Bible in one year جنوري ٢٣متي ١٥:١-٢٠١. تنھن کان پوءِ يروشلم مان ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ٢. ”تنھنجا شاگرد وڏن جي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ ڇالاءِجو ھو ماني کائڻ وقت سندن رسم موجب ھٿ ڪونہ ٿا ڌوئن.“٣. عيسيٰ جواب ڏنن تہ ”اوھين بہ پنھنجي ريتن رسمن جي ڪري خدا جو حڪم ڇو ٿا ڀڃو؟٤. ڇالاءِجو خدا فرمايو آھي تہ ’پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي عزت ڪريو‘ ۽ ’جيڪوبہ پنھنجي پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري تہ ان کي اڦٽ ماريو وڃي.‘٥. پر اوھين ماڻھن کي سيکاريو ٿا تہ جيڪڏھن ڪنھن وٽ ڪا اھڙي شيءِ آھي جنھن سان ھو پنھنجي پيءُ يا ماءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر ھو چوي ٿو تہ ’اھا خدا جي نذر ٿي چڪي آھي،‘٦. تہ پوءِ ڀلي پنھنجي پيءُ جي عزت نہ ڪري. اھڙيءَ طرح اوھين پنھنجي ريتن رسمن جي ڪري خدا جي ڪلام کي رد ڪريو ٿا.٧. اي رياڪارو! بيشڪ خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوھان بابت ڪيتري قدر نہ صحيح چيو آھي تہ٨. ’ھيءَ قوم پنھنجن چپن سان تہ مون کي عزت ڏئي ٿي، پر ھنن جي دل مون کي نہ ٿي گھري.٩. ھو منھنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، ڇالاءِجو ھو ماڻھن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اُھي منھنجا حڪم آھن.‘“١٠. پوءِ عيسيٰ سڄي خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻڌو ۽ سمجھو١١. تہ جيڪابہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي ماڻھوءَ کي پليت ڪري ٿي.“١٢. تڏھن شاگردن اچي چيس تہ ”اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھان جي ھن ڳالھہ جي ڪري فريسين کي سخت مٺيان لڳي آھي؟“١٣. تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منھنجي آسمان واري پيءُ نہ پوکيو آھي سو ضرور پٽيو ويندو.١٤. انھن بابت ڳڻتي نہ ڪريو ڇاڪاڻتہ ھو انڌا اڳواڻ آھن. جيڪڏھن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“١٥. تنھن تي پطرس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ انھيءَ مثال جي معنيٰ ڇا آھي.“١٦. عيسيٰ چيو تہ ”اوھين بہ اڃا تائين بيسمجھہ آھيو ڇا؟١٧. ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي وات اندر وڃي ٿو سو پيٽ ۾ وڃي ٿو ۽ اتان نيٺ ٻاھر نڪري وڃي ٿو.١٨. پر جيڪي شيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اھي ئي شيون انسان کي پليت ڪن ٿيون،١٩. ڇالاءِجو انسان جي دل مان بڇڙا خيال نڪرن ٿا، جيڪي خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاھدي ۽ گلا ڪرائين ٿا.٢٠. اھي ئي تہ شيون آھن جيڪي انسان کي پليت ڪن ٿيون. پر اڻڌوتل ھٿن سان کائڻ ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿو ڪري.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society