Bible in one year آڪٽوبر ١٨1 ٿسلونيڪين ٥:١-٢٨١. ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي وقتن ۽ زمانن جي باري ۾ اوھان ڏانھن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانھي.٢. ڇالاءِجو اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ جيئن رات جو ڪو چور ٿو اچي تيئن خداوند جو ڏينھن اوچتو ايندو.٣. جنھن وقت ماڻھو پيا چوندا تہ امن ۽ سلامتي آھي، انھيءَ وقت جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيندا آھن تيئن اوچتو ئي اوچتو مٿن تباھي اچي نازل ٿيندي ۽ اھي ھرگز نہ بچندا.٤. پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين اونداھيءَ ۾ نہ آھيو جو اھو ڏينھن چور وانگر اوھان مٿان اچي پوي.٥. بلڪ اوھان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينھن سان گھاٽو تعلق آھي. اسان جو رات يا اونداھيءَ سان ڪوبہ تعلق ڪونھي.٦. تنھنڪري اسين ٻين وانگر سمھي نہ رھون، پر اچو تہ جاڳندا ۽ ھوشيار رھون.٧. ڇالاءِجو جيڪي سمھي رھن ٿا سي رات جو ئي ٿا سمھن ۽ جيڪي نشي ۾ چور ٿا ٿين سي رات جو ئي نشو ٿا ڪن.٨. پر اسين ڏينھن وارا آھيون، تنھنڪري اچو تہ ايمان ۽ محبت جي زرہ ڍڪي ۽ ڇوٽڪاري جي اميد جو لوھو ٽوپ پائي ھوشيار رھون.٩. ڇالاءِجو خدا اسان کي غضب سھڻ لاءِ نہ، بلڪ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو آھي تہ اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي ڇوٽڪارو حاصل ڪريون.١٠. ھو اسان جي خاطر مئو، انھيءَ لاءِ تہ اسين جيئرا ھجون يا مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيئون.١١. تنھنڪري ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا ۽ ھڪ ٻئي جي ترقيءَ جو باعث ٿيندا رھو، جيئن سچپچ اوھين ڪريو بہ پيا.١٢. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي عرض ٿا ڪريون تہ انھن ماڻھن جي عزت ڪريو، جيڪي اوھان منجھہ سخت محنت ٿا ڪن. اھي خداوند جا ھئڻ ڪري اوھان جا اڳواڻ آھن ۽ اوھان کي نصيحت ٿا ڪن.١٣. سندن محنت جي ڪري محبت سان کين وڏي عزت ڏيو. اوھين پاڻ ۾ صلح سانت سان رھو.١٤. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻھن کي ھمتايو، ھيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.١٥. خبردار، ڪوبہ ڪنھن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري، بلڪ ھڪ ٻئي سان ۽ سڀني ماڻھن سان ھميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.١٦. ھر وقت خوش رھو.١٧. سدائين دعا گھرندا رھو.١٨. ھر حالت ۾ شڪرگذاري ڪريو، ڇالاءِجو عيسيٰ مسيح جا ھئڻ ڪري اوھان بابت خدا جي اھا ئي مرضي آھي.١٩. پاڪ روح، جيڪو باھہ مثل آھي تنھن کي نہ وسايو.٢٠. جيڪڏھن ڪو نبين وانگر خدا جو پيغام ٻڌائي ٿو تہ ان پيغام کي اجايو نہ سمجھو.٢١. سڀني ڳالھين کي پرکيو، جيڪا چڱي ھجي تنھن کي اختيار ڪريو.٢٢. ھر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.٢٣. شل اطمينان بخشيندڙ خدا پاڻ اوھان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري. شل ھو اوھان جي روح، جان ۽ بدن کي، يعني اوھان کي مڪمل طور اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ تائين بيعيب رکي.٢٤. جنھن اوھان کي سڏيو آھي، سو سچو آھي ۽ ھو ائين ئي ڪندو.٢٥. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو.٢٦. سڀني ايمان وارن کي پيار سان ملي سلام ڏجو،٢٧. ۽ آءٌ خداوند کي حاضرناظر ڄاڻي اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ھي خط کين پڙھي ٻڌائجو.٢٨. شل اوھان تي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ھجي. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society