Bible in one year جنوري ٢٤متي ١٥:٢١-٣٩٢١. پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي صور ۽ صيدا شھرن جي علائقي ڏانھن ويو.٢٢. اتان جي ھڪ ڪنعاني عورت ھن وٽ آئي ۽ رڙ ڪري چيائينس تہ ”اي سائين! اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو. منھنجي ڌيءَ کي ڀوت آھي، جيڪو کيس ڏاڍو ھلاک ٿو ڪري.“٢٣. پر عيسيٰ ان عورت کي ڪو جواب نہ ڏنو. سندس شاگردن وٽس اچي منٿ ڪري چيس تہ ”ھن کي روانو ڪريو جو ھوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“٢٤. تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”آءٌ رڳو بني اسرائيل جي گھراڻي جي گمراھہ ٿيل رڍن لاءِ موڪليو ويو آھيان.“٢٥. پر ھوءَ اچي عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي ۽ چيائينس تہ ”اي سائين! منھنجي مدد ڪريو.“٢٦. عيسيٰ چيس تہ ”اھو واجب نہ آھي جو ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“٢٧. پر عورت جواب ڏنو تہ ”اھو تہ برابر آھي پر ڪتا بہ تہ مالڪن جي دسترخوان جا ڪريل ٽڪر کائيندا آھن.“٢٨. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي عورت! تون تہ وڏي ايمان واري آھين. جيڪو تون گھرين ٿي اھو تو لاءِ ڪيو ويندو.“ انھيءَ وقت ئي ان عورت جي ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.٢٩. عيسيٰ اتان روانو ٿي گليل ڍنڍ جي ڪناري سان ھلڻ لڳو. پوءِ ھو ھڪڙي ٽڪر تي چڙھي ويو ۽ اُتي ويھي رھيو.٣٠. ماڻھن جا وڏا ميڙ وٽس آيا جن پاڻ سان منڊا، انڌا، ٽُنڊا، گونگا ۽ ٻيا ڪيترا ئي بيمار آندا. انھن کي عيسيٰ جي پيرن وٽ ويھاريائون ۽ ھن کين شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.٣١. جڏھن انھن ڏٺو تہ گونگا ڳالھائين ٿا، ٽُنڊا سڄا ٿي پيا آھن، منڊا گھمن ٿا ۽ انڌا ڏسن ٿا تڏھن ھو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.٣٢. عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي ھنن ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻتہ ھي ٽن ڏينھن کان وٺي مون سان گڏ آھن ۽ ھاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونھي جو کائين. آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ اھي بکيا ھليا وڃن، ڇوتہ متان ھي رستي تي ساڻا ٿي پون.“٣٣. تنھن تي شاگردن چيس تہ ”ھتي سڃ ۾ اسين ھيڏي ساري خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري ماني ڪٿان آڻينداسين؟“٣٤. عيسيٰ پڇين تہ ”اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ست مانيون ۽ ٿوريون ڪُرڙيون.“٣٥. تنھن تي عيسيٰ ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويھو.“٣٦. پوءِ ھن ست ئي مانيون ۽ مڇيون ھٿن تي کڻي انھن ۾ برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو ۽ شاگرد خلق کي ڏيندا ويا.٣٧. انھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏھن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀري کنيون.٣٨. جن ماڻھن کاڌو تن جو تعداد عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ چار ھزار ھو.٣٩. پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي مگدن جي علائقي ڏانھن ھليو ويو. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society