Bible in one year آڪٽوبر ٢٨2 تيمٿيس ١:١-١٨١. ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو انھيءَ زندگيءَ جي واعدي موجب، جا عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ سان آھي، خدا جي مرضيءَ سان عيسيٰ مسيح جو رسول آھي.٢. ھي منھنجي پياري فرزند تيمٿيس ڏانھن لکجي ٿو. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.٣. جنھن خدا جي عبادت منھنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انھيءَ جي عبادت صافدليءَ سان ڪندي ۽ پنھنجين دعائن ۾ رات ڏينھن سدائين تو کي ياد ڪندي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان.٤. تنھنجي ڳوڙھن کي ياد ڪري تنھنجي ڏسڻ لاءِ سڪان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ خوشيءَ سان ڀرجي وڃان.٥. مون کي تنھنجو اھو سچو ايمان ياد آھي، جيڪو پھريائين تنھنجي نانيءَ لوئس ۽ تنھنجي ماءُ يونيڪيءَ جو ھو ۽ مون کي يقين آھي تہ تنھنجو بہ ساڳيو ايمان آھي.٦. انھيءَ سبب ڪري آءٌ تو کي ياد ٿو ڏياريان تہ تون خدا جي انھيءَ نعمت کي شعلي وانگر ڀڙڪاءِ، جيڪا منھنجي ھٿن رکڻ جي ڪري تو کي مليل آھي.٧. ڇالاءِجو خدا اسان کي بزدليءَ وارو روح نہ ڏنو آھي، بلڪ طاقت وارو، محبت وارو ۽ خود ضابطي وارو روح ڏنو اٿس.٨. تنھنڪري اسان جي خداوند بابت شاھدي ڏيڻ کان توڙي مون کان، جيڪو سندس قيدي آھيان شرم نہ ڪر، بلڪ خدا کان ملندڙ طاقت موجب خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سھُہ.٩. انھيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگيءَ ڏانھن سڏيو، اسان جي عملن جي ڪري نہ، بلڪ پنھنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب. اھو فضل اسان تي عيسيٰ مسيح جي وسيلي ازل کان وٺي ڪيو ويو ھو.١٠. پر اھو ھاڻي اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي اچڻ ڪري ظاھر ٿيو، جنھن موت کي ناس ڪري زندگيءَ ۽ بقا کي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آندو.١١. انھيءَ خوشخبريءَ جو آءٌ منادي ڪندڙ، رسول ۽ استاد مقرر ٿيس.١٢. انھيءَ سبب ڪري ئي آءٌ ھي ڏک بہ ٿو سھان. تنھن ھوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻتہ جنھن تي مون ايمان آندو آھي، تنھن کي آءٌ سڃاڻان ٿو. مون کي يقين آھي تہ جيڪي ڪجھہ ھن منھنجي حوالي ڪيو آھي، تنھن جي ھو انھيءَ ڏينھن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.١٣. جيڪي صحيح ڳالھيون تو مون کان ٻڌيون، تن جو نمونو انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ دل ۾ سانڍي ڇڏ، جيڪو مسيح جو ھئڻ ڪري تو کي آھي.١٤. جيڪي چڱيون ڳالھيون تو کي سونپيون ويون آھن تن جي حفاظت ڪر. ھا، انھن جي حفاظت پاڪ روح جي مدد سان ڪر، جيڪو اسان ۾ رھي ٿو.١٥. تو کي خبر آھي تہ ايشيا پرڳڻي جا سڀ ماڻھو، فوگلس ۽ ھرموگنيس سميت مون کان ڦري ويا آھن.١٦. خدا شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي رحم ڪري، ڇالاءِجو ھن ڪيترائي ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو ۽ منھنجي قيدي ھئڻ جي ڪري ڪو عار نہ ڪيائين.١٧. اٽلندو جڏھن ھو روم شھر ۾ آيو تہ منھنجي ڏاڍي ڳولا ڪيائين، تان جو مون کي اچي لڌائين.١٨. شل خداوند ھن کي انھيءَ ڏينھن تي پنھنجو رحم عطا ڪري. تو کي چڱيءَ طرح خبر آھي تہ ھن اِفسس شھر ۾ منھنجي ڪيتري نہ مدد ڪئي. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society