Bible in one year جنوري ٢٠متي ١٣:٣١-٥٨٣١. عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت سرنھن جي داڻي مثل آھي، جيڪو کڻي ماڻھو پنھنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ٿو.٣٢. جيتوڻيڪ ھو سڀني ٻجن کان ننڍو آھي پر جڏھن اُڀري ٿو تہ سڀني ٻوٽن کان وڏو ٿي وڃي ٿو. اھو وڌي وڻ ٿئي ٿو ۽ پکي اچي ان جي ٽارين ۾ واھيرو ڪن ٿا.“٣٣. عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت خميري مثل آھي، جيڪو ڪنھن عورت کڻي اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“٣٤. عيسيٰ ميڙن کي ھي سڀ ڳالھيون مثالن سان ٻڌائيندو ھو ۽ مثالن کان سواءِ انھن سان ڪلام نہ ڪندو ھو،٣٥. انھيءَ لاءِ تہ جيئن نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو ھو سو سچو ثابت ٿئي تہ ”آءٌ مثالن ۾ ڳالھائيندس ۽ اُھي ڳالھيون چوندس، جيڪي دنيا جي شروعات کان وٺي ڳجھيون رکيون ويون آھن.“٣٦. پ وءِ عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر ھليو ويو. سندس شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ ٻنيءَ ۾ ڪانڊيرا ڦٽڻ جي مثال جي معنيٰ ڇا آھي؟“٣٧. تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جنھن سٺو ٻج پوکيو اھو ابنآدم آھي،٣٨. ۽ ٻني ھيءَ دنيا آھي. سٺو ٻج اھي ماڻھو آھن جيڪي بادشاھت سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪانڊيرا اھي ماڻھو آھن جيڪي شيطان سان واسطو رکن ٿا.٣٩. دشمن جنھن ڪانڊيرا پوکيا سو شيطان آھي. لابارو آھي آخرت جو ڏينھن ۽ لاباري وارا آھن ملائڪ.٤٠. تنھنڪري جيئن ڪانڊيرا گڏ ڪري باھہ ۾ ساڙيا ويندا آھن تيئن آخرت جي ڏينھن بہ ٿيندو.٤١. ابنآدم پنھنجن ملائڪن کي موڪليندو ۽ اھي سندس بادشاھت مان انھن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراھہ ٿا ڪن ۽ بڇڙائي ڪن ٿا.٤٢. اُھي انھن کي باھہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا، جتي ھو رڙيون ڪندا ۽ ڏند ڪرٽيندا.٤٣. پوءِ سچار پنھنجي پيءُ جي بادشاھت ۾ سج وانگر چمڪندا. جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“٤٤. ”آسمان واري بادشاھت ٻنيءَ ۾ لڪل خزاني مثل آھي. جڏھن ڪو ماڻھو اھو لھي ٿو تہ ھو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو. پر ھو ايترو تہ خوش ٿو ٿئي جو پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي وڃي اُھا ٻني خريد ڪري ٿو.٤٥. آسمان واري بادشاھت موتين جي ھڪڙي سوداگر مثل پڻ آھي، جيڪو عمدا موتي ڳولي ٿو.٤٦. جڏھن ھو ڪو تمام عمدو موتي لھي ٿو تہ پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي وڃي اھو موتي خريد ڪري ٿو.“٤٧. ”آسمان واري بادشاھت ھڪڙي ڄار مثل بہ آھي، جيڪو ھڪ ڍنڍ ۾ اڇلايو وڃي ٿو ۽ جنھن ۾ ھر قسم جي مڇي ڦاسي ٿي.٤٨. جڏھن اھو ڄار ڀرجي وڃي ٿو تہ مھاڻا ان کي ڇڪي ٻاھر ڪڍي آڻين ٿا ۽ ڪنڌيءَ تي ويھي ان مان مڇيون ڪڍين ٿا. جيڪا مڇي چڱي آھي سا کاريءَ ۾ وجھن ٿا ۽ ڪني مڇيءَ کي اڇلائي ڇڏين ٿا.٤٩. ساڳيءَ طرح آخرت جي ڏينھن بہ ٿيندو. ملائڪ وڃي نيڪن کان بڇڙن کي ڌار ڪندا،٥٠. ۽ کين باھہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي اُھي رڙيون ڪندا ۽ ڏند ڪرٽيندا.“٥١. پوءِ عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا اوھان ھي سڀ ڳالھيون سمجھيون؟“ ھنن وراڻيو تہ ”ھائو.“٥٢. تنھن تي ھن چين تہ ”جيڪوبہ شريعت جو عالم آسمان واري بادشاھت جو شاگرد ٿئي ٿو تہ اھو اُن گھر جي مالڪ وانگر آھي جيڪو پنھنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“٥٣. جڏھن عيسيٰ ھي مثال ٻڌائي چڪو تہ اتان روانو ٿيو٥٤. ۽ موٽي پنھنجي شھر ناصرت ۾ آيو، جتي سندن عبادتخاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. جن بہ ھن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”ھن ايڏي سياڻپ ۽ معجزن ڪرڻ جي اھڙي طاقت ڪٿان حاصل ڪئي آھي؟٥٥. ڇا ھي ڊکڻ جو پٽ نہ آھي؟ ڇا ھن جي ماءُ جو نالو مريم نہ آھي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يھوداہ ھن جا ڀائر نہ آھن ڇا؟٥٦. ڇا ھن جون ڀينرون ھتي نہ ٿيون رھن؟ ھن ھي سڀ ڪجھہ ڪٿان حاصل ڪيو؟“٥٧. تنھنڪري انھن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھر نبي پنھنجي وطن ۽ پنھنجي خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آھي.“٥٨. ھن اُتي گھڻا معجزا نہ ڪيا، ڇاڪاڻتہ انھن کي يقين ئي ڪونہ ھو. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society