|
|
| ١. ”آسمان واري بادشاھت ڪنھن گھر جي مالڪ مثل آھي، جيڪو صبح جو سوير انھيءَ لاءِ ٻاھر نڪتو تہ پنھنجي انگورن جي باغ ۾ ڪي مزور بيھاري. |
| ٢. ھنن سان روز جي مزوري ھڪ چانديءَ جو سڪو ٻول ڪري کين پنھنجي انگورن جي باغ ۾ موڪليائين. |
| ٣. پھر کن گذرڻ کان پوءِ ھو بازار ويو ۽ ڏٺائين تہ اُتي ٻيا مزور بہ واندا بيٺا آھن. |
| ٤. انھن کي چيائين تہ ’اوھين بہ انگورن جي باغ ۾ وڃي ڪم ڪريو ۽ جيڪو حق ھوندو سو آءٌ اوھان کي ڏيندس،‘ |
| ٥. تڏھن اھي بہ ويا. پوءِ ٻہ پھر گذريا تہ ھو وري ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزور ڪيائين. ٽي پھر گذريا تہ وري بہ ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزور موڪليائين. |
| ٦. ھو وري چوٿين پھر بازار ويو ۽ وري بہ ائين ئي ماڻھن کي واندو بيٺل ڏٺائين ۽ کانئن پڇيائين تہ ’اوھين ھتي سڄو ڏينھن ڇو واندا بيٺا آھيو؟‘ |
| ٧. انھن وراڻيو تہ ’ڇالاءِجو اسان کي پورھئي تي ڪنھن بہ ڪين بيھاريو آھي.‘ تنھن تي ھن چين تہ ’چڱو اوھين بہ وڃي منھنجي انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪريو.‘ |
| ٨. جڏھن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنھنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزورن کي سڏي کين مزوري ڏي. پھريائين انھن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا ھئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انھن کي ڏي جيڪي پھريائين ڪم تي بيٺل ھئا.‘ |
| ٩. جيڪي ماڻھو چوٿين پھر ڪم تي بيٺا ھئا تن مان ھر ڪنھن کي ھڪ چانديءَ جو سڪو مليو. |
| ١٠. تنھنڪري جيڪي ماڻھو پھريائين اچي ڪم تي بيٺا ھئا انھن سمجھيو تہ ’شايد اسان کي گھڻو ملندو،‘ پر انھن مان بہ ھر ھڪ کي ھڪ چانديءَ جو سڪو مليو. |
| ١١. انھن پيسا تہ کنيا پر مالڪ جي خلاف ڪرڪڻ لڳا تہ |
| ١٢. ’اسان، جن سڄو ڏينھن پورھيو ڪيو ۽ سج جي گرمي سَٺي تن کي بہ تو اوتري ئي مزوري ڏني آھي جيتري رڳو ھڪڙي پھر کان بہ گھٽ ڪم ڪندڙن کي ڏني اٿيئي.‘ |
| ١٣. تنھن تي ھُن انھن مان ھڪڙي کي وراڻيو تہ ’ميان! مون تو سان ناحق ڪين ڪيو آھي. ڇا تو مون سان ھڪ چانديءَ جو سڪو مزوري ڪين ٻولي ھئي؟ |
| ١٤. جيڪي تنھنجو حق آھي سو وٺي ھليو وڃ. اھا منھنجي مرضي آھي تہ ھن پوئين کي بہ تو جيترو ڏيان. |
| ١٥. ڇا مون کي اھو حق نہ آھي جو پنھنجي پيسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ آءٌ سخي آھيان تنھن ڪري تو کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟‘ |
| ١٦. ساڳيءَ طرح جيڪي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا.“ |
|
|
| Sindhi Common Bible 2009 |
| 2009 Pakistan Bible Society |