١١. جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙي ھئڻ جي پنھنجن ٻارن کي سٺيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيتريون نہ وڌيڪ سٺيون شيون انھن کي ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا!
١٢. جھڙيءَ طرح اوھين چاھيو ٿا تہ ماڻھو اوھان سان سلوڪ ڪن تھڙيءَ طرح اوھين بہ ٻين سان اھڙو ئي سلوڪ ڪريو. اھو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي تعليم جو نچوڙ آھي.“
٢١. ”جيڪي مون کي ’اي خداوند! اي خداوند!‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آسمان واري بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اھي داخل ٿيندا جيڪي منھنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ موجب ھلن ٿا.
٢٢. قيامت جي ڏينھن گھڻا ئي چوندا تہ ’اي خداوند! اي خداوند! اسان تنھنجي نالي تي اڳڪٿيون نہ ڪيون ڇا؟ اسان تنھنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنھنجي نالي تي ڪيترائي معجزا نہ ڪيا ڇا؟‘
٢٣. پر آءٌ کين صاف جواب ڏيئي چوندس تہ ’آءٌ اوھان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان. اي بدڪارو! مون وٽان ھليا وڃو.‘“
٢٤. ”تنھنڪري جيڪوبہ منھنجو ھي ڪلام ٻڌي ان تي عمل ڪري ٿو سو اھڙي سياڻي ماڻھوءَ مثل آھي جنھن پنھنجو گھر ٽڪر تي اڏايو.
٢٥. جيتوڻيڪ مينھن ان تي لاٽان ڪيون، درياءَ ٻوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس پر اھو نہ ڪريو، ڇالاءِجو اھو ٽڪر تي اڏيل ھو.
٢٦. پر جيڪوبہ ماڻھو منھنجو ھي ڪلام ٻڌي ان تي عمل نہ ٿو ڪري، سو اھڙي اياڻي مثل آھي جنھن پنھنجو گھر واريءَ تي اڏايو.