Bible in one year جنوري ٦متي ٥:٢٧-٤٨٢٧. ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’زنا نہ ڪر.‘٢٨. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو ماڻھو ڪنھن عورت ڏانھن بري نگاھہ سان ٿو ڏسي سو پنھنجيءَ دل ۾ ان عورت سان زنا ڪري چڪو.٢٩. جيڪڏھن تنھنجي ساڄي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اھا ڪڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِجو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي.٣٠. جيڪڏھن تنھنجو ساڄو ھٿ تو کي گمراھہ ڪري تہ ان کي وڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِجو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي.“٣١. ”اھو بہ چيو ويو ھو تہ ’جيڪوبہ پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي، سو انھيءَ کي طلاقنامو بہ لکي ڏئي.‘٣٢. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ پنھنجي زال کي زنا جي ڏوھہ کان سواءِ ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو ڄڻ تہ ھن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ جيڪو انھيءَ طلاق ڏنل عورت سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“٣٣. ”ٻيو اوھان اھو بہ ٻڌو آھي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي چيو ويو ھو تہ ’پنھنجا قسم نہ ڀڃو، پر خداوند جي آڏو پنھنجا قسم پورا ڪريو.‘٣٤. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ. اوھين نڪي آسمان جو قسم کڻو، ڇالاءِجو اھو خدا جو تخت آھي٣٥. ۽ نڪي زمين جو قسم کڻو، ڇاڪاڻتہ اھا خدا جي پيرن جي صندلي آھي. اوھين نڪي يروشلم جو قسم کڻو، ڇاڪاڻتہ اھو وڏي بادشاھہ جو شھر آھي٣٦. ۽ نڪي وري پنھنجي سر جو قسم کڻو، ڇاڪاڻتہ اوھين ھڪ وار بہ ڪارو يا اڇو ڪري نہ ٿا سگھو.٣٧. پر رڳو ’ھا‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آھي.“٣٨. ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’اک جي بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند.‘٣٩. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏھن ڪو اوھان کي ڳل تي چماٽ ھڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو.٤٠. جيڪڏھن ڪو ماڻھو تنھنجو پھراڻ وٺڻ لاءِ تو تي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ گھري تہ ان کي پنھنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏ.٤١. جيڪو تو کي بيگر ۾ ھڪ ڪلوميٽر وٺي وڃي، تنھن سان تون ٻہ ڪلوميٽر وڃ.٤٢. جيڪو تو کان ڪا شيءِ گھري تہ اھا کيس ڏي ۽ جيڪو تو کان اڌارو وٺي تنھن کي انڪار نہ ڪر.“٤٣. ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’پنھنجن دوستن سان پيار ڪر ۽ پنھنجن دشمنن کان نفرت ڪر.‘٤٤. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،٤٥. تہ جيئن اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي تنھن جا اوھين ٻار ٿيو. ڇالاءِجو ھو نيڪن ۽ بڇڙن تي پنھنجو سج ھڪجھڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن ۽ ڪوڙن ٻنھي تي ھڪجھڙو مينھن وسائي ٿو.٤٦. جيڪڏھن اوھين رڳو انھن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوھان سان پيار ڪن ٿا تہ اوھان کي ڪھڙو اجر ملندو؟ محصول اڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.٤٧. وري جيڪڏھن اوھين رڳو پنھنجن دوستن کي سلام ڪريو ٿا تہ اوھان ڪا خاص ڳالھہ تہ ڪانہ ڪئي، ڇوتہ غير قومن وارا بہ ائين ئي ڪن ٿا.٤٨. سو اوھين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪامل آھي.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society