Bible in one year آڪٽوبر ١١ڪلسين ٢:١-٢٣١. آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي خبر پوي تہ اوھان لاءِ، لوديڪيا ۾ رھندڙن لاءِ ۽ انھن سڀني لاءِ جن ذاتي طور منھنجو منھن نہ ڏٺو آھي، آءٌ ڪيتري قدر سخت محنت ٿو ڪريان.٢. اھو آءٌ ھن ڪري ٿو ڪريان تہ سندن دلين ۾ ھمت پيدا ٿئي ۽ اھي محبت سان پاڻ ۾ ھڪ ٿي رھن ۽ پوري سمجھہ جي ڀرپور دولت حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز، يعني مسيح کان واقف ٿين.٣. ھن ۾ ئي ڏاھپ ۽ علم جا سڀ خزانا لڪل آھن.٤. ھي آءٌ انھيءَ ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو ماڻھو گمراھہ ڪندڙ مٺڙيون ڳالھيون ڪري اوھان کي ڀلائي نہ وجھي.٥. ڇالاءِجو جيتوڻيڪ آءٌ جسماني طور اوھان وٽ موجود نہ آھيان، تڏھن بہ روحاني طور اوھان وٽ موجود آھيان. آءٌ اوھان جي قاعدي پٽاندڙ ھلڻ ۽ مسيح تي اوھان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.٦. تنھنڪري جھڙيءَ طرح اوھان عيسيٰ مسيح کي خداوند ڪري قبول ڪيو آھي، تھڙيءَ طرح ساڻس گڏجي ھڪ ٿي زندگي گذاريندا رھو.٧. مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنھنجي زندگي اڏيندا وڃو. جيئن اوھان کي تعليم ملي آھي، تيئن ايمان ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رھو.٨. خبردار رھجو، متان ڪو ماڻھو انھيءَ اجائي ۽ گمراھہ ڪندڙ فيلسوفيءَ سان اوھان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جيڪا ماڻھن جي روايتن ۽ ھن دنيا جي ابتدائي اصولن موجب آھي نہ مسيح موجب.٩. ڇالاءِجو خدا جي ذات جي ساري ڀرپوري، مجسم طور مسيح ۾ ٿي رھي.١٠. مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان کي ڀرپور زندگي ملي آھي. ھو ھر حڪومت ۽ اختيار جو سر آھي.١١. انھيءَ سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان جو اھڙو طھر ٿيو آھي جيڪو ماڻھن جي ھٿن سان نہ، بلڪ مسيح کان ٿيو آھي. انھيءَ طھر سان اوھان جي گناھن سان ڀريل فطرت کي لاٿو ويو آھي.١٢. اوھين بپتسما جي وسيلي مسيح سان گڏ دفن ٿيا ۽ خدا، جنھن کيس مئلن مان جياريو تنھن جي قدرت تي ايمان رکڻ جي ڪري اوھين ساڻس گڏ جياري اٿاريا ويا.١٣. جڏھن اوھين پنھنجي گناھن جي ڪري ۽ پنھنجي گناھن سان ڀريل فطرت جي اڻطھريل ھجڻ ڪري مئل ھئا، تڏھن خدا اوھان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو. ھن اسان جا سڀيئي گناھہ بخشي ڇڏيا،١٤. ۽ پنھنجي حڪمن جي انھيءَ دستاويز کي رد ڪري ڇڏيائين جيڪو اسان بابت ۽ اسان جي خلاف ھو. ھن انھيءَ کي صليب تي ڪوڪا ھڻي پري ڪري ڇڏيو.١٥. خدا حڪومتن ۽ اختيار وارن کان ھٿيار کسي کين کليو کلايو تماشو بڻايو ۽ صليب جي وسيلي انھن تي، جيڪي قيدين وانگر ھئا، فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين.١٦. تنھنڪري ڪوبہ ماڻھو کاڌي پيتي، عيد، نئين چنڊ يا سبت جي ڏينھن جي رسمن بابت اوھان تي تھمت نہ ھڻي.١٧. اھي شيون انھن شين جو رڳو پاڇو آھن جيڪي بعد ۾ اچڻ واريون ھيون، پر حقيقت تہ مسيح پاڻ آھي.١٨. ائين نہ ٿئي جو ڪو ماڻھو ڪُوڙي نِوڙت ڪري ۽ ملائڪن جي عبادت ڪرڻ کي پسند ڪري اوھان کي انعام کٽڻ کان محروم رکي. اھڙو ماڻھو ڏٺل شين ۾ محو ٿي پنھنجي جسماني عقل تي اجايو ڦونڊجي ٿو.١٩. اھو ماڻھو بدن جي سر يعني مسيح سان لاڳاپو نہ ٿو رکي، جنھن سان سارو بدن، سنڌن ۽ ٻنڌن جي وسيلي پاڻ ۾ ڳنڍجي ٿو ۽ پرورش پائي خدا جي مرضيءَ سان وڌندو ٿو وڃي.٢٠. جڏھن اوھين مسيح سان گڏ ھن دنيا جي ابتدائي اصولن بنسبت مري ويا آھيو، تہ پوءِ ڇو اھڙي زندگي ٿا گذاريو جو ڄڻ تہ اوھين ھن دنيا جا آھيو؟ ڇو اھڙن قاعدن جي تابعداري ٿا ڪريو جيڪي چون ٿا تہ٢١. ھن شيءِ کي ھٿ نہ لايو، ھن کي نہ چکو، ھن کي نہ ڇُھو؟٢٢. اھي سڀ شيون ڪم آڻڻ سان ناس ٿي وڃن ٿيون ۽ اھڙي قسم جا حڪم ۽ اھڙي تعليم انسانن جي ٺاھيل آھي.٢٣. اھڙا قانون حقيقت ۾ پنھنجي ٺاھيل عبادت، ڪُوڙي نِوڙت ۽ بدن کي سختي ڏيڻ جي رستي سياڻپ جو رڳو ڏيک رکن ٿا، پر جسماني خواھشن کي روڪڻ لاءِ اھي ڪنھن بہ ڪم جا نہ آھن. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society