Bible in one year جنوري ١٨متي ١٢:٢٢-٥٠٢٢. پوءِ ڪن ماڻھن عيسيٰ وٽ ھڪ ماڻھو آندو جيڪو انڌو ھو ۽ ڳالھائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻتہ ھن ۾ ڀوت ھو. عيسيٰ ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ھو ڳالھائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.٢٣. ساري خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”ڇا ھي دائود جو پٽ آھي؟“٢٤. جڏھن فريسين کي اھا خبر پيئي تہ چوڻ لڳا تہ ”ھو ڀوتن جي سردار بعلزبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“٢٥. عيسيٰ انھن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنھن بہ بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو پوي ٿو سا برباد ٿيندي ۽ جنھن بہ شھر يا گھر ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سو بہ ھلي نہ سگھندو.٢٦. پوءِ جيڪڏھن شيطان، شيطان کي ڪڍندو تہ منجھس ڦيٽھڙو پوندو ۽ پوءِ سندس بادشاھت ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟٢٧. جيڪڏھن آءٌ بعلزبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوھان جا ماڻھو ڪنھن جي تہ مدد سان انھن کي ڪڍن؟ پوءِ تہ اھي ئي اوھان کي ڪوڙو ڪندا.٢٨. پر جيڪڏھن آءٌ خدا جي روح جي مدد سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ پوءِ ڄاڻو تہ خدا جي بادشاھت اچي پھتي آھي.٢٩. ڪوبہ ماڻھو ڪنھن طاقتور ماڻھوءَ جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت تيستائين ڦُري نہ سگھندو، جيستائين ھو پھريائين اُن طاقتور ماڻھوءَ کي ٻڌي سوگھو نہ ڪندو. تنھن کان پوءِ ئي ھو سندس گھر ڦُري سگھندو.٣٠. جيڪو مون سان نہ آھي سو منھنجي خلاف آھي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏي.٣١. تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھر ھڪ گناھہ ۽ ڪفر ماڻھن کي بخش ٿي سگھندو، پر پاڪ روح جي خلاف بڪيل ڪفر نہ بخشيو ويندو.٣٢. جيڪڏھن ڪو ابنآدم جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس بخش ٿي سگھندو، پر جيڪڏھن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس نڪي ھن جھان ۾ ۽ نہ وري ايندڙ جھان ۾ بخشيو ويندو.“٣٣. ”جيڪڏھن وڻ سٺو آھي تہ ميوو بہ سٺو ڏيندو ۽ جيڪڏھن وڻ خراب آھي تہ ميوو بہ خراب ڏيندو، ڇالاءِجو وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آھي.٣٤. اي نانگ جا ٻچؤ! اوھين ڪيئن چڱيون ڳالھيون چئي سگھو ٿا، جڏھن تہ اوھين پاڻ بڇڙا آھيو. ڇالاءِجو دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جو اندر ٻاھر ڪڍي سو ئي.٣٥. ھڪ نيڪ ماڻھو پنھنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالھيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻھو پنھنجي دل جي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون ڳالھيون ڪڍي ٿو.٣٦. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن ھر ھڪ کي پنھنجي بيڪار ڳالھايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو.٣٧. ڇالاءِجو اوھان جا لفظ ئي اوھان کي ڏوھي يا بيڏوھي ٺھرائيندا.“٣٨. پوءِ ڪن شريعت جي عالمن ۽ فريسين ھن کي چيو تہ ”اي استاد! اسان کي ڪو معجزو ڏيکار.“٣٩. تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”ھن زماني جا ماڻھو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ بيايمان آھن جو مون کان معجزو ٿا گھرن. پر انھن کي يونس نبيءَ جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.٤٠. ڇالاءِجو جيئن يونس ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو ھو، تيئن ابنآدم بہ زمين جي پيٽ ۾ ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون رھندو.٤١. نينواہ جا ماڻھو آخرت جي ڏينھن اُٿي بيھندا ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندا، ڇالاءِجو انھن تہ يونس جي تبليغ تي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪئي ھئي، پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو يونس کان بہ وڏو آھي.٤٢. آخرت جي ڏينھن ڏکڻ جي راڻي اٿي بيھندي ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندي، ڇالاءِجو ھوءَ سليمان جي سياڻپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي ھئي، پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو سليمان کان بہ وڏو آھي.“٤٣. ”جڏھن ڪو ڀوت ماڻھوءَ مان نڪري وڃي ٿو تڏھن اھو ويران ھنڌن ۾ ڪا جاءِ لھڻ لاءِ رلي ٿو، جتي ھو آرام ڪري سگھي. پر کيس آرام نہ ٿو ملي.٤٤. پوءِ ھو چوي ٿو تہ ’آءٌ انھيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو ھوس.‘ موٽي اچڻ تي ھو ڏسي ٿو تہ گھر خالي، صاف ۽ سينگاريل آھي.٤٥. پوءِ ھو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اُھي اُن ماڻھوءَ ۾ داخل ٿي اُتي رھن ٿا ۽ اُن جي حالت اڳي کان بہ وڌيڪ خراب ٿي پوي ٿي. سو ھن بڇڙي زماني جي ماڻھن سان بہ ساڳي حالت ٿيندي.“٤٦. عيسيٰ ميڙ سان اڃا ڳالھائي ئي رھيو ھو تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر اچي پھتا ۽ ساڻس ڳالھائڻ ٿي چاھيائون.٤٧. تنھن تي ماڻھن مان ھڪڙي عيسيٰ کي چيو تہ ”ٻڌو، اوھان جي ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر بيٺا آھن ۽ اوھان سان ڳالھائڻ گھرن ٿا.“٤٨. عيسيٰ چيو تہ ”منھنجي ماءُ ڪير آھي؟ منھنجا ڀائر ڪير آھن؟“٤٩. پوءِ پنھنجن شاگردن ڏانھن اشارو ڪري چيائين تہ ”ڏسو، ھي منھنجي ماءُ ۽ منھنجا ڀائر آھن.٥٠. ڇالاءِجو جيڪوبہ منھنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ تي ھلندو، سو ئي منھنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آھي.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society