Bible in one year آڪٽوبر ١٧1 ٿسلونيڪين ٤:١-١٨١. مطلب تہ، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان اوھان کي سيکاريو ھو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي. سچپچ تہ اوھين اھڙي زندگي گذاري بہ رھيا آھيو. ھاڻي اسين اوھان کي خداوند عيسيٰ جي نالي تي منٿ ٿا ڪريون ۽ نصيحت ٿا ڏيون تہ اوھين انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.٢. ڇالاءِجو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسان اوھان کي خداوند عيسيٰ جي طرفان ڪھڙا ڪھڙا حڪم ڏنا.٣. سو خدا جي مرضي اھا آھي تہ اوھين پاڪ رھو ۽ زناڪاريءَ کان پوريءَ طرح پاسو ڪريو.٤. اوھان مان ھر ڪو ماڻھو پنھنجي بدن کي پاڪ ۽ عزت واري نموني ۾ تابع رکڻ سکي،٥. يعني شھوت جي جوش ۾ انھن قومن وانگر نہ گذاريو، جيڪي خدا کي نہ ٿيون سڃاڻين.٦. سو انھيءَ معاملي ۾ ڪوبہ ماڻھو پنھنجي ھمايمان سان زيادتي يا ٺڳي نہ ڪري. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوھان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آھي تہ خداوند اھڙن سڀني گناھن جي سزا ڏيندو.٧. ڇالاءِجو خدا اسان کي ناپاڪ زندگي گذارڻ لاءِ نہ، بلڪ پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ سڏيو آھي.٨. تنھنڪري جيڪو ھيءَ تعليم رد ٿو ڪري سو ماڻھوءَ کي نہ بلڪ خدا کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوھان کي پنھنجو پاڪ روح ڏئي ٿو.٩. ھاڻي ڀائرن واري محبت بابت اوھان ڏانھن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانھي، ڇالاءِجو ھڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ جي تعليم اوھان پاڻ خدا کان حاصل ڪئي آھي.١٠. سچپچ تہ اوھين پوري مڪدونيا جي سڀني ايمان وارن سان محبت ڪريو بہ ٿا. تڏھن بہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.١١. جھڙيءَ طرح اسان اوھان کي ٻڌايو آھي، تھڙيءَ طرح ڪوشش ڪري صبر سان زندگي گذاريو، پنھنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ پنھنجن ھٿن سان پورھيو ڪريو.١٢. انھيءَ طرح اوھان کي پنھنجي روزاني ھلت جي ڪري ڪليسيا کان ٻاھر وارن کان عزت حاصل ٿيندي ۽ اوھين ڪنھن جا بہ محتاج نہ ٿيندا.١٣. ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين نہ ٿا چاھيون تہ جيڪي مري ويا آھن تن بابت اوھين بيخبر رھو، يا انھن وانگر غمگين ٿيو جن کي اميد ئي ڪانھي.١٤. ڇالاءِجو جيئن اسين ھي مڃون ٿا تہ عيسيٰ مري ويو ۽ وري جي اٿيو، تيئن اسين ھي بہ مڃون ٿا تہ جيڪي عيسيٰ جي ايمان ۾ مري ويا آھن، تن کي بہ خدا عيسيٰ سان گڏ پاڻ وٽ گھرائيندو.١٥. انھيءَ ڪري اسين اوھان کي خداوند جي ڪلام موجب ٿا چئون تہ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا آھيون ۽ خداوند جي اچڻ تائين ڇڏيا ويا آھيون سي انھن کان، جيڪي مري ويا آھن، ڪنھن بہ طرح اڳتي ڪين ٿي وينداسين.١٦. ڇالاءِجو وڏي واڪي سان، وڏي ملائڪ جي آواز سان ۽ خدا جي بگل وڄڻ سان خداوند پاڻ آسمان مان ھيٺ لھندو. پوءِ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ مري ويا آھن سي پھريائين جي اٿندا.١٧. انھيءَ کان پوءِ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا ۽ ڇڏيل ھونداسين سي انھن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کنيا وينداسين، تہ جيئن ھوا ۾ خداوند سان ملاقات ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين ھميشہ خداوند سان گڏ رھنداسين.١٨. تنھنڪري اوھين انھن ڳالھين سان ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھو. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society