي ٿو اچي، ھر ھڪ اک ھن کي ڏسندي. اھي بہ کيس ڏسندا جن ھن کي چيڀاٽي ماريو، ۽ دنيا جون سڀ قومون ساڻس پنھنجي ڪئي تي ماتم ڪنديون، بيشڪ. آمين.
١٧. جڏھن مون ھن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رھيس. ھن پنھنجو ساڄو ھٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ اول ۽ آخر آھيان.
١٨. آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن.
١٩. تنھنڪري جيڪي تو ھن وقت ڏٺو ۽ اُھي ڳالھيون جيڪي ھن کان پوءِ جلد ٿيڻيون آھن، سي سڀيئي لک.
٢٠. اُھي ست تارا جيڪي تو منھنجي ساڄي ھٿ ۾ ڏٺا تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز ھي آھي تہ ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آھن ۽ ست شمعدان ست ڪليسيائون آھن.“