٤. ھن سڀني سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“
٥. انھن وراڻيو تہ ”يھوديہ جي بيتلحم ۾، ڇالاءِجو نبيءَ جي معرفت ھيئن لکيو ويو آھي تہ
٦. ’اي بيتلحم! يھوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنھن بہ طرح يھوديہ جي شھزادن مان، ڪنھن کان بہ ننڍو نہ آھين. ڇالاءِجو تو منجھان ھڪ حاڪم نڪرندو، جو منھنجي قوم بني اسرائيل جي رھبري ڪندو.‘“
٧. تنھن تي ھيروديس انھن نجومين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪھڙي وقت نظر آيو ھو؟“
٨. پوءِ ھن انھن کي ھي حڪم ڏيئي بيتلحم ڏانھن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏھن اوھين انھيءَ کي لھو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ اچي کيس سجدو ڪريان.“
٩. بادشاھہ جي حڪم موجب اھي روانا ٿيا ۽ رستي ۾ جڏھن اھو تارو ڏٺائون جيڪو اوڀر ۾ ڏٺو ھئائون، تڏھن اھي خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نہ پيا ماپن. اھو تارو سندن اڳيان ھلندو رھيو، تان جو اچي ان جاءِ جي مٿان بيٺو جتي ٻارڙو ھو.
١٠.
١١. ھو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻارڙي کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ ان کي گوڏا کوڙي سجدو ڪيائون. پوءِ انھن پنھنجون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ ھيون.