|
|
| ١. تنھنڪري، آءٌ سڀ کان پھريائين ھيءَ نصيحت ٿو ڪريان تہ منٿون، دعائون، گذارشون ۽ شڪرگذاريون سڀني ماڻھن لاءِ ڪيون وڃن. |
| ٢. خاص طرح بادشاھن ۽ سڀني اختياريءَ وارن لاءِ دعا گھرو، انھيءَ لاءِ تہ اسين پوري دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ آرام جي زندگي گذاريون. |
| ٣. اھا ڳالھہ چڱي ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي نظر ۾ وڻندڙ آھي. |
| ٤. ھو چاھي ٿو تہ سڀني ماڻھن کي ڇوٽڪارو ملي ۽ کين سچائيءَ جي ڄاڻ پوي. |
| ٥. ڇالاءِجو خدا ھڪڙو آھي ۽ خدا ۽ ماڻھن جو وچ وارو بہ ھڪڙو ئي آھي، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو انسان آھي. |
| ٦. ھن سڀني ماڻھن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو. انھيءَ ڳالھہ جي مناسب موقعي تي شاھدي ڏني ويئي. |
| ٧. انھيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ تبليغ ڪندڙ، رسول ۽ غير قومن کي ايمان ۽ سچائيءَ جي تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيس. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان. |
| ٨. منھنجي مرضي آھي تہ مرد ھر ھنڌ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پاڪ ھٿ کڻي دعا گھرن. |
| ٩. ساڳيءَ طرح عورتن کي گھرجي تہ حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي، لڄ ۽ پرھيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پھرڻ سان. |
| ١٠. بلڪ اھي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انھن عورتن کي مناسب آھي، جيڪي پاڻ کي خداپرست ٿيون چوائين. |
| ١١. عورت کي گھرجي تہ ماٺ ڪري پوري تابعداريءَ سان تعليم حاصل ڪري. |
| ١٢. آءٌ اجازت نہ ٿو ڏيان تہ عورت مرد کي تعليم ڏئي يا مٿس حڪم ھلائي، بلڪ خاموش رھي. |
| ١٣. ڇالاءِجو پھريائين آدم جوڙيو ويو ۽ پوءِ حوا. |
| ١٤. جيئن تہ آدم ٺڳيو نہ ويو، پر عورت ٺڳجي ويئي ۽ گناھہ ۾ گرفتار ٿي. |
| ١٥. تنھن ھوندي بہ ٻارن ڄڻڻ سان عورت بچي ويندي، بشرطيڪ ھوءَ ايمان، محبت ۽ پاڪيزگيءَ تي پرھيزگاريءَ سان قائم رھي. |
|
|
| Sindhi Common Bible 2009 |
| 2009 Pakistan Bible Society |