|
|
| ١. ڪنھن وڏيءَ عمر واري ماڻھوءَ کي سختيءَ سان ڇڙٻ نہ ڏي، بلڪ انھيءَ کي پيءُ وانگر سمجھي ساڻس سلوڪ ڪر. نوجوانن سان ڀائرن وانگر ھل. |
| ٢. وڏيءَ عمر وارين عورتن کي ماءُ وانگر سمجھہ ۽ جوان عورتن کي ڀينرن وانگر سمجھي ساڻن پوريءَ پاڪيزگيءَ سان پيش اچ. |
| ٣. انھن رننزالن جو پورو قدر ڪر، جيڪي سچپچ نڌڻڪيون آھن. |
| ٤. پر جيڪڏھن ڪنھن رنزال کي ڌيئر پٽ، يا انھن جا ٻار ھجن تہ اھي سڀ کان پھريائين پنھنجي گھراڻي سان دينداريءَ واري ھلت ڪرڻ ۽ پنھنجي ماءُپيءُ ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇالاءِجو خدا کي اھو پسند آھي. |
| ٥. اھا رنزال جيڪا سچپچ رنزال ۽ بلڪل اڪيلي آھي، سا خدا تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينھن خدا کي منٿون ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي رھي. |
| ٦. پر جيڪا رنزال عيش عشرت ۾ ٿي گذاري، سا جيئري ئي مئل آھي. |
| ٧. انھن ڳالھين لاءِ کين ھدايت بہ ڪر تہ جيئن مٿن ڪوبہ الزام نہ ھڻي. |
| ٨. جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجن مائٽن ۽ خاص ڪري پنھنجي گھر ٻار جو بندوبست نہ ٿو ڪري، تہ اھو ايمان کان انڪاري ٿيو ۽ انھيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آھي جنھن جو ڪو ايمان ڪونھي. |
| ٩. رننزالن جي ياداشت ۾ انھيءَ رنزال جو نالو لکيو وڃي، جنھن جي عمر سٺ سالن کان گھٽ نہ ھجي ۽ جيڪا رڳو ھڪڙي مڙس جي زال ٿي رھي ھجي. |
| ١٠. اھا چڱن ڪمن ڪرڻ ڪري مشھور ھجي، ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مھماننوازي ڪئي ھجائين. ھن ايمان وارن جا پير ڌوتا ھجن، ڏکويلن جي مدد ڪئي ھجائين ۽ سڀني چڱي قسم جي ڪمن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھجائين. |
| ١١. پر جوان رننزالن کي انھيءَ ياداشت ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇالاءِجو جڏھن اھي مسيح کان ڦري پنھنجي نفساني خواھشن جي تابع ٿين ٿيون تڏھن شادي ڪرڻ گھرن ٿيون. |
| ١٢. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجو پھريون واعدو ڀڃي پاڻ کي سزا جي لائق ٿيون بڻائين. |
| ١٣. تنھن کان سواءِ اھي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ سکن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪرڻ، ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ اھڙيون ڳالھيون ڪرڻ بہ سکن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن. |
| ١٤. تنھنڪري آءٌ جوان رننزالن کي صلاح ٿو ڏيان تہ ڀلي شادي ڪن، ٻار ڄڻين، پنھنجا گھر سنڀالين ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين. |
| ١٥. ڇالاءِجو ھن کان اڳ ئي ڪي رنونزالون گمراھہ ٿي ڪري شيطان جي پيروي ڪرڻ لڳيون آھن. |
| ١٦. جيڪڏھن ڪنھن ايمان واري عورت جي گھراڻي ۾ رنونزالون ھجن، تہ اھا ئي سندن پرگھور لھي ۽ ڪليسيا تي انھن جو بار پوڻ نہ کپي، انھيءَ لاءِ تہ ڪليسيا انھن رننزالن جي مدد ڪري سگھي جيڪي نڌڻڪيون آھن. |
| ١٧. جيڪي بزرگ ڪليسيا جو انتظام چڱيءَ طرح ٿا ھلائين، خاص ڪري اھي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھڻ گھرجن. |
| ١٨. ڇالاءِجو پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”جڏھن ڪو ڍڳو ڳاھہ ۾ وھي، تڏھن ان جو ٻوٿ نہ ٻڌ.“ ۽ ”مزور پنھنجي مزوريءَ جو حقدار آھي.“ |
| ١٩. ڪنھن بزرگ تي ڪا تھمت اچي تہ اھا ٻن يا ٽن شاھدن کان سواءِ نہ ٻڌ. |
| ٢٠. جيڪي گناھہ ڪندا ٿا رھن، تن کي سڀني ماڻھن جي اڳيان ملامت ڪر تہ جيئن ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي. |
| ٢١. خدا، عيسيٰ مسيح ۽ چونڊيل ملائڪن کي حاضر ڄاڻي آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ انھن ھدايتن تي بنا تعصب جي عمل ڪر ۽ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ طرفداري نہ ڪر. |
| ٢٢. ڪنھن ماڻھوءَ تي ھٿ رکڻ ۾ اُٻھرو نہ ٿيءُ ۽ نڪي ٻين جي گناھن ۾ شريڪ ٿيءُ. پاڻ کي پاڪ رک. |
| ٢٣. ھاڻي رڳو پاڻي نہ پيءُ، پر پنھنجي معدي ۽ اڪثر بيمار رھڻ جي ڪري ٿوري مئي استعمال ڪندو ڪر. |
| ٢٤. ڪن ماڻھن جا گناھہ سندن عدالت ۾ پھچڻ کان اڳي ئي صاف ظاھر ٿا ٿين، پر ڪن جا گناھہ آخر ۾ ظاھر ٿين ٿا. |
| ٢٥. ساڳيءَ طرح چڱا ڪم بہ صاف ظاھر ٿا ٿين ۽ جيڪي ظاھر نہ آھن سي بہ لڪل نہ ٿا رھي سگھن. |
|
|
| Sindhi Common Bible 2009 |
| 2009 Pakistan Bible Society |