Bible in one year جنوري ١٩متي ١٣:١-٣٠١. انھيءَ ساڳئي ڏينھن عيسيٰ گھر مان نڪري ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي تعليم ڏيڻ لاءِ ويھي رھيو.٢. سندس چوڌاري ايترا ماڻھو اچي مڙيا جو پاڻ وڃي ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو ۽ ساري خلق ڪناري تي بيٺي رھي.٣. ھو انھن کي ڪيتريون ئي ڳالھيون مثالن سان ٻڌائڻ لڳو. ھن چيو تہ ”ھڪ ھاري ٻج ڇٽڻ ويو.٤. ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انھن کي چُڳي ويا.٥. ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا. اُتي گھڻي مٽي ڪانہ ھئي، سو سلا جلدي اڀريا، پر پوري مٽي نہ ھئڻ ڪري،٦. جڏھن سج اڀريو تہ لھسجي ويا. ڇاڪاڻتہ انھن کي پاڙ نہ ھئي تنھنڪري سڪي ويا.٧. ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انھن کي اُسرڻ نہ ڏنائون.٨. پر ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ سؤ داڻا ٿيا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيھہ داڻا بہ ڦر ھو.“٩. عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“١٠. پوءِ شاگرد عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”اوھان اُنھن سان مثالن ۾ ڇو پئي ڳالھايو؟“١١. عيسيٰ وراڻيو تہ ”انھيءَ ڪري جو اوھان کي تہ آسمان واري بادشاھت جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آھي پر انھن کي نہ،١٢. ڇالاءِجو جنھن وٽ ڪجھہ آھي، تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو تہ وٽس تمام گھڻو ٿي پوندو. پر جنھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو ھن وٽ آھي.١٣. آءٌ انھن سان مثالن ۾ انھيءَ ڪري ڳالھايان ٿو جو اھي ڏسندي بہ نہ ٿا ڏسن ۽ ٻڌندي بہ نہ ٿا ٻڌن، نڪي ڪا کين سمجھہ ٿي پوي.١٤. اھڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چوايو ھو سو سچو ثابت ٿيو تہ ’اوھين ٻڌندا تہ سھي پر سمجھندا ڪين، اوھين نھاريندا تہ سھي پر ڏسندا ڪين.١٥. ڇالاءِجو ھن قوم جي عقل کي تالو لڳايو ويو آھي، اُھي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آھن، ۽ انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن. انھيءَ لاءِ تہ متان اُھي پنھنجين اکين سان ڏسن، پنھنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنھنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبھہتائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘١٦. پر سڀاڳا آھيو اوھين جو اوھان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوھان جا ڪن ٻڌن ٿا.١٧. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪيترن نبين ۽ نيڪن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ڏسو ٿا سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٻڌو ٿا سو ھو بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“١٨. ”ڌيان سان ٻڌو ۽ ٻج ڇٽڻ واري جي مثال جو مطلب سمجھو.١٩. اُھي جيڪي بادشاھت جو ڪلام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انھيءَ رستي مثل آھن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انھن جي دل مان اُھي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.٢٠. ٽڪرائتي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌي جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا.٢١. پر اھو ڪلام انھن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو ھڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنھنڪري جڏھن ڪلام جي ڪري ڪا مصيبت يا تڪليف اچين ٿي تہ اھي جلدي ڦري وڃن ٿا.٢٢. ڪانڊيرا جن ۾ داڻا ڪريا تن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام تہ ٻڌن ٿا پر ھن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي.٢٣. سٺي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا، اُن کي سمجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا، پوءِ ڪن ۾ سؤ داڻا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيھہ.“٢٤. عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت اھڙي ماڻھوءَ جي مثل آھي جنھن پنھنجي ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو.٢٥. پر ھڪڙيءَ رات جڏھن سڀ ماڻھو ستا پيا ھئا تہ ھن جو ھڪ دشمن اچي ڪڻڪ ۾ ڪانڊيرن جو ٻج ڇٽي ھليو ويو.٢٦. جڏھن سلا اُڀريا ۽ سنگ نڪرڻ شروع ٿيا تہ ڪانڊيرا بہ ظاھر ٿي پيا.٢٧. ان ماڻھوءَ جا نوڪر آيا ۽ چيائونس تہ ’سائين! اوھان تہ ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو ھو پر ھي ڪانڊيرا ڪٿان آيا؟‘٢٨. تنھن تي ھن جواب ڏنو تہ ’اھو ڪنھن دشمن جو ڪم آھي.‘ پوءِ انھن کانئس پڇيو تہ ’اسين وڃي ڪانڊيرن کي پٽيون ڇا؟‘٢٩. ھن ورندي ڏنن تہ ’نہ، ڇالاءِجو جڏھن اوھين ڪانڊيرا پٽيندا تہ متان ڪانڊيرن سان گڏ ڪڻڪ بہ پٽجي اچي.٣٠. ڇڏيو تہ ڀلي ڪڻڪ ۽ ڪانڊيرا گڏ وڌن، تان جو لاباري جو وقت ٿئي. پوءِ آءٌ لاباري ڪندڙن کي چوندس تہ پھريائين ڪانڊيرا پٽي گڏ ڪري باھہ ۾ ساڙين ۽ پوءِ ڪڻڪ گڏ ڪري ڀانڊن ۾ رکن.‘“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society