Bible in one year جنوري ١٥متي ١٠:٢١-٤٢٢١. ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو، پيءُ پنھنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو ۽ ٻار پنھنجي ماءُپيءُ کان ڦري ويندا ۽ ھنن کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا.٢٢. منھنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوھان کي ڌڪاريندو، پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو سو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.٢٣. جڏھن اُھي اوھان کي ڪنھن شھر ۾ ستائين تہ اوھين ھڪدم ٻئي شھر ڏانھن ھليا وڃجو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اوھين سڄي اسرائيل جي شھرن ۾ پنھنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ ابنآدم اچي پھچندو.٢٤. ڪوبہ شاگرد پنھنجي استاد کان مٿي نہ آھي ۽ نہ وري ڪو غلام پنھنجي مالڪ کان.٢٥. شاگرد لاءِ اھو سٺو آھي تہ ھو پنھنجي استاد سان ھر حال ۾ شامل رھي ۽ غلام لاءِ تہ پنھنجي مالڪ سان. جيڪڏھن گھر جي مالڪ کي ئي بعلزبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“٢٦. ”تنھنڪري انھن کان نہ ڊڄو. ڇالاءِجو اھڙي ڪابہ شيءِ ڍڪيل نہ آھي جا پڌري نہ ٿيندي ۽ اھڙي ڪابہ لڪل نہ آھي جا ظاھر نہ ٿيندي.٢٧. جو ھينئر آءٌ اوھان کي اونداھيءَ ۾ ٻڌايان ٿو سو اوھين روز روشن ۾ ٻڌائجو. جيڪو اوھين سسپس ۾ ٻڌو ٿا اھو وڏي واڪي ڪوٺن تان پڪارجو.٢٨. انھن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. تنھنڪري خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنھي يعني جسم ۽ روح کي ماري جھنم ۾ وجھي سگھي ٿو.٢٩. اوھين ھڪ ننڍڙي سڪي ۾ ٻہ جھرڪيون تہ خريد ڪري سگھو ٿا، پر انھن مان ھڪڙي بہ اوھان جي پيءُ جي مرضيءَ کان سواءِ زمين تي نہ ٿي ڪري.٣٠. اوھان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آھن.٣١. سو اوھان کي ڊڄڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻتہ اوھان جي قيمت ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ آھي.“٣٢. ”جيڪو مون کي ماڻھن جي اڳيان پڌري پٽ قبوليندو، تنھن کي آءٌ بہ پنھنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول ڪندس.٣٣. پر جيڪو ماڻھن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنھن کي آءٌ بہ پنھنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول نہ ڪندس.“٣٤. ”ائين نہ سمجھو تہ آءٌ دنيا ۾ صلح ڪرائڻ آيو آھيان. منھنجي ڪري صلح نہ پر تلوار ھلندي.٣٥. ڇالاءِجو منھنجي اچڻ ڪري پٽ پيءُ جي خلاف ٿيندو، ڌيءَ ماءُ جي خلاف ۽ نُنھن سس جي خلاف ٿيندي،٣٦. ۽ ماڻھوءَ جا دشمن خود سندس گھر جا ڀاتي ٿيندا.٣٧. جيڪو مون کان وڌيڪ پنھنجي پيءُ يا ماءُ سان پيار ڪري ٿو، سو منھنجي لائق نہ آھي ۽ جيڪو پنھنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو سو بہ منھنجي لائق نہ آھي.٣٨. جيڪو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان نہ ٿو ھلي، سو منھنجي لائق نہ آھي.٣٩. جيڪو پنھنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، سو اُھا وڃائيندو ۽ جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان وڃائيندو سو اُھا حاصل ڪندو.“٤٠. ”جيڪو اوھان کي قبول ٿو ڪري سو ڄڻ مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو ڄڻ ان کي قبول ڪري ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي.٤١. جيڪو نبيءَ کي خدا جو نبي سمجھي قبول ٿو ڪري، تنھن کي نبيءَ جيترو اجر ملندو ۽ جيڪو نيڪ کي نيڪ سمجھي قبول ٿو ڪري، تنھن کي نيڪ جيترو اجر ملندو.٤٢. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي منھنجو شاگرد سمجھي ھڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو پياريندو تہ ان کي ان جو اجر ضرور ملندو.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society