Bible in one year جنوري ٢٢متي ١٤:٢٢-٣٥٢٢. تڏھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوھين ڍنڍ جي ھُن ڀر وڃو.“ پوءِ ماڻھن کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏيائين.٢٣. ماڻھن جي موڪلائڻ کان پوءِ پاڻ ٽڪر تي دعا گھرڻ ويو. شام تائين ھو اتي اڪيلو ئي رھيو.٢٤. انھيءَ مھل تائين ٻيڙي گھڻو پنڌ پري نڪري ويئي ھئي ۽ ڇولين جي لوڏن ۾ اچي ويئي ھئي، ڇالاءِجو واءُ ان جي سامھون ھو.٢٥. رات جي پوئين پھر ۾ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو انھن وٽ آيو.٢٦. جڏھن شاگردن کيس پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تہ دھلجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪو جن آھي.“ سو ھو وٺي ڊپ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳا.٢٧. تنھن تي عيسيٰ ھڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آھيان، دلجاءِ ڪريو.“٢٨. پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن تون آھين تہ مون کي حڪم ڏي تہ آءٌ پاڻيءَ تي ھلي تو وٽ اچان.“٢٩. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو عيسيٰ ڏانھن وڃڻ لڳو.٣٠. پر جڏھن ھن طوفان ڏٺو تہ ڊڄي ويو ۽ ٻڏڻ لڳو. ڊپ مان وٺي رڙيون ڪيائين تہ ”خداوند! بچاءِ، بچاءِ.“٣١. تڏھن عيسيٰ ھڪدم ھٿ ڊگھيري جھلي ورتس ۽ چيائينس تہ ”تو شڪ ڇو ڪيو؟ تنھنجو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي.“٣٢. پوءِ جڏھن ھو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا تہ واءُ بند ٿي ويو.٣٣. تنھن تي جيڪيبہ ٻيڙيءَ ۾ ھئا تن اچي کيس سجدو ڪري چيو تہ ”بيشڪ تون خدا جو فرزند آھين.“٣٤. اھي ڍنڍ پار ڪري گنيسرت جي علائقي ۾ آيا.٣٥. اتان جي ماڻھن عيسيٰ کي سڃاڻي ورتو. تنھنڪري ھنن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ مان بيمار ماڻھو گھرائي عيسيٰ وٽ آندا. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society